مواد ڏانھن هلو

شارڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شارڪ
Temporal range: لڊفورڊيئن
گھڙيالي چڪر وانگر مٿان کان هيٺ کاٻي پاسي: ڪرنگھيدار ڪتي نما مڇي، جپاني ڪارائي نما شارڪ، وھيل شارڪ ، وڏي اڇي شارڪ، سڱن واري شارڪ، جھالر واري شارڪ, صدفي ھٿوڙي نما مٿي واري شارڪ، آسٽريليائي ڪنڊ نما شارڪ
سائنسي درجا بندي e
ترتيبون

Carcharhiniformes
Heterodontiformes
Hexanchiformes
Lamniformes
Orectolobiformes
Pristiophoriformes
اسڪئاليفارمز
Squatiniformes
Cladoselachiformes
Hybodontiformes
Symmoriida
زيناڪئنٿڊ (زيناڪئنثيفارمز) ايليجيسٽوليپس

† = extinct
هم معنيٰ
پليوروٽريميٽ

شارڪ (Shark) ڪارٽيلاجينس مڇين جو هڪ گروپ آهي، جنهن جي خاصيت هڪ هڏين کان سواءِ (Cartilaginous) اندرين ڍانچي (Endoskeleton)، چمڙي تي ڪنڊا، هر پاسي تي پنج کان ست گلڙا ۽ پيڪٽورل فن، جيڪا مٿي سان نه ملندا آهن، سان آهي.

جديد شارڪ ڊويزن سيلاچئي ۾ درجه بندي ڪئي وئي آهي ۽ بٽومورفي (رئ فش ۽ اسڪيٽس) جي ڀيڻ گروپ آهن. ڪجهه ذريعا "شارڪ" جي اصطلاح کي هڪ غير رسمي درجي جي طور تي وڌائين ٿا جنهن ۾ ڪونڊريڪٿائيز (ڪارٽيلاجينس مڇي)، شارڪ جهڙي مورفولوجي، جهڙوڪ هائبوڊونٽس، جا ناپيد ميمبر شامل آهن. شارڪ جي وانگر ڪونڊريڪٿيان جهڙوڪ ڪلادوسيلاچي ۽ ڊوليوڊس پهريون ڀيرو ڊيوونين دور (419-359 ملين سال) ۾ ظاهر ٿيا. جيتوڻيڪ ڪجهه فوسلائيز ڪونڊريڪٿيان جهڙا ڪنڊا آخري آرڊووشين دور (458-444 ملين سال اڳ) جيترا پراڻا آهن. ابتدائي تصديق ٿيل جديد شارڪ (سيلاچي) ابتدائي جراسڪ دور، لڳ ڀڳ 200 ملين سال اڳ، کان سڃاتل آهن، جنهن جو سڀ کان پراڻو ڄاتل سڃاتل ميمبر اگاليس هو. جيتوڻيڪ حقيقي شارڪ جا رڪارڊ پرمين دور تائين پکڙيل آهن.

شارڪ (Isurus Glaucus) تمام خطرناڪ مڇي آھي. سمنڊ جي ننڍين مڇين ۽ جيتن جڙن کي به ھڙپ ڪري ويندي آھي، ته ماڻھن کي به. اھو ئي سبب آھي جو شارڪ مڇيءَ کي سامونڊي بگھڙ سمجھيو وڃي ٿو.

شارڪ مڇيءَ کي تمام وڏا، تکا ۽ ٽڪنڊا ڏند ٿين ۽ ته ڪي شارڪ مڇيون آدم خور شارڪ سڏجن ئي. اھي ھر وقت ماڻھن جي ڳولا ۾ رھنديون آھن ته ڪٿي ٿو ڪو جھاز تان ڪري يا ڪناري تي ٻڏي. اڪثر ننڍين ڀٽڪندڙ ٻيڙين جي ڪڍ ھونديون آھن. شارڪ مڇي، وھيل مڇيءَ جيڏي وڏي ته نه ٿئي، پر تڏھن به چڱي وڏي ٿئي ٿي ۽ ڪي ڪي چاليهه فٽن کان به ڊگھيون ٿين. يعني ست ماڻھو ھڪ ٻئي مٿان بيھارجن ته ايتري ڊيگهه ٿئين ۽ تور ۾ سورھن سترھن مڻ کن ٿين.

شارڪ مڇي، ائٽلانٽڪ ۽ خليج بسڪي، ميڊيٽيرين ۽ ڳاڙھي سمنڊ ۾ به تمام گھڻيون ٿين ۽ جھاز تان ماڻھن جي ڪرڻ تي امالڪ حملو ڪري ڏينديون آھن. مڇيون ڦاسائڻ وارا خاص ڪري ٻيڙين وارا ڦاٿل شارڪ مڇيءَ کان به خبردار رھندا آھن، جو رسيءَ ۾ ٻڌل يا ڪانٽي ۾ ڦاٿل ھجڻ جي باوجود به رکي رکي ٻيڙيءَ وارن تي حملو ڪري ڏيندي آھي.

شارڪ مڇيون گھڻو ڪري ڪناري تي ڪونه ٿين، پر ڪڏھن ڪڏھن جھازن جي ڪڍ ڪناري تي به اچي نڪرنديون آھن.[1][2]

حوالا

[سنواريو]
  1. موج نه سهي مڪڙي (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, اصل کان 11 سيپٽمبر 2017 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 20 نومبر 2016۔ اڻڄاتل پيراميٽر |dead-url= نظر انداز ڪيو ويو (مدد)
  2. ڪتاب: موج نه سهي مڪڙي