شملا مرچ Capsicum هڪ فائديمند سبزي آهي. هن ٻوٽي جي خاندان جو حياتياتي نالو Solanaceae آهي. هن جا ڪيترائي قسم آهن. جن جو رنگ عام طور تي سائو ڳاڙهو، ڦڪو ۽ تيز ڳاڙهو هوندو آهي. هن جو آبا.ي وطن ميڪسيڪو ۽ چلي آهي جتي هي ٽي هزار سالن کان وڌيڪ عرصي کان پوکيو پيو وڃي.