شاھ اويس قرني مانجھند وارو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ضلعي ڄامشوري ۾ مانجهند شهر کان پنج ڪلوميٽر اولهه پاسي -ٽاڪرو- سلسلي جي هڪ 300 کن فوٽ اوچي ٽڪريءَ تي هڪ بزرگ، وليءَ جي مزار آهي، جيڪو شاهه اويس قرنيءَ جي نالي سان مشهور آهي. هتي ذوالحج مهيني جي 7، 8، 9 -تاريخ- تي ميلو لڳندو آهي ۽ هر مهيني جي پهرين جمعي رات تي راڳ ويراڳ جي محفل مچي ٿي. تاريخي حقيقتن جي ابتڙ عام چوڻين موجب هيءُ بزرگ اهو ئي شاهه اويس قرني آهي، جنهن جو ذڪر سيرت طيبه جي ڪتابن ۾ ڪثرت سان ملي ٿو ۽ حضور صلي -الله- عليه وسلم سان عشق ۽ اٿاهه اُنس سبب پاڻ ڪريم صلي -الله- عليه وسلم -جن- وٽ مقبول هو. هو صاحب ڪڏهن به سنڌ ۾ نه آيو هو. حضرت اويس قرني جو تعلق ملڪ يمن جي قرن نالي ڳوٺ ۽ مراد قبيلي سان هو. انهيءَ اويس قرنيءَ جو عشق حضور سائينءَ سان اهڙو مشهور آهي جو هن جڏهن -جنگ- احد ۾ حضور سائينءَ جي ٻن ڏندن جي شهيد ٿيڻ جو ٻڌو ته هن پنهنجا سڀئي ڏند ڀڃي ڇڏيا هئا. پر مانجهند لڳ درگاهه تي ويٺل فقيرن کي پڪ آهي ته يمن ملڪ جي قرن واري مزار ۾ -ان- -اصحابي- سڳوري جا فقط اهي ڏند پوريل آهن، جيڪي حضور سائين واري خبر ٻڌڻ کانپوءِ پاڻ ڀڳا هئائين. باقي سندس -تدفين- هتي واري مزار ۾ آهي. فقيرن جو عقيدو آهي ته هو يمن مان پنهنجي بيمار ماءُ کي ڪلهن تي کڻي علاج لاءِ ساري دنيا پيرين پنڌ گهميو ۽ انهيءَ جاءِ تي پهچڻ وقت سندس -امڙ- جو انتقال ٿيو. هي سعادت مند پٽ انهيءَ مزار وٽ ويهي رهيو ۽ هتان جي ڀُليل، ڀٽڪيل ماڻهن ۾ سچائيءَ جا اکر ورهائڻ ۽ سندن سوچ کي روشن راهه ڏيکارڻ لاءِ ترسي پيو ۽ سندس جيون جا ڏينهن به هتي ئي پورا ٿيا. هتي ٻن ڌار ڌار ٽڪرين تي ٻه مزارون آهن. -امڙ- جي مزار لاءِ عام طور اهو مشهور ڪيو ويو آهي ته ڪو به مرد ٻه ڏاڪا چڙهي نٿو سگهي، ايستائين جو حمل واري عورت انهيءَ مزار تي وڃي ته کيس نقصان رسي ٿو. انهيءَ -ٽڪري- جي چوڌاري انهن ٻن مزارن کانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ڊٺل ۽ جهريل قديمي قبرون موجود آهن، هيءُ هڪ وڏو مقام سمجهه ۾ اچي ٿو. انهيءَ جي وچ ۾ سنڌي طرز جون ٽي گهاڙي قبرون به ملن ٿيون، -جن- تي اڪر جو اهو ئي ڪم ٿيل ملي ٿو، جيڪو -ٺٽي- يا مڪليءَ ۾ ملي ٿو. هڪڙي قبر تي ته گهوڙي ۽ زرهه جي اُڪر جا نشان به آهن. مزار جي اوچائيءَ تي وڃڻ کان اڳ ۾ هڪ وڏو -پٿر- به موجود آهي، جنهن جي چوڌاري خطاطيءَ ۾ اڪر ٿيل آهي، ضرورت -ان- ڳالهه جي آهي ته -آثار قديمه- جا ماهر پنهنجي -تحقيق- سان هن تاريخي ماڳ مڪان جو معائنو ڪري نت نئين کوجنا سان هِن قديمي جاءِ بابت ڪجهه حقيقتون عوام آڏو آڻين. هيءَ درگاهه پڻ روايتي ميان وال فقيرن جو تسلسل محسوس ٿئي ٿي. عقيدتمند دل ۾ ڪا به هڪ مراد سوچي پوءِ مزار تي چڙهندا آهن ته سندن عقيدي موجب ائين دعا قبول ٿيندي آهي. ٻي مراد لاءِ نئين سر هيٺ لهي مٿي چڙهندا آهن. شاهه اويس جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڪٿائون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، جهڙوڪ: 1- هن سان ڏاچين جو هڪ وڳ ساڻ هوندو هو. 2- سج سندس سامهون ڪو نه ايندو هو. 3- والده کي اهڙو مرض هو، جنهن جو علاج ممڪن نه هو پر هن ماءُ جي صحتمنديءَ لاءِ حد کان وڌيڪ عبادت ڪئي ۽ سندس وڏي خدمت ڪئي، جنهن سبب هو ولي بڻجي ويو.[1]

حوالا[سنواريو]