مواد ڏانھن هلو

شمشاد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شمشاد
شمشاد وڻ
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Buxaceae
Genus: Buxus
ڪارل لينيوئس
جنسون

ھن وڻ جون لڳ ڀڳ 70 جنسون ملن ٿيون

بڪسس سيمپرورينس
بڪسس سنيڪا


شمشاد فارسي ٻولي جو لفظ آهي جنھن کي عربي ۾ بقس يا شمشاد ، ھندي ۾ 'شنشو ۽ لوطوس ۽ انگريزي ۾ باڪس ٽري (انگريزي: Box tree ) سڏيو ويندو آهي. ان جو نباتاتي نالو بڪسس(انگريزي: Buxus) آھي. اھو ھڪ وڏو وڻ ٿيندو آهي. ان جا پن ڏاڙهون جي پنن جهڙا، گل اڇي رنگ جو ۽ ٻج ڪاري رنگ جو ٿئي ٿو. انگريزي ۾ ان جي ڪاٺي کي باڪس ووڊ (انگريزي: Boxwood ) چوندا آهن. ھي وڻ ايشيا ۾ چين ملائيشيا، فلپائن، ڪوريا ۽ جاپان ۾ گھڻو ملندو آهي. ان کان علاوه آفريڪا ۽ اتر آمريڪا جي ملڪن ۾ پڻ ان جون مختلف جنسون ملن ٿيون. ھن وڻ جو عربي ۽ فارسي نالو: شمشاد عام طور تي مردن ۽ عورتن جو اسلامي نالو پڻ آھي. ھن وڻ جي تشبيھ صنوبر جي وڻ سان ڪئي ويندي آهي.

هن جا پن مينديءَ سان ملائي مٿي تي پني ڪري رکائڻ سان گرميءَ کان پيل مٿي جو سور لاهيندا ۽ وارن کي کسجڻ کان محفوظ ڪندا. هن جو ٻج قابض آهي، جيڪو دستن، رت جي دستن، سوري، پيچش، آنڊن ۽ معدي جي رطوبت ۽ وات مان گهڻي پاڻيءَ جي اچڻ لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.