شيخ ابوالغيث بکري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد ابو الغيث بکري
سيد
سيد ابو الغيث بکري
وفات بکر ، سنڌ
قومیت بکري
نسل سنڌي
دور سمن جو دؤر
خطو اسلام
مذھب اسلام
فقہ فقه حنفي

سيد ابوالغيث بکري(انگريزي: Syed Abu Al Gais Bakhri) وڏي رتبي جو بزرگ ٿي گذريو. امير تيمور گورگانيءَ جي پوٽي، مرزا پير محمد، اُچ ۽ ملتان جا قلعا فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڌ ڏانهن اچڻ جو خيال ڪيو. اُچ کي تباهه ڪرڻ کان پوءِ ان بکر جي معزز ماڻهن کي حاضر ٿيڻ لاءِ قاصد موڪليو، جن حاضر ٿيڻ بدران جيسلمير ڏانهن هجرت ڪئي. فقط سيد ابوالغيث بکر مان اُچ وڃي مرزا پير محمد سان ملاقاتي ٿيو. مرزا، سيد صاحب کي ڏسي سروقد اُٿي بيٺو ۽ هن جي تمام گهڻي تعظيم ۽ آدرڀاءُ ڪيائين. جڏهن شاه صاحب مرزا کان موڪلائي بکر ڏي ٿي موٽيو، تڏهن مرزا پير محمد کيس هڪڙو عمدو گهوڙو، سروپاءَ ۽ ٻيون به قيمتي سوکڙيون ۽ نذرانا ڏنا ۽ الور جي پرڳڻو جاگير طور بخش ڪيائينس. اهڙيءَ طرح سنڌ امير تيمور جي اُڙدي جي لٽ مار ۽ غارتگريءَ کان بچي ويئي. ساڳيءَ طرح شيخ احمد جي چوڻ تي امير تيمور دهليءَ جي قيدين کي آزاد ڪيو هو.[1] .[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سکر :مصنف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ؛ڇاپو: پهريون سال؛ 1992ع ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ