شمسي حرارتي قوت گھر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شمسي حرارتي قوت گھر

شمسي حرارتي قوت گھر (Solar Thermal Power Plant/Station) ۾ آئينن جي مدد سان سج جي توانائي جي ذريعي تمام تيز گرمي پد حاصل ڪيو ويندو آھي- آئينن تي موجود حاصل ڪندڙ ۾ ھڪ مايو جيڪو عموماً خاص حرارتي تيل ھوندو آھي، گرم ڪيو ويندو آھي. ھن تيل ۾ موجود حرارت کي حرارتي مبادلن جي ذريعي پاڻي ۾ منتقل ڪري ڇڏيو ويندو آھي- پاڻي بخارن کان ٻاڦ بڻجي ويندو آھي جنھن جي مدد سان ٻاڦي چڪي ھلائي ويندي آھي- پوءِ ھڪ برق پيداور چڪي جي حرڪت کي بجلي ۾ تبديل ڪندو آھي- شمسي حرارتي قوت گھر سڀ کان وڌيڪ توانائي ان وقت پيدا ڪري سگھن ٿا جڏھن ھي دنيا جي شمسي پٽي ۾ واقع ھجن، جھڙوڪ اتر آفريڪا، وچ اوڀر، آمريڪا ۽ آسٽريليا جا ريگستان [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سيمنس ورلڊ - شمارو ڊسمبر 2009