شخصيت (نفسيات)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

شخصيت(نفسيات)(انگريزي: Personality (Psychology))ول ڊيورنٽ لکي ٿو تہ:پراڻي نفسيات انساني ڪردار تي غور ڪندي ماڻهن جي شخصيتن کي دموي، سوداوي، صفراوي، ۽ بلغمي سڀائن ۾ ورهايو هو. اهي لفظ هونئن ته عجيب ٿا لڳن پر انهن جو مطلب اهوئي آهي ته ماڻهو خوش طبع، غمگين، جوشيلا يا انگريزن وانگر بردبار سڀاءَ وارا هوندا آهن. ٿي سگهي ٿو ته انساني سڀائن جي اها ورڇ صحيح هجي پر اهي لفظ رڳو وصفن ڏانهن اشارو ٿا ڪن. اهي انساني ڪردار جي وضاحت نٿا ڪن، جنهن جو تعين خانداني ورثي سان ٿيندو آهي. اهڙي ورڇ ڪرڻ وارن لاءِ اسان ايترو اندازو لڳائي ٿا سگهون ته انساني شخصيت جي باري ۾ هنن جو هڪ دلچسپ نظريو بدني نظريو هو جنهن جو تعين رت يا سودا، صفرا يا بلغم سان ٿيندو هو. ”بين“ Baine شخصيتن کي عقلي، جذباتي يا ارادي واري شخصيتن ۾ ورهايو جيڪي عقل، جذبات يا ارادي جي حاوي هجڻ سان ٺهنديون آهن، پر جيئن ته ارادي واري شخصيت جذباتي به ٿي سگهي ٿي (جيئن الزابيٿ يا سڪندر جي هئي) يا عقلي به ٿي سگهي ٿي (جيئن نيپولين ۽ سيزر جي) ۽ عقلي شخصيت جذباتي ٿي سگهي ٿي (جيئن افلاطون، ايپي لارڊ، والٽيئر يا نٽشي)[1].هر شخص ۾ ڪنهن حد تائين هر جبلت جو تضاد موجود آهي، ايمپڊوڪليس چيو هو ته هر شيءِ جو هاڪاري ۽ ناڪاري پاسو هوندو آهي. جبلتن جي باري ۾ به اهو قول صحيح آهي، اسان ۾ خوراڪ جي ڳولها ۽ صحت لاءِ نقصانڪار شين کان پاسو ڪرڻ واريون جبلتون آهن، وڙهڻ، ڀڄڻ، حاوي ۽ مطيع ٿيڻ، تجسس سان اڳتي وڌڻ ۽ شڪ سان بيهي رهڻ. حرڪت ڪرڻ ۽ شين کي انهن جي اصلي حالت مان بدلائڻ، ويهڻ، آرام ڪرڻ ۽ سمهڻ، محبوب سان پيار لاءِ اڳتي وڌڻ ۽ پاسو ڪرڻ، نمائش ڪرڻ ۽ شرم ۾ ڳاڙهو ٿيڻ، اڳواڻي ڪرڻ ۽ پٺيان لڳڻ، ڪنهن ڳالهه جي شروعات ڪرڻ ۽ اهل ڪرڻ، محفلون مچائڻ ۽ اڪيلائي پسنديءَ جون جبلتون اسان ۾ هڪ ئي وقت موجود آهن. گهڻي ڀاڱي اسين فطري طور (۽ پنهنجي ذاتي ڪردار ۾) ڪنهن محرڪ، ڪنهن مسئلي ۽ ڪنهن صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ ساڳئي وقت ان کان نٽائڻ لاءِ تيار هوندا آهيون.[1]شخصيت جي انهن عناصر جي تضادن سان اسان کي انساني شخصيتن جي بنيادي فرق جو پتو پوي ٿو. اسان جيڪڏهن ماڻهن کي خوش ۽ اداس رهڻ وارن يا نيڪ ۽ خراب ۾ ورهائينداسين ته اسان تاريخي واقعن کي سمجهڻ يا پنهنجي پاڙيسرين سان لاڳاپا قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهنداسين. قدرت ۽ تاريخ آڏو شخصيتن جو رڳو هڪ فرق قبول پوي ٿو ۽ اهو آهي هاڪاري ۽ ناڪاري، ڪمزور ۽ مضبوط هجڻ جو فرق. اسان نيڪي ۽ بديءَ جي فرق جي مدد سان هزارين تصوراتي منصوبا ٺاهيندا آهيون، پر حقيقت، طاقت جي حوالي سان، انهن کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي. ظاهر آهي ته ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آهن جن ۾ هاڪاري اهڃاڻ (جيئن ويجهو وڃڻ، ڳولها، مغلوب ڪرڻ ۽ قابض ٿيڻ جي صلاحيت) وڌيڪ هوندا آهن. انهن کي اسان هاڪاري شخصيتون سڏينداسين. ڪن ماڻهن ۾ ناڪاري اهڃاڻ وڌيڪ هوندا آهن. (جيئن فيصلو نه ڪري سگهڻ، ڀڄي وڃڻ، ڪنڊائتو ٿي وڃڻ ۽ نيازمندي). ڪوبه مرد يا عورت مڪمل طرح سان هاڪاري يا ناڪاري نه هوندو آهي، سڀني ۾ ٻئي لاڙا ۽ اهڃاڻ هوندا آهن، جيڪڏهن اسان انهن لاڙن ۽ اهڃاڻن کي مڪمل طور تصور ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪريون ته اسان کي انهن حدن جي ڄاڻ ٿيندي جن ۾ انساني ڪردار هيڏانهن هوڏانهن ٿيندو رهندو آهي.[1]

منفي شخصيت[سنواريو]

ول ڊيورنٽ مطابق:ناڪاري شخصيت ۾ جسم جي مضبوطي ۽ طاقت جو فقدان هوندو آهي. هن کي کاڌو کائيندو ڏسو. هن ۾ اشتها بلڪل نه آهي ۽ کاڌي جي باري ۾ حساس آهي، جلدئي بي مزي کاڌن کان بيزار ٿي ويندو آهي.[1]جيڪڏهن هن کي بيعزتيءَ جو يا ڪو ٻيو خطرو محسوس ٿيندو آهي ته سارو ڏڪندو آهي. هن کي اهڙي ڪاوڙ نه ايندي جنهن جي ڪري هو ڪو قدم کڻي. پنهنجي ڪاوڙ ۾ پيو پڄرندو آهي، اهڙي ماڻهوءَ تي ڪاوڙ ڏيکاريندو آهي جنهن لاءِ هن کي پڪ هوندي آهي، ته اهو سندس پيش پوندو. هو ذميواري ۽ آزمائش کان گهٻرائيندو آهي ۽ گهر ۾ حفاظت ۽ آرام سان رهڻ پسند ڪندو آهي، هو خطرن، ڪارنامن ۽ عزم جا افسانا ۽ طاقت جي فلاسافي پڙهڻ پسند ڪندو آهي.[1]سوچيندو آهي ته جيڪڏهن دنيا وارا ٿورا به عقلمند هجن ته کيس پنهنجو ليڊر تسليم ڪن. ڪنهن ڪم ۾ ڪامياب ٿيندو آهي ته ان جو ذميوار پاڻ کي سمجهندو آهي ۽ جيڪڏهن ناڪام ٿيندو آهي ته ان جو ڏوهه ٻين تي مڙهيندو آهي، اهو ماحول (يعني ٻين ماڻهن) حڪومت يا قسمت جو ڏوهه هو جو هو ناڪام ٿيو. هو دنيا جي باري ۾ مايوسي ۽ پنهنجي باري ۾ اميد ڏيکاريندو آهي. جسماني ڪمزورين جي ڪري هو تصور پرست هوندو آهي ۽ اها تصور پرستي ئي ڪڏهن ڪڏهن کيس ڪاميابي ڏيندي آهي. هن جو تصور ڪنهن عمل يا مشاهدي کانسواءِ مابعدالطبعيات ۽ شاعريءَ جي دنيا ۾ آزاد گهمندو آهي. هو جيڪڏهن ٿوري وقت لاءِ تصور جي انهن اڻ ڏٺل دنيائن کي ڇڏي ۽ محنت ڪري ته مثالي حسن ۽ مثالي فلاسافي تخليق ڪري سگهندو آهي، ادب ۽ فن ۾ نيون هيئتون روشناس ڪرائيندو آهي، اهڙو ماڻهو پنهنجي ڪمال ۾ هڪ عظيم فنڪار ٿي سگهي ٿو ۽ زوال ۾ هو سوچڻ وارو مفڪر نه پر اهڙو شخص ٿي سگهي ٿو جنهن جي عادت رڳو سوچڻ هجي. هاڻي جيئن جيئن تهذيب ترقي ٿي ڪري ۽ زندگي ڳتيل ٿيندي ٿي وڃي ۽ زندگيءَ جي بقا لاءِ جسماني طاقت لازمي نه آهي رهي تيئن تيئن شهر ۾ اهڙن ڦرندڙ گهرندڙ ۽ پنهنجو پاڻ کي ڳارڻ وارن روحن جي گهڻائي ٿيندي ٿي وڃي[1].

مثبت شخصيت[سنواريو]

هو دنيا جي اکين ۾ اکيون وجهي نراڙ تي ٽوپي رکي سگهي ٿو .هن جا سڀئي لاڙا طاقتور آهن، هو وڏي شوق سان کاڌو کائيندو آهي. حاصل ڪرڻ ۽ قابض ٿيڻ هن جي زندگيءَ جو اصول هوندو آهي. جيئن ته هو ناڪاري شخصيت واري ماڻهوءَ کان وڌيڪ ڪامياب آهي انڪري هو چاهيندو آهي ته هر جديد قوم سندس جهڙي ٿئي. جنگ جوئيءَ جي صفت هن جي مقصدن کي طاقتور بڻائيندي آهي، هن جون خواهشون بزدلن واريون سَڌون نه پر مضبوط قوتون هونديون آهن، هو پنهنجي خواهشن لاءِ ذميواريون ۽ خطرا کڻندو آهي ۽ سخت محنت ڪندو آهي. هن ۾ نيڪي گهٽ ۽ جرائت زياده، ضمير گهٽ ۽ خودداري زياده هوندي آهي، هن جا مقصد عظيم الشان هوندا آهن، هو پابندين کي نفرت سان ۽ انڪساريءَ کي شڪ سان ڏسندو آهي، جيڪڏهن هن جو اهڙي ماڻهوءَ سان واسطو پوي جيڪو هن کان وڌيڪ مضبوط ۽ وڌيڪ پڪي ارادي وارو هجي ته به اُن جي آڏو جهڪندو نه آهي، پر رشڪ ۽ رقابت سان هن جي عزت ڪندو آهي. هو آڻ مڃيندو آهي ته وڏي جنگ کانپوءِ مڃيندو آهي. ہو هميشه ڳولها ۾ هوندو آهي، هرهڪ شيءِ هن کي دلڪش لڳندي آهي ۽ هن جو جاڳندڙ ذهن عجيب غريب شين سان کيڏندو آهي. هن جو نظرين سان واسطو نه هوندو آهي، هن جي سوچ جو واسطو سڌوسنئون پنهنجي ڪم ۽ مقصد سان هوندو آهي. هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته ڪو ماڻهو اعليٰ حساب، شاعري، مصوري يا فلاسافيءَ جي تعريف ڇو ٿو ڪري، جيڪڏهن هو مفڪر آهي ته فڪر سان گڏ عمل سان به هن جو اهڙوئي تعلق هوندو آهي، هو ارسطو نه سينيڪا آهي، برڪلي نه بيڪن آهي، ڪانٽ نه والٽيئر آهي.[1]گهڻو ڪري هو ملڻسار هوندو آهي، هو انهن ماڻهن کانسواءِ جن جا خيال عام ماڻهن جهڙا نه هوندا آهن، سڀني سان سٺي نموني ملندو آهي، هو شام جو اڪيلو رهڻ پسند ڪندو آهي پر هن جي اها اڪيلائي پاڻ لاءِ نه گهر لاءِ هوندي آهي. هو پنهنجي اندر ۾ ليئو پائي ڏسڻ جو قائل نه هوندو آهي. هن کي به ڪي نفسياتي مونجهارا هوندا آهن پر هو نفسيات جي ڳالهه نه ڪندو آهي. هن جي زال هن کي پريشان ڪندي آهي ته هو ڪلب ويندو آهي ۽ ڪلب مان بيزار ٿيندو آهي ته ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو آهي. هن جي عمل واري زندگيءَ جون پابنديون هن ۾ ذهني انتشار پيدا ٿيڻ نه ڏينديون آهن.[1]هو محبت ۾ پاڻ اڳتي وڌندو آهي ۽ سچائي ۽ ثابت قدمي جي ڪري عورتن ۾ مقبول هوندو آهي. هو محبت ۾ ڪامياب ٿيندو آهي، هو جلدي شادي ڪندو آهي ڇاڪاڻ جو هو جلدي فيصلو ڪري سگهندو آهي. هو تجسس سان اڳتي وڌڻ کي احتياط سان واپس ورڻ تي ترجيح ڏيندو آهي. هو يارن ۽ زال جي ذميوارين کي ۽ اڪيلائيءَ کي پيشه ور ڇوڪرين کان سٺو سمجهندو آهي. ڪٽنب جون ذميواريون کيس مضبوط بڻائينديون آهن. هن کي خبر هوندي آهي ته طبيعت جي نرمي ۽ شرافت کي طاقت سان ڪيئن ملائجي، هن جا ٻار هن سان رڳو محبت نه ڪندا آهن پر سندس عزت به ڪندا آهن. پڪي وهيءَ ۾ آرام جو هنر سکندو آهي ۽ پوڙهائپ ۾ پوٽن ۽ ڏوهٽن جي موجودگيءَ مان نئين زندگي حاصل ڪندو آهي، هو مرڻ گهڙيءَ تائين ان ڳالهه تي ٿورو به شڪ نه ڪندو آهي ته زندگي نعمت آهي. هن کي رڳو ان ڳالهه تي افسوس ٿيندو آهي ته زندگيءَ جي راند هن کي هاڻي نون رانديگرن جي حوالي ڪرڻي پوندي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 1.7 1.8 ڪتاب جو نالو: فلسفي جون راحتون ،ليکڪ: وِل ڊيوران سنڌيڪار، آغا سليم ؛ايڊيشن 2016 ؛ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو