شاگردن جو عالمي ڏينهن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

17 نومبر شاگردن جو عالمي ڏينهن (International Students' Day) آهي. هن تاريخ تي شاگردن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد پراگ جي شاگردن جي ڪيل جاکوڙ کي ڀيٽا ڏيڻ آهي. 1939ع ۾ جرمني پارآن چيڪوسلواڪيا تي قبضي خلاف، پراگ يونيورسٽي ( University of Prague) جي شاگردن پراگ جي يونيورسٽي ۽ پراگ جي گهٽين ۾ مظاهرا ڪيا. جرمني جي فوجين شاگردن کي گهيرو ڪري 9 شاگردن کي قتل ڪري ڇڏيو. 1200 سئو شاگردن کي نازي ڪئيمپن ۾ رکيو ويو.

چارلس يونيورسٽي (Charles University) جي ميڊيڪل فيڪلٽي (Medical Faculty) ۾ 18 آڪٽوبر تي، چيڪوسلواڪيا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو ملهايو پئي ويو. جنهن ۾ جين اوپليٽل (Jan Opletal) گولي لڳي، جنهن جي ڪري اهو زخمي ٿي پيو ۽ نيٺ ڦٽن جا سور نه سهندي اوپليٽل 17 نومبر تي لاڏاڻو ڪري ويو. شاگردن جي هن جاکوڙ کي، شاگردن جي وڏي ۽ اڻٿڪ جاکوڙ سان ڀيٽيو ويندو آهي. شاگردن جي هن جاکوڙ کي پهريون ڀيرو 1941ع ۾ لنڊن ۾ انٽرنيشنل اسٽوڊنٽس ڪائونسل (International Students' Council) پارآن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو هيو. تنهن کان پوءِ 17 نومبر کي انٽرنيشنل يونين آف اسٽوڊنٽس پارآن شاگردن جي ياد ۾ هر سال ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. شاگردن جي هن ڏينهن تي دنيا جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پراگ جي شاگردن جي جاکوڙ کي ڀيٽا ڏني ويندي آهي.[1]

[1]

حوالا[سنواريو]