شهزادي (اداڪارا)
ممڪن آهي هن مضمون جي مواد کي وڪي (انسائيڪلوپيڊيا) طرز تي آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هيءَ وڪيپيڊيا جي ڪيفيت معيار تي پوري لهي سگهي۔ مهرباني ڪري مضمون ۾ اندروني لاڳاپيل رابطا وجهي ڪري يا مضمون جي خاڪي ۾ بهتري آڻي مدد ڪريو۔ |
| ||
| تاريخ پيدائش: | 1941 | |
| پيدائش هنڌ: | ||
| تاريخ وفات: | 2003 | |
| هنڌ وفات: | ڪراچي | |
شهزادي، ڄيڪا ”وڏيري“ جي نالي سان پڻ سڃاتي ويندي هئي، سا سنڌ جي ڪلاڪار هئي. ٽي وي ، فلم ۽ ريڊيو جي مشهور فنڪارا_شهزادي ٻن ڏهاڪن تائين سنڌي فلم ۽ ٽي وي ڊرامن جي دنيا تي راڄ ڪندي رهي. هوءَ هڪ اهڙي اداڪارا هئي جنهن هيروئڻ جي مرڪزي ڪردارکان وٺِي ڪريڪٽر ايڪٽريس تائين ۽ بدمعاش ولن جي ڪردارن ۾ پڻ ڀرپور طريقي سان پاڻ ملهائيو.
ٽي وي
[سنواريو]شهزاديءَ پنهنجي فن جي شروعات ريڊيو ڊرامن مان ڪئي، جنهن کانپوءِ هن فلم ۽ ٽي ويءَ تي پڻ ڪم ڪيو. هن هڪ هزار کان وڌيڪ سنڌي،اردو ڊرامن ۾ ڪلاڪاري ڪئي. سندس پهريون ٽي وي ڊرامو “زينت“ هيو، جنهن جو پيشڪش ڪار پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر جو پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ هيو.اهڙيءَ ريت هن عبدالقادر جوڻيجو ۽ نورالهُديٰ شاهه جي شهرِآفاق ٽي وي سيريل ”جنگل“،”ديوارين“، ”راني ڪي ڪهاني“ ۽ اردوءَ جي ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو.
فلم
[سنواريو]شهزادِيءَ ڪيترئين ئي سنڌي فلمن ۾ هيروئڻ جو ڪردار ادا ڪيو، جِن ۾ پنو عاقل ۽ پَروُ چانڊيو وغيره شامل آهن. هوءَ سنڌي فلمن ۽ شوبز جي دنيا ۾ “وڏيري“ يعني وڏيءَ جي نالي سان مشهور ٿي.
آخري عمر
[سنواريو]شهزاديءَ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڪمرپسيءَ ۾ گذاريا، بيماريءَ کان پهرئين هِن گهر جو بورچيخانو هلائڻ لاءِ ڪپڙن جو دڪان کوليو ۽ يونيورسٽي روڊ تي ڪراچيءَ ۾ هر آچر جي ڏينهن لڳندڙ بازار پِڙيءَ ۾ ڪپڙي جو اسٽال لڳائيندي رهي.حڪومت پاران سندس ڪا بہ مدد نہ ڪئي وئي، معدي جي ڪينسر جي ڪارڻ هِن جو انتقال ٿيو.