شعار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شعار جي معني نشاني يا علامت آهي. ھر اھا شئي جيڪا ڪنھن مسلڪ يا عقيدي يا طرز فڪر ۽ عمل يا ڪنھن نظام جي نمائندگي ڪري اھا ان جو شعار سڏبي آھي ڇوتہ اھا ان جي علامت يا نشاني جو ڪم ڪندي آهي[1]. سرڪاري جھنڊا، فوج ۽ پوليس وغيره جا يونيفارم، سڪا، نوٽ، ٽڪليون وغيره حڪومتي شعار ھوندا آھن. ۽ اھي پنھنجي محڪمن سان، بلڪه جن جن تي ان جو زور ھلي سڀني کان انھن نشانين جي احترام جو مطالبو ڪندا آهن. گرجا، قربانگاھ ۽ صليب عيسائيت يا مسيحيت جا شعار آھن. چوٽي ، زنار ۽ مندر برھمڻن جا شعار آھن. ڪيس، ڪڙو ۽ ڪرپان سک مذهب جا شعار آھن. ھٿوڙو ۽ ڏاٽو اشتراڪيت جا شعار آھن. سواستيڪا آريا نسل جو شعار آھن[1]. اھي سڀ مسلڪ پنھنجي پوئلڳن کان پنھنجي شعارن جي احترام جي گھر ڪن ٿا[1]. جيڪڏهن ڪوئي ڪنھن نظام جي شعار جي توھين ڪري ٿو ته ان جو مطلب آهي ته اھو ان نظام جي خلاف دشمني رکي ٿو ۽ اھو توھين ڪندڙ خود ان ئي نظام سان تعلق رکندڙ آهي تہ ان جو اھو فعل پنھنجي نظام کان ارتداد ۽ بغاوت جي مترادف آهي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه :439