مواد ڏانھن هلو

شطرنج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شطرنج هڪ عالمي راند آهي. تحقيق مان ثابت ٿئي ٿو تہ هيءَ راند اصلي سنڌ جي هڪ سياڻي ٺاهي ۽ ان وقت جي راجا کي ڏيکاري هئي. اُن جو تفصيل ‘عرب و هند ڪي تعلقات’ ڪتاب ۾ موجود آهي، جنھن ۾ بادشاھ کي ‘چوسر’ ٺاهي ڏيکاري وئي هئي. راند ۾ اهو سمجهايو ويو آهي تہ انساني ڪوشش جي ڪري دنيا ۾ سڀ ڪجهہ آهي. اهو فلسفو ‘يعقوبي’ (تاريخ يعقوبي جلد اول) ۾ ڏيکاريو ويو آهي. هن راند جو اصل نالو ’چتررنگ‘ آهي جيڪو بگڙجي شطرنج ٿيو آهي، انگريزي ۾ هي راند (Chess) جي نالي سان مشھور آهي. شطرنج راند کيڏڻ جو تختو (بورڊ) چورس مستطيل هوندو آهي. ان ۾ 64 خانا هوندا آهن، 32 خانا ڪاري رنگ جا ۽ 32 خانا اڇي رنگ جا هوندا آهن. خانن وارو ڪپڙو يا دفتري هوندي آهي، جنھن کي ’بساط‘ چئجي ٿو. سارين کي مھرا چئجي ٿو. ڪُل 32 مھرا هوندا آهن. هڪ هڪ رانديگر وٽ 16 مُهرا هوندا آهن. هن راند کي ٻہ ڄڻا کيڏيندا آهن. مُھرن جو رنگ ٻن رنگن ۾ هوندو آهي.[1]

شطرنج

تفصيل

[سنواريو]

مُھرن ۾ 1 بادشاھ، 1 وزير، 2 گهوڙا، 2 ٽنگو/ اُٺ، 2 هاٿي/توبون ۽ 8 پيادا هوندا آهن. هن راند جي شروع وارن اٺ خانن ۾ بادشاھ، راڻي، هاٿي ۽ گهوڙو رکيو ويندو آهي. ٻين قطارن ۾ وري پيادا رکيا ويندا آهن. شطرنج کيڏڻ جا گهڻا ئي نمونہ آهن، جنھن ۾ فرنجي (فرنگي) شطرنج، رومي/ ترڪي شطرنج، بند شطرنج وغيره شامل آهن. راند جي شروعات پيادا هلڻ سان ٿيندي آهي. پيادو هڪ خانو سڌو هلندو تہ ماريندو، پاسيري خاني جو مھرو، توب/ هاٿي ڪيترا بہ خانا، اُڀا سڌا يا پاسيرا سڌا وٺي مهرو ماريندو. ٽنگي/ اُٺ ڪنڊا ڪنڊ خانن تي هلي ماريندا، گهوڙو اڍائي خانا، ٻہ سڌا پاسيرا تہ ٽيون ان جي اُڀو يا ٻہ اُڀا سڌا تہ ٽيون انهن جو پاسيرو، آڏو خانو وٺي مھرو ماريندو. وزير، آڏو يا پاسيرو توڙي سڌو مار ڪندو آهي. بادشاھ رڳو هڪ خانو چُرندو، سڄي راند ۾ هڪڙو ڀيرو اڍائي خانا هلي سگهندو آهي. بادشاھ جي ڀرواري خاني ۾ مھرو هوندو تہ ماري رکندو آهي. پر شرط اهو آهي تہ جيئن ’شھ‘ نہ پويس، جي شھ آهي تہ بادشاھ کي ڪا بہ آڏ نہ هوندي آهي. جيڪڏهن ڪو مھرو هلندو آهي تہ دستور موجب ان جي سامهون ويٺل مھرو هوندو تہ اُها شھ يا شڪست آهي، تنھن ڪري راند جو قانون آھي تہ پھريان بادشاھ شڪست کان ڇڏائي. ان کي ڪو مھرو آڏو ڏئي يا ان خاني تان ھٽائي ٻي ھنڌ ويھارجي، بادشاھ شھ کان بچي نہ سگهيو تہ شڪست ٿي ۽ راند ختم ٿي. راند ھلندي ڪو پيادو مھرو مخالف رانديگر جي آخرين خاني ۾ پهتو، جتي گهڻا مھرا رکيل آھن تہ اھو پيادو ان ڏاڍي مھري جو عيوضي ٿي موت کائيندو آھي (يعني پيادو کڻي ڇڏبو) ۽ اھو ڏاڍو مُھرو وري چال چلندو. ھن راند جي مقابلي ۾ ڏينھن جا ڏينھن گذري ويندا آھن. ھي راند ڪن وڏن ماڻھن يا بيروزگارن لاءِ نعمت آھي.[1]

وڏي پير پاڳاري سيد صبغت الله شاھ سورھيہ بادشاھ کي جڏھن 20 مارچ 1943ع تي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڦاسي ڏني پئي وئي، تڏھن انگريز جيل سپرنٽينڊنٽ سڄي رات ساڻس شطرنج ڪئي، پر پير پاڳاري کان ھڪ بہ بازي نہ کڻي سگهيو.[1]

فرنجي (فرنگي) شطرنج سنڌ ۾ کيڏڻ واري شطرنج سان گهڻي مشابھت رکي ٿي، ان ۾ وزير ھميشہ بادشاھ جي ساڄي پاسي رکندا آھن ۽ پيادا ٻہ خانا ڪڏھن ڪونہ ھلندا آھن. جڏھن پيادو پوئين خاني وٽ پھچندو آھي، تڏھن ان کي ان خاني جو جيڪو مھرو ھوند و آھي، ان سان بہ بدلائيندا آھن. شھ-مات تي راند جو فيصلو ٿيندو آھي، پر مخالف ڌر جا جيڪڏھن سڀ مھرا، سواءِ بادشاھ جي مري وڃن تہ اھا اڌ راند ٿيندي. سنڌ ۾ شطرنج راند ۾ قلعو ٺاھڻ لاءِ ھڪڙي چال ھلندا آھن، پر فرنگي شطرنج ۾ قلعو ٺاھڻ ۾ ٽي چالون ھلندا آھن. مثلاً: رخ پھريائين بادشاھ جي پاسي واري خاني ۾ آڻيندا آهن. بادشاھ گهوڙي وانگر ھڪڙي ٻئي سان قلعي مان ٻاھر ڪڍندا آھن. بادشاھ، ھاٿي/ توب جي ڀر واري خاني ۾ آڻيندا آھن. رومي/ ترڪي شطرنج يورپي ماڻهن کي ڪجهہ ڏکي راند لڳندي آھي جو ان ۾ وزير ۽ ٽنگو/ اُٺُ کان عجيب نموني جو ڪم ورتو ويندو آھي. وزير جو پيادو پھريان ٻہ خانا ھلندو آھي ۽ وزير فقط ھڪ خانو ڏنگو ھلي سگهندو آھي. مھرا ماري يا شھ بہ ساڳئي نموني ۾ ڏئي سگهندو آھي. پر ھو ڀريل خاني جي مٿان بہ ٽپي سگهندو آھي. شطرنج بند اصل ۾ ھندستان مان آيل راند آھي. انهيءَ جي خصوصيت ھي آھي تہ جيڪڏھن ڪنھن مھريءَ کي بادشاھ کانپوءِ ٻئي مھري جو بچاءُ آھي تہ ان کي ماري نٿو سگهجي. انهي راند ۾ گهڻو وقت لڳندو آھي. ايتري قدر جو شھ مات ۾ ٻہ ٽي ڏينھن لڳي ويندا آھن.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 "شطرنج : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2024-04-05.