شارڪ
شارڪ Temporal range: لڊفورڊيئن | |
---|---|
![]() | |
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ کاٻي پاسي: ڪرنگھيدار ڪتي نما مڇي، جپاني ڪارائي نما شارڪ، وھيل شارڪ ، وڏي اڇي شارڪ، سڱن واري شارڪ، جھالر واري شارڪ, صدفي ھٿوڙي نما مٿي واري شارڪ، آسٽريليائي ڪنڊ نما شارڪ | |
سائنسي درجا بندي ![]() | |
Unrecognized taxon (fix): | Euselachii |
Superorder: | Selachimorpha |
ترتيبون | |
Carcharhiniformes | |
هم معنيٰ | |
|
شارڪ مڇي(انگريزي: Shark fish) (Isurus Glaucus) تمام خطرناڪ مڇي/جانور ٿئي. سمنڊ جي ننڍين مڇين ۽ جيتن جڙن کي به ھڙپ ڪري ويندي آھي، ته ماڻھن کي به. اھو ئي سبب آھي جو شارڪ مڇيءَ کي سامونڊي بگھڙ سمجھيو وڃي ٿو.
شارڪ مڇيءَ کي تمام وڏا، تکا ۽ ٽڪنڊا ڏند ٿين ۽ ڪي شارڪ مڇيون ته سڏجن ئي آدم خور شارڪ (Carcharodon Caracharias). اھي ھر وقت ماڻھن جي ڳولا ۾ رھنديون آھن ته ڪٿي ٿو ڪو جھاز تان ڪري يا ڪناري تي ٻڏي. اڪثر ننڍين ڀٽڪندڙ ٻيڙين جي ڪڍ ھونديون آھن. شارڪ مڇي، وھيل مڇيءَ جيڏي وڏي ته نه ٿئي، پر تڏھن به چڱي وڏي ٿئي ٿي ۽ ڪي ڪي چاليهه فٽن کان به ڊگھيون ٿين. يعني ست ماڻھو ھڪ ٻئي مٿان بيھارجن ته ايتري ڊيگهه ٿئين ۽ تور ۾ سورھن سترھن مڻ کن ٿين.
شارڪ مڇي، ائٽلانٽڪ ۽ خليج بسڪي، ميڊيٽيرين ۽ ڳاڙھي سمنڊ ۾ به تمام گھڻيون ٿين ۽ جھاز تان ماڻھن جي ڪرڻ تي امالڪ حملو ڪري ڏينديون آھن. مڇيون ڦاسائڻ وارا خاص ڪري ٻيڙين وارا ڦاٿل شارڪ مڇيءَ کان به خبردار رھندا آھن، جو رسيءَ ۾ ٻڌل يا ڪانٽي ۾ ڦاٿل ھجڻ جي باوجود به رکي رکي ٻيڙيءَ وارن تي حملو ڪري ڏيندي آھي.
شارڪ مڇيون گھڻو ڪري ڪناري تي ڪونه ٿين، پر ڪڏھن ڪڏھن جھازن جي ڪڍ ڪناري تي به اچي نڪرنديون آھن.[1][2]
حوالا[سنواريو]
- ↑ موج نه سهي مڪڙي (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر
- ↑ ڪتاب: موج نه سهي مڪڙي