شرڌا آريا
| شرڌا آريا Shraddha Arya | |
|---|---|
شرڌا آريا | |
| پيدائش | 17 August 1987[1][2] نيو دھلي, ڀارت[1] |
| تعليم | ماسٽرز آف آرٽس (ايم اي.) اڪنامڪس ۾ |
| پيشو | اداڪارِ, ماڊل |
| سَرگَرمُ سالَ | سال 2004–هيئنر تائين |
شرڌا آريا (انگريزي ٻولي: Shraddha Arya) هڪ هندستاني اداڪارا آهي، هيءَ 17 آگسٽ 1987 تي پيدا ٿي هئي. هيءَ ڊريم گرل، تمهاري پاکي، ۾ لڪشمي تيري آنگن جي ڊرامو سيريل ۾ ڪم ڪري چڪي آهي.[3]۔ هن نيشبد ۽ پاٺ شالا نالي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي، ڪجهہ وڏي برانڊز جي اشتهاري مهم ۾ پڻ حصو ورتو هيائين، جن ۾ ٽي وي ايس سڪوٽي، پيئرز، جانسن اينڊ جانسن شامل آهن. سال 2017 کان وٺي هيءَ زي ٽي وي جي ٽي وي ڊرامو ڪنڊلي ڀاگيا ۾ ڊاڪٽر پريتا اروڙا جو ڪردار نڀائي رهي آهي.
شروعاتي زندگي
[سنواريو]شرڌا آريا 17 آگسٽ 1987 تي نئين دهلي، هندستان ۾ جنم ورتو هيو. هيءَ ممبئي يونيورسٽي منجهان معاشيات (اڪنامڪس) ۾ ڊگري حاصل ڪري رهي آهي. سال 2005 ۾ هيءَ سدائين جي لاءِ ممبئي ڏانهن اچي رهڻ لڳي تہ جيئن شوبز جي دنيا ۾ پنهنجو ڪيريئر ٺاهي سگهي.[4]۔
پروفيشنل زندگي
[سنواريو]آريا پنهنجي ڪيريئر جي شروعات زي ٽي وي ٽيلنٽ هنٽ شو "انڊياز بيسٽ سني سٽارز ڪي کوج" سان ڪيو.[5]، هيءَ ان شو جي پهرئين رنراَپ بڻجي وئي. هن اداڪاري جي شروعات تامل فلم "ڪلوانن ڪڍالي" سان ڪيو، جنهن ۾ سندس گڏ اداڪار، هدايتڪار ايس جي سوريا هيو. تنهنکانپوءِ هن بالي ووڊ ۾ پنهنجي پهرئين فلم رام گوپال ورما سان گڏ ڪئيي جنهن جو نالو نيشبد آهي. هن مشهور بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور جي فلم پاٺ شالا ۾ پڻ جلوا ڏيکاريا. تامل ۽ هندي فلمن سميت هيءَ تيلگو ۽ ڪناڊا ۽ مليالم فلمن ۾ پڻ ڪم ڪري چڪي آهي. تيلگو فلمن ۾ گوڊاوا، ڪوٺي مڪا، روميو شامل آهن.
مشهوري جي شروعات
[سنواريو]سال 2011 ۾ آريا ٽي وي سوپ سيريل "مئين لڪشمي تيري آنگن ڪي" سان پنهنجو ٽي وي ڪيريئر شروع ڪيو. لائف اوڪي تمهاري پاکي ۾ هن پاکي جو ڪردار نڀايو ۽ اهائي سُٺي اداڪاري سندس سُڃاڻپ بڻجي وئي. انکانپوءِ هن جي شهرت عائشا جي ڪردار سان وڌي وئي، جيڪو هن "ڊريم گرل - اڪ لڙڪي ديواني سي" ۾ نڀايو هيو. ڊريم گرل ۽ پاکي جي پرفارمنس تي کيس ڪيترائي ايوارڊز پڻ مليا هيا، جنهن ۾ ناڪاري ڪردار ۾ بهترين اداڪارا جو اڊين ٽيلي ايوارڊ، کيس ڊريم گرل جي لاءِ مليو، کيس مليل ٻين ايوارڊن ۾ زي گولڊ ايوارڊز ۾ بهترين جوڙو ايوارڊ، لائف اوڪي طرفان هيرو آف دي منٿ ايوارڊ ۽ ويمن ايچيور ايوارڊ 2016 شامل آهن.[6] ۔ سال 2016 ۾ آريا پاران ايڪتا ڪپور ۽ شوڀا ڪپور جي ٺاهيل ڪاميڊي شو "مذاق مذاق ۾" جي ميزباني ڪئي هئي.
حوالا
[سنواريو]- 1 2 "About Shraddha Arya". Facebook. 21 August 2016 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Mulla, Zainab (16 July 2016). "Wedding Bells! Tumhari Paakhi actress Shraddha Arya all set to get hitched". India.com. 2016-08-21 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "'Dream Girl' actress Shraddha Arya's Osho Ashram experience in Pune". Osho News. 2015-08-29. 2016-05-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Shraddha Arya - Biography, Early Life, Personal Life, Career, Awards, and Net Worth". Highlights India (آمريڪي انگريزي ۾). 2017-08-18. 2018-08-19 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "India's Best Cinestars Ki Khoj: Will It Work This Time?". Business Insider. 2016-05-03 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Women Achievers Awards 2016: Digangana Suryavanshi & Shraddha Arya Bag Awards!". www.filmibeat.com. 2016-03-07. 2016-05-03 تي حاصل ڪيل.
- Articles containing انگريزي-language text
- CS1 آمريڪي انگريزي-language sources (en-us)
- 1987ع جون پيدائشون
- ايڪيهين صدي جون ڀارتي اداڪارائون
- جيئرا ماڻهو
- ممبئي يونيورسٽي جا اڳوڻا شاگرد
- ڀارتي فلمي اداڪارائون
- ھندي سنيما ۾ اداڪارائون
- مليالم سئنيما ۾ اداڪارڻيون
- تامل سئنيما ۾ اداڪارائون
- تيلگو سئنيما ۾ اداڪارائون
- ڀارتي اداڪارائون
- جيوت ماڻهو