مواد ڏانھن هلو

شيوا منڊلي لاڙڪاڻو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شيوا منڊلي لاڙڪاڻو لاڙڪاڻي شهر ۾ 1893ع کان ”شيوا مــَـنڊلي“ نالي هندن جو وڏو ادارو قائم ڪيل هو. هن اداري ۾ سماجي سرگرمين بابت اهم فيصلا طئي ٿيندا هئا. خاص ڪري پئنچاتي مسئلا ۽ شهر جي بهبوديءَ لاءِ ورتل اُپاءَ هن ”خدمت گهر“ ۾ ويهي نبيريا ويندا هئا. شهر خواهه آسپاس جا ڀائيبند هن مــَـنڊليءَ لاءِ دل کولي امداد ڏيندا هئا. عام ماڻهن جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ ســُـک جا ڪيترائي ڪم ٿيا. شيوا مــَـنڊليءَ جي عمارت ۾ مفت دواخانو کوليو ويو. ازان سواءِ رستن تي جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ حوض ٺهرايا ويا، گهٽين توڙي چونڪن ۾ روشنيءَ لاءِ فانوس هڻايا ويا، شاهي بازار ۾ حفاظت لاءِ جوڳو بندوبست ڪيو ويو. غريب ۽ بي سهارن لاءِ مسافرخانا ٺهرايا ويا ۽ هندو شاگردن کي مفت ڪتاب ۽ اِسڪالرشپون مليون. مطلب ته هن سماجي خدمت واري اداري عام ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪيئي ڪم سرانجام ڏنا. شيوا مـــنـَـڊليءَ جي طرفان لاڙڪاڻي شهر ۾ مختلف هنڌن تي ننڍيون ننڍيون لائبرريون قائم ٿيون، جيڪي ماڻهن کي پڙهڻ لاءِ ڪتاب، اَخبارون ۽ رسالا مفت مهيا ڪنديون رهيون. منجهن هندي، انگريزي، اُردو ۽ سنڌي ڪتابن جو چڱو تعداد موجود هو. لائبرريون شهر جي ڪيترن ئي مکيه چؤنڪن ۾ پڻ قائم ڪيون ويون. لائبررين کي پنهنجا ننڍا ننڍا باغيچا به هئا، جتي شهر واسي ۽ ڪامورا شام جو تفريح لاءِ ايندا هئا. هن وقت شيوا مــَـنڊليءَ واري عمارت ۾ ميونسپل ڪاميٽيءَ طرفان ”شفاخانو“ قائم آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ