شٽل ڊپلوميسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اچ وڃ سفارتڪاري يا ڊُڪ ڊوڙ سُفارتڪاري يا شٽل ڊپلوميسي (Shuttle Diplomacy) هڪ اهڙي سفارتڪاريءَ چئجي ٿو جنهن ۾ اٽڪل ذريعي هڪ وچٿري يا اڻڌري ڌر ٻن دشمن ملڪن وچ ۾ سرچاءَ لاءِ رستو ٺاهيندي آهي. اُها طاقت هڪ ڌُر جا ويچار ٻيءَ ڌر تائين پهُچائي، منجهن پيل وڇوٽيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندي آهي. هن سفارتڪاريءَ ۾ خير ڪرائيندڙ ڌُر کي ٻنهي طرفن ڏانهن گهڻي ڊڪ ڊُوڙ ڪرڻي پوندي آهي ۽ تڪڙا دورا ۽ صلاح مصلحت ڪرڻي پوندي آهي. هيءُ اصطلاح پهريون ڀيرو آمريڪي پرڏيهي وزير هينري ڪنسجر جي حوالي سان مشهور ٿيو، جنهن اسرائيل ۽ عربن جي وچ ۾ لڳل جنگ ٽارڻ لاءِ سرگرميءَ سان سفارتي ڪوششون ڪندي، وچ اوڀر جا تمام گهڻا دورا ڪيا ۽ سياسي توڙي سفارتي اڳواڻن سان رابطي ۾ رهندي علائقائي امن جي بحاليءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو . تازو برطانيا طرفان انڊونيشيا ۽ اوڀر تيمور جي وچ ۾ تڪرار حل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي اچ وڃ سُفارتڪاري ڪئي وئي.[1]

حوالا[سنواريو]