شرڌا آريا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
شرڌا آريا Shraddha Arya

شرڌا آريا
پيدائش آگسٽ 1987 (عمر 36 سال)[1][2]
نيو دھلي, ڀارت[1]
تعليم ماسٽرز آف آرٽس (ايم اي.) اڪنامڪس ۾
پيشو اداڪارِ, ماڊل
سَرگَرمُ سالَ سال 2004–هيئنر تائين

شرڌا آريا (انگريزي ٻولي: Shraddha Arya) هڪ هندستاني اداڪارا آهي، هيءَ 17 آگسٽ 1987 تي پيدا ٿي هئي. هيءَ ڊريم گرل، تمهاري پاکي، ۾ لڪشمي تيري آنگن جي ڊرامو سيريل ۾ ڪم ڪري چڪي آهي.[3]۔ هن نيشبد ۽ پاٺ شالا نالي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي، ڪجهہ وڏي برانڊز جي اشتهاري مهم ۾ پڻ حصو ورتو هيائين، جن ۾ ٽي وي ايس سڪوٽي، پيئرز، جانسن اينڊ جانسن شامل آهن. سال 2017 کان وٺي هيءَ زي ٽي وي جي ٽي وي ڊرامو ڪنڊلي ڀاگيا ۾ ڊاڪٽر پريتا اروڙا جو ڪردار نڀائي رهي آهي.

شروعاتي زندگي[سنواريو]

شرڌا آريا 17 آگسٽ 1987 تي نئين دهلي، هندستان ۾ جنم ورتو هيو. هيءَ ممبئي يونيورسٽي منجهان معاشيات (اڪنامڪس) ۾ ڊگري حاصل ڪري رهي آهي. سال 2005 ۾ هيءَ سدائين جي لاءِ ممبئي ڏانهن اچي رهڻ لڳي تہ جيئن شوبز جي دنيا ۾ پنهنجو ڪيريئر ٺاهي سگهي.[4]۔

پروفيشنل زندگي[سنواريو]

آريا پنهنجي ڪيريئر جي شروعات زي ٽي وي ٽيلنٽ هنٽ شو "انڊياز بيسٽ سني سٽارز ڪي کوج" سان ڪيو.[5]، هيءَ ان شو جي پهرئين رنراَپ بڻجي وئي. هن اداڪاري جي شروعات تامل فلم "ڪلوانن ڪڍالي" سان ڪيو، جنهن ۾ سندس گڏ اداڪار، هدايتڪار ايس جي سوريا هيو. تنهنکانپوءِ هن بالي ووڊ ۾ پنهنجي پهرئين فلم رام گوپال ورما سان گڏ ڪئيي جنهن جو نالو نيشبد آهي. هن مشهور بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور جي فلم پاٺ شالا ۾ پڻ جلوا ڏيکاريا. تامل ۽ هندي فلمن سميت هيءَ تيلگو ۽ ڪناڊا ۽ مليالم فلمن ۾ پڻ ڪم ڪري چڪي آهي. تيلگو فلمن ۾ گوڊاوا، ڪوٺي مڪا، روميو شامل آهن.

مشهوري جي شروعات[سنواريو]

سال 2011 ۾ آريا ٽي وي سوپ سيريل "مئين لڪشمي تيري آنگن ڪي" سان پنهنجو ٽي وي ڪيريئر شروع ڪيو. لائف اوڪي تمهاري پاکي ۾ هن پاکي جو ڪردار نڀايو ۽ اهائي سُٺي اداڪاري سندس سُڃاڻپ بڻجي وئي. انکانپوءِ هن جي شهرت عائشا جي ڪردار سان وڌي وئي، جيڪو هن "ڊريم گرل - اڪ لڙڪي ديواني سي" ۾ نڀايو هيو. ڊريم گرل ۽ پاکي جي پرفارمنس تي کيس ڪيترائي ايوارڊز پڻ مليا هيا، جنهن ۾ ناڪاري ڪردار ۾ بهترين اداڪارا جو اڊين ٽيلي ايوارڊ، کيس ڊريم گرل جي لاءِ مليو، کيس مليل ٻين ايوارڊن ۾ زي گولڊ ايوارڊز ۾ بهترين جوڙو ايوارڊ، لائف اوڪي طرفان هيرو آف دي منٿ ايوارڊ ۽ ويمن ايچيور ايوارڊ 2016 شامل آهن.[6] ۔ سال 2016 ۾ آريا پاران ايڪتا ڪپور ۽ شوڀا ڪپور جي ٺاهيل ڪاميڊي شو "مذاق مذاق ۾" جي ميزباني ڪئي هئي.

حوالا[سنواريو]