شورو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شورو:


نالا: ع. ابقر، ف. شوره، هه. وغيره___ چهاچاڪاره، يسو، شورج، تلاتيسين ۽ کهيوخته. اڇي رنگ جا قلمن وانگر ٽڪر ٽڪر ٿيندا آهن. ڪلراٺي زمين جي پيدائش آهي.

طب[سنواريو]

خاصيت: گهاٽي بلغم لاءِ جلاب آهي. ڪچن خلطن کي پچائي ڪڍي ٿو. معدي، آنڊن ۽ اندرين پردن جي رطوبت کي دستن جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿو. کنڊ سان ملائي کارائبو ته حيض ۽ پيشاب کي جاري ڪندو. مثاني جي ڦ[1]ٽ، مثاني جي پٿري، پرميل، جلندر، ٻرهل، چيلهه جي سور، قولنج، اکين جي ڌنڌ، خارش، ۽ کاڌ لاءِ مفيد آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو