شيخ محمد بغدادي(انگريزي: Sheikh Muhammad Baghdadi)شيخ محمد بغدادي ابن بطوطا جي سيوهڻ ۾ قيام واري زماني ۾ مخدوم لعل شهباز قلندر رحه جي خانقاه جو متولي هو. شيخ ابن بطوطا ساڻس ملاقات ڪئي هئي. ان وقت شيخ بغداديءَ جي عمر هڪ سؤ چاليهه ورهيه هئي. هلاڪوءَ جڏهن معتصم بالله عباسيءَ کي شهيد ڪيو هو، تڏهن شيخ بغدادي، بغداد ۾ موجود هو [1][2]