سگريٽ نوشي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation Jump to search
Smoking.jpg
Smoking AIGA symbol.svg
Smoking.gif

تماڪ جون تباهڪاريون[سنواريو]

سنڌي ۾ سڏن تماڪ . اردو ۾ تمباڪُو، عربيءَ ۾ ”التبغ“يا ”طباق“، فارسي ۾ ”تنباڪ“، فرانسيسي ۾ ”تابا“ يا ”تاباڪ“ انگريزي ۾ ٽوبيڪو(tobacco) ، پشتو ۾ ”تمباڪو“، ترڪيءَ ۾ ”توتون“. اسپاني ۾ ”تابوڪو“، يوناني ۾ ”توباڪس“ . هي هڪ ڪوڙي ذائقي وارو ٻوٽو آهي. جيڪو زمين جي پيداوار آهي. ان جو قد هڪ فوٽ کان ٻن ميٽرن تائين ٿئي ٿو. ان جي بدبوءِ سبب ماکي جي مک ان مٿان نه ٿي ويهي. انجي بدبوءِ ۽ ڪوڙاڻ سبب، مال ان کي نه ٿو چري. صاف کاڌي ۾ ان جو ذرو پوي ته ان کي به بگاڙي ڇڏي ٿو. ان جا پن بيضوي طرح ٿين ٿا ان جا گل ڳاڙها ۽ سهڻا ٿين ٿا. تماڪ جي ٻوٽي جا ڪيئي قسم آهن. زراعت جي ماهرن ان جا چاليهه قسم ڳڻايا آهن. انهن مان ڪي سٺا ڪي ردي قسم جا ٿين ٿا. انهن مان اعتيادي ، قروي ، عطري مشهور آهن.
ماڻهو تماڪ جي پنن کي ساڙي ان جو زهريلو دونهون مختلف اندازن ۾ پيئن ٿا. مثلاً سگريٽ، ٻيڙي، چلم، حقو، وغيره

تماڪ جو هڪ ٻوٽو[سنواريو]

تماڪ جي پوک[سنواريو]

تماڪ جي استعمال جو آغاز: تماڪ جو پيئڻ سلف صالحين جي عهد ۾ ڪو نه هيو. عرصهءِ دراز بعد دونهين پيئڻ جي بيماري پيدا ٿي. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ان جا انداز مختلف رهيا آهن. سنڌي اردو وارا تماڪ جي دونهين کي پيئڻ يا ڇڪڻ جي معنيٰ ۾ وٺندا آهن. چوندا آهن، سگريٽ پيئڻ، حقو ڇڪڻ. عرب ۾ ان کي دونهون دکائڻ ”التدخين“ يا دونهون ڇنڊڻ ”الاستنشاق“ جي معنيٰ ۾ وٺندا آهن. بعض محققن جي بقول عالمِ عرب ۾ توڙي عالمِ اسلامي ۾ 1012هــ کان اڳ ان جو نام ۽ نشان نه ٿو ملي.
سڀ کان اول وچ آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ماڻهن، يورپين جي اتي اچڻ کان اڳ تماڪ جي استعمال جي شروعات ڪئي. انهن جي چَواڻِي تماڪ سيني ۽ مٿي جي بيمارين جو علاج آهي. پوءِ آهسته آهسته ان جو استعمال وڌڻ لڳو. جڏهن اتي يورپي ۽ آفريڪي ماڻهو داخل ٿيا ته انهن به بطور دوا جي ان جو استعمال شروع ڪيو. پوءِ اسپين وارن بيمارين جي علاج طور ان جو استعمال شروع ڪيو. اسپين کان ٻاهر ان جو سڀ کان پهريون استعمال فرانس جي ملڪه ”مديجي“ ڪيو.
يارهين صدي هجري جي اوائل ۾ تماڪ جو استعمال عالمِ عرب ۾ متعارف ٿيو. پوءِ مغرب وارن کان متاثر ٿيندي عرب جي ڪن طبيبن اهو سمجهيو ته ان جي استعمال سان بدن مان بيماريون نڪري وڃن ٿيون. پوءِ انهن ان جي ساراهه ۾ لکيو ته اهو بيماريون وڃائي ٿو ۽ قوت وڌائي ٿو. حالانڪه حقيقت ان جي ابتڙ هئي. ان جي استعمال سان ته بيماريون بدن ۾ داخل ٿين ٿيون. جن سان انسان جلدي ڪراڙو ۽ ڪمزور ٿي وڃي ٿو. ڪن جو چوڻ آهي ته تماڪ جي دونهين پيئڻ جو سڀ کان اول آغاز يهودين ڪيو هيو. پوءِ اها وبا عالم ۾ پکڙي. تماڪ جي پوک جو آغاز: آمريڪين جڏهن ان کي باقائده مختلف صورتن ۾ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. ته ان جي گھرج وڌي وئي. دنيا جو مشهور سياح ڪولمبس سفر دوران جڏهن 1492ع ۾ آمريڪا پهتو هيو ته ان اتي انهن جي عجيب طرح سان تماڪ استعمال ڪرڻ جو ذڪر لکيو آهي. انهن جو گمان هيو ته تماڪ جي دونهين جي پيئڻ سان ٿَڪ لهن ٿا. بدن کي فرحت ملي ٿي. ان جي پيئڻ وارن، نه پيئڻ وارن ماڻهن کي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائي تماڪ پيئڻ جو عادي بنايو. تانجو جڏهن اهي عادي ٿي ويا ته انهن تماڪ جي پوک ڪرڻ شروع ڪئي. پوءِ تماڪ پوکجڻ لڳو ۽ ان جو وڪرو تجارت جي صورت ۾ اختيار ڪري ويو.
هن وقت تماڪ آمريڪا، ڪيوبا، ميڪسيڪو، برازيل، بلغاريا، يونان، فرانس، اٽلي، يوگوسلاويا، آسٽريليا، هنگري، سوريا، لبنان، عراق، الجزائر، تيونس، مغرب افغانستان ۽ پاڪستان ۾ ٿئي ٿو. مسلم ملڪن ۾ سوريا ۽ عراق ان جي پوکي ۾ پهرئين نمبر تي آهن.
اتي ان کي سڪائڻ، سٽڻ، ڪٽڻ، چُورو ٺاهڻ، ان ۾ مسالا ملائڻ جو ڪم ٿئي ٿو. تماڪ جي پنن کي سڪائڻ ان ۾ ڪيميڪل ملائي تيار ڪرڻ هڪ جدا فن آهي. دورِ قديم ۾ عربن وٽ تماڪ جي ٻوٽي کي ”طباق“ جي نالي سان سڏيندا هئا. اهي تماڪ جي پنن کي سڪائي ڪٽي رکندا هئا، نانگ يا وڇون جي ڏنگيل کي ڏنگ واري جاءِ تي تماڪ جو پائوڊر رکندا هئا. يا نانگ جي ڏنگيل کي قيءَ ڪرائڻ لاءِ ماکي ۾ ملائي پياريندا هئا. اهي تماڪ جي پيئڻ يا دکائڻ کان بلڪل ناواقف هئا. تانجو ڏهين صدي هجري جي آخر ۽ يارهين جي اوائل ۾ فارس ۽ هنڌ ۾ تماڪ جي دونهين پيئڻ جي رِيت وارد ٿي. اتان عرب ۾ پهتي. قديم دور ۾ تماڪ جي استعمال جو طريقو: ابتدا دور ۾ تماڪ ڪيئين استعمال ڪيو ويندو هيو؟ ان جي باري ۾ برٽش ميوزم لنڊن ۾ تصويرون موجود آهن. انهن کي ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته اهي گول دائري ۾ ويهندا هيا وچ ۾ تماڪ جا پن ساڙيندا هئا ۽ ڊگهين ڊگهين نلڪين جي ذريعي ان مان دونهون ڇڪيندا هئا. اهڙيون شاهديون به موجود آهن جو ڊگهي نلڪي جي آخري ڇيڙي تي تماڪ جا پن وجهي انهن کي جلائيندا هئا. نلڪي جو ٻيو ڇيڙو نڪ تي رکي ڊگها ڊگها ساهه اندر ڇڪيندا هئا. ڪي وري تماڪ کي ساڙي ان جي دونهين جو واس وٺندا هئا. ننڍي کنڊ ۾ تماڪ جي آمد: بر صغير ۾ تماڪ جي آمد ڪڏهن ٿي اها ڳالهه چٽي نه آهي. ڪن تاريخ نويسن چيو ته اڪبر بادشاهه جي زماني (1556 کان 1606) تائين جي زماني ۾ تماڪ برصغير ۾ متعارف ٿي چڪو هيو ۽ غالب گمان هي آهي ته تماڪ کي برصغير ۾ آڻڻ وارا پرتگالي واپاري هئا. جن جي اڳواڻ واسڪوڊيگاما 1498ع ۾ ملٻار جي ساحل تي قدم رکيو هو. شاهه جهانگير تزڪ جهانگيري ۾ لکيو آهي ته تماڪ کي فرنگي آمريڪا کان کڻي آيا شهزادي دارا شڪوه به ان جي تصديق ڪئي آهي. ان لکيو آهي ته تماڪ اڪبر بادشاهه جي عهد جي آخر ۾ فرنگين کان هتي آيو. ڪن چيو ته جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني جا گورا، واپاري بنجي برصغير ۾ آيا ته انهن اچي برصغير ۾ تماڪ جي استعمال کي ڦهلايو. سنڌ سڳوري جا ماڻهو تماڪ واپرائڻ کان واقف ئي نه هئا. انگريزن جڏهن تماڪ برصغير ۾ آندو ته اهو هندستان جي رياستن مان سنڌ ۾ پهتو. موجودهه پان جو رواج هتي مهاجرن جي ذريعي پکڙيو.

تماڪ جي تاريخ : 1492 ع ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس آمريڪين کي تماڪ پيئندي پوکيندي ڏٺو هيو. سنه 1518ع ۾ اسپين وارن تماڪ جي باقائده پوک پوکي. سنه 1558ع ۾ تماڪ جي پوک فرانس ۾ پوکي وئي. سنه 1584ع ۾ انگلترا ۾ اها بيماري پهتي. سنه 1601ع ۾ تماڪ مصر ۾ پهتو. سنه 1604ع مصر ۾ پير پُختا ڪري ورتائين. سنه 1604ع انگلترا جي بادشاهه جيمس اول ماڻهن کي سگريٽن جي نقصانن کان آگاهه ڪيو ته اهو ڦڦڙن کي خراب ڪري ٿو. سنه 1614 ع ۾ صرف لنڊن جي شهر ۾ ست هزار سگريٽ ۽ حقي پيئڻ جا هوٽل بنجي چڪا هئا. سنه 1628ع ۾ پوپ ارخين ثالث سگريٽ نوشن جي چرچن ۾ اچڻ تي پائبندي مڙهي. سنه 1642ع ۾ پوپ اروبان 7 عيسائيت ۾ سگريٽ نوشي جي حرام جو حڪم ڏنو. سنه 1652ع ۾ انگلترا ۾ تماڪ جي پوک تي پائبندي لڳائي وئي. سنه 1799ع ۾ مصر ۾ تماڪ جي باقائده پوک پوکي وئي. 1840ع ۾ فرانس ۾ هڪ سنهين پني ۾ تماڪ کي ويڙهي ان جي چوٽي کي دکائي تماڪ پيئڻ جي شروعات ڪئي، جيڪا سگريٽ جي صورت ۾ دنيا ۾ پکڙجي وئي. سنه 1880ع ۾ سگريٽ کي باقائده سهڻي شڪل ۾ ٺاهي ماڻهن لاءِ پرڪشش بنايو ويو. سنه 1910ع ۾ اقوام متحده اعلان ڪيو ته سگريٽ صحت جو دشمن آهي. ان کان بچو. سنه 1938ع ۾ ڊاڪٽر بيرل انڪشاف ڪيو ته سگريٽ ماڻهو جي عمر گھٽائي ٿو. سنه1939ع ۾ امريڪا ۾ پهريون ڀيرو ڪنگ سائز سگريٽ جو آغاز ٿيو. سگريٽ جي موجوده صورت سڀ کان اول برازيل ۾ سنه 1880 ع ۾ شروع ٿي. سنه 1954ع ۾ پهريون ڀيرو فلٽر وارو سگريٽ ٺاهيو ويو. سنه 1954ع ۾ آمريڪي ڊاڪٽر ٻڌايو ته سگريٽ مان ڪينسر جو مرض پيدا ٿئي ٿو. ان کان پوءِ مسلسل تحقيقون ٿيڻ لڳيون ۽ دنيا جي ڊاڪٽرن طبيبن جا پاڻ ۾ بحث مباحثا ٿيا. هر طرف کان اهي تحقيقون سامهون اچڻ لڳيون ته سگريٽ صحت جو ويري آهي. اڃا تائين ڪنهن به طبيب ۽ ڊاڪٽر اهو ثابت ڪونه ڪيو آهي ته ڪو سگريٽ بي ضرر شيءِ آهي. سگريٽ ساڙڻ : آمريڪي سروي مطابق سنه 1980 ع ۾ 650 ملين سگريٽ رڳو آمريڪا ۾ سڙيا. ان سال دنيا ۾ 100 ملين آمريڪي ڊالرن جا سگريٽ دنيا وارن ساڙيا هئا. تماڪ ۾ ڪيميائي جزا: تماڪ جي پنن ۾ ڪيميائي جزا لڌا ويا آهن. جيڪي نيش پيش زهر آهن. طبيبن جي تحقيق مطابق تماڪ جا پن سڙن ٿا ته ان مان ڇهه هزار ڪيميائي مرڪب پيدا ٿين ٿا. انهن مان مشهور مرڪب هي آهن: نيڪوٽين : يورپ جي هڪ سائنسدان ”جان نيڪوٽ“ سڀ کان اول تحقيق ڪري ٻڌايو ته تماڪ ۾ هي زهريلو مرڪب ٿئي ٿو. انڪري هن جو نالو ئي نيڪوٽين (nicotine)رکيائون. گھڻن سگريٽن پيئڻ واري کي ڏندن جي مٿان جيڪا ڦڪاڻ ظاهر ٿيندي آهي يا ان جي آڱرين جي ننهن جو رنگ ڦڪو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، اهو نيڪيوٽين جي سبب آهي. ان جي سبب دل ۽ دماغ جي شريانين ۾ ”کِـــرُ“ جمع ٿيندي آهي، جيڪا اڳتي هلي گھڻين مُهلڪ بيمارين جو سبب بڻبي آهي. نيڪوٽين (nicotine) هڪ زهر آهي. اهو جڏهن وات ذريعي نڙي ۽ ڦڦڙن تائين پهچي ٿو ته اهو خطرناڪ اثرات پيدا ڪري ٿو. اهو هاضمي جي نظام کي بگاڙي ٿو. ڦڦڙن ۾ پهچي ٿو ته کنگهه پيدا ڪري ٿو. تماڪ جي سائي ٻوٽي ۾% 2 کان % 10 سيڪڙو تائين نيڪوٽين هوندي آهي. جڏهن سُڪي ٿو ته اها % 0.5 کان % 5 تائين هوندي آهي. ان کي سَٽي ڪُٽي سگريٽ ۾ وڌو وڃي ٿو ته ان ۾ نيڪوٽين %1 کان %3 تائين هوندي آهي. ڊاڪٽرن جي تحقيق مطابق نيڪوٽين جو هڪ گرام ڪتي کي مارڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي. ان جا اثرات جسم ۾ يڪدم نظر نه ايندا آهن. بلڪه آهسته آهسته اهي جسم کي ڳاريندا رهندا آهن. انڪري ڪي ماڻهو دوکي ۾ رهندا آهن. چوندا آهن اسان ته سالن کان سگريٽ پي رهيا آهيون، اسان کي ته ڪجهه ڪونه ٿيو آهي. حقيقت ۾ اها اندر جو اندر سُري وانگر کائيندي رهندي آهي. ڪاربان مونو آڪسائيڊ: هيءَ شديد قسم جي زهريلي گئس آهي جيڪا تماڪ جي دونهين مان نڪرندي آهي. ان جو نه رنگ هوندو آهي نه بوءِ نه ذائقو. هڪ گاڏي جي دونهين ۾ اها گئس 5 کان 7.3 % تائين هوندي آهي. پر سگريٽ جي دونهين ۾ اها 1 کان 14 % تائين هوندي آهي. اها گئس رت جي هيموگلوبين ۾ آڪسيجن جي بجاءِ گڏجي ويندي آهي. ان جي سبب سگريٽ پيئڻ وارن کي ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيندي آهي. ڪاربان: هي ڊامبر وانگر ڪارو غليظ مواد آهي. جيڪو سگريٽ جي دونهين مان نڪرندو آهي. جسم جي خِلين کي بري طرح متاثر ڪندو آهي. تماڪ جي استعمال جون صورتون: تماڪ جو ڪوڙو ٻوٽو جنهن ۾ پوٽاش ۽ نوشادر جا جزا هوندا آهن. ان کان سواءِ ان ۾ نيڪوٽين جهڙا ڪيئي مُهلڪ مادا هوندا آهن. اهو اسان وٽ بيشمار صورتن ۾ استعمال ٿي رهيو آهي. اهو ڪهڙي به صورت ۾ استعمال ڪيو وڃي. نقصانن کان خالي ناهي. دونهين جي صورت ۾ واپرايو وڃي، يا وات ۾ وجهڻ جي صورت ۾ يا سنگهڻ جي صورت ۾ واپرايو وڃي. ان جي هيين ۾ هير پوي ته سولي جان نه ٿي ڇٽي. ان هزارن کي هلاڪ ڪيو آهي. ان کان بچڻ ضروري آهي. ٻيڙي ۾ تماڪ پوي، سگريٽ ۾ تماڪ پوي، پان ۾ تماڪ پوي، ناس تماڪ مان ٺهي، نسوار تماڪ مان ٺهي، سگار ۾ تماڪ پوي. تماڪ گهڻا گهر اجاڙي ڇڏيا. گهڻا وسندڙ گهر ويران ڪري ڇڏيا. ان ۾ وري جڏهن چرس پوي ٿو ته اهو زهر ۾ زهر آهي. دونهين جو استعمال: تماڪ جا پن ساڙي اهو گرم دونهون ساهه جي ذريعي اندر پهچائڻ ۽ ان زهريلي دونهين کي پنهنجو جيءُ جلائڻ بعد ٻاهر ڦوڪي ڇڏڻ. ان جون به ڪيئي صورتون آهن. ماڻهو ان دونهين کي پنهنجي حال حيثيت مطابق استعمال ڪن ٿا. غريب غربا ٻيڙي ذريعي، ڪي سگريٽ ذريعي، ڪي حقي چلم، ڪي سلفي يا ڀُنگري ذريعي تماڪ جي دونهين کي واپرائن ٿا. اهو گرم زهريلو دونهون وات، ناسن، ساهه جي نالين، ڦڦڙن، دل، دماغ، سڀني عضون تي اثرانداز ٿئي ٿو. جنهن مان بيشمار مُهلڪ مرض جنم وٺن ٿا. ان جي استعمال سان ديني، دنياوي، جاني، مالي، انفرادي، اجتماعي، گهريلو، اخلاقي روحاني نقصان ظاهر ٿين ٿا. جڏهن ڪو ماڻهو ان جي عادت ۾ مبتلا ٿي وڃي ته اهو پاڻ کي هڪ قسم جي زنجيرن ۽ ڳٽن ۾ قيد ڄاڻي ٿو. ڇڏڻ چاهي ته ڇڏي نه ٿو سگهي ۽ ماڻهو پاڻ کي مجبور سمجهي ٿو. حقيقت ۾ اهو به ابليس جو ڌوڪو آهي. اگر ڇڏڻ چاهي ته بلڪل ڇڏي سگهي ٿو. اللهم احفظنا وسائر المسلمين من الدخان ناس: تماڪ جي پنن کي سڪائي سَٽي ڪُٽي ان ۾ مزيد مهلڪ مادا ملائي، هڪ خاڪو تيار ڪيو ويندو آهي. جنهن کي ”ناس“ سڏيندا آهن. اها آڱوٺو ۽ اشهد آڱر ملائي هڪ چپٽي ڀري نڪ جي سوراخ تي رکي زور سان وڏو ساهه کڻي، اندر اماڻي ويندي آهي. ان جا مضر ۽ زهريلا اثرات آهن. جيڪي آهسته آهسته مرضن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا آهن. نسوار: تماڪ جي پن کي ڪٽي پيهي ان ۾ ٻيا مرڪب ملائي هڪ چورو تيار ڪيو ويندو آهي. ان کي ”نسوار“ سڏيندا آهن. اها وات ۾ ڏندن جي مهارن ۽ چپ واري کل جي وچين وٿي ۾ وڌي ويندي آهي. اهو تماڪ جي استعمال جو قبيح طريقو آهي ۽ سخت نقصانن جو ڪارڻ آهي. ان جا اثرات معدي ۽ آنڊن تائين پهچن ٿا. جنهن سان اعصاب مرضن ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. پان : تماڪ جا ڪيئي قسم پان جي پن ۾ ويڙهي، سوپارين سميت وات ۾ وجهي چٻاڙي ان جي رس چوسڻ کي پان سڏن ٿا. جيڪو پڻ صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيو آهي. ان مان وات جي ڪينسر جا ڪيئي مريض موت جو ڪوڙو پيالو پي چڪا آهن ۽ هزارين پان جي استعمال سبب اسپتالن ۾ بيمارين جون ڪلفتون ڪاٽي رهيا آهن. تماڪ پيئڻ يا شارب التنباک ما اجراکا ، من ذالذي فـي شربه افتاکا اتظن ان شرابه مستعذب ، ام هل تظـن بان فيه غذا کا هل فيه نفع ظاهر لک يا فتيٰ ، کلا فلا فيه سـويٰ ايذا کا وتلاف مال لاتجد عوضا له ، الا دخاناً قد حـثيٰ احثاکا اي تماڪ واپرائڻ وارا توکي ڪنهن اهڙي جرئت ڏياري آهي؟ توکي ڪنهن تماڪ واپرائڻ جي فتويٰ ڏني آهي. تون سمجهين ٿو ته ان جو پيئڻ مزيدار آهي؟ يا تون سمجهين ٿو ته ان ۾ تنهنجي ڪا غذا آهي؟ اي نوجوان ! ان ۾ ڇا ڪو تنهنجو ظاهري نفعو آهي؟ هرگز نه.. تنهنجي نقصان کان سواءِ ان ۾ ٻيو ڪجهه به نه آهي. مال جو اهڙو نقصان آهي جنهن جي موٽ ۾ ڪو نفعو ئي نظر نه ٿو اچي. سواءِ ان دونهين جي جيڪو ڦوڪن ۾ ڪڍين ٿو. دونهين جي مذمت کم في الدخان معائب ومکاره ، دلت رزائله عليٰ انکاره يوذي الکرام الکاتبين بِنَـتْنِه , وامام وجهک شعلة من ناره کم من نقود يا فتيٰ وملابس ، اتلفتها بشرائه وشراره وبه الثنايا اللولويه افسدت ، بقبيح لون سواده وصفاره وتري الصفار عليٰ شواربه بدا،من جذبه الدخان من منخاره وتري الهوام اذا احسن بريحه ، ترک المکان وفر من اوکاره والخل لاتلوي اليه لخبثـه ، ابدا ولا تدنوا اليٰ ازهاره ولـنتنه ولـقبحه في طعمه ، لـم تدن سائمة اليٰ اشجاره

ڪنهن ماڻهو هڪ الله واري کي وڏي هيج مان سگريٽ پيش ڪيو. پاڻ ان کي چيائين: اتکرمني بسيجار الدخان، وما في شربها الا هوانِ ايشعل عاقل بيديه نارا ، ليحرق نفسه في کل آن ڇا سگريٽ جي ذريعي تون منهنجي عزت افزائي ٿو ڪرين؟ ان جي پيئڻ ۾ ته منهنجي لاءِ خواريءَ کان سواءِ ڪي به ڪينهي. ڇا ڪو سياڻو گھڙي گھڙي باهه ٻاري ان ۾ پنهنجي جان جلائيندو؟ شوق دا ڪوئي ملهه نهين : پر پوءِ به ڪنهن کي ڪهڙو شوق ڪنهن کي ڪهڙو؟ ڪنهن کي ٻين کي ساڙڻ جو شوق ڪنهن کي پنهنجي جان جلائڻ جو ذوق ، پنهنجي سيني ساڙڻ جو شوق. ڪنهن چيو ته: اک تصویر وفا ہے میرا سگریٹ اور میں دونوں اک دوجے کوہاتھوں میں لئےجلتےہیں سگريٽي همراهه به صبح سويل اٿندا ته نه خدا ياد نه رسول اول دونهين جي دٻ. دونهون به اهڙو جو منهن ڍڪجي وڃي. پوءِ چوندا ته اسانجو منهن دونهين مان ائين پيو چمڪي جيئن ڪڪرن مان چنڊ. هڪ جاءِ تي سگريٽن جي شوقينن جي مجلس جاري هئي، همراهه بنهه دونهين جا دلداده هئا. سڀني وٺي جو ڪَشَ هنيا ته ساري مجلس دونهون ئي دونهون ٿي وئي. انهن مان هڪڙو شاعر هيو ان فرمايو : طما فينا دخان کالسحاب ، فصرنا منه في عين الحجاب کاَنّ وجوهنا فيه نجوم ، تراءت للملا بين السحاب

وساءِ ساءِ سگريٽ وساءِ ! ان سان صحت تباه مال تباه ! نه اول بسم الله نه آخر الحمد لله .. نه ساهه کڄي سوکو .. سگريٽي گذاري اولو ۽ اوکو ... توبه زاري عمر ساري ، جنهن اڄ ڇڏيا سو ڪامياب، تماڪ جي زراعت: تماڪ، ڀنگ، ڏوڏِي جي پوک پوکڻ به جائز نه آهي. اها گناه ۾ ٻين جي مدد ڪرڻ آهي. رب فرمايو: ولا تعاونوا علي الاثم والعدوان گناهن جي ڪم ۾ هڪ ٻئي جي مدد نه ڪيو. اها پوک پوکي ٻين کي گناهه مهيا ڪري ڏيڻ به گناه آهي. تماڪ جو واپار: بعض علماءَ حرام چيو آهي. اها ڪمائي به حرام سڏي آهي. ان مان خيرات ڪرڻ، حج ادا ڪرڻ، ٺيڪ نه آهي ڇو ته: ان الله طيب ولا يقبل الا طيبا بيشڪ الله پاڪ آهي ۽ پاڪيزه شين کي ئي قبول ڪري ٿو. اهڙي ڪمائي ۾ برڪت نه هوندي آهي نه اهڙي ڪمائي ۾ ڪو سڪون ملي سگهندو آهي. تماڪ : زراعت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته تماڪ جي ٻوٽي ويجهو نه جانور وڃي ٿو نه پکي نه ماکي جي مک.

تماڪ جي پوک[سنواريو]

تماڪ جو استعمال[سنواريو]

سگريٽ نوشي جگر سوزي: سگريٽ صحت جو دشمن ۽ پيسي جو ويري آهي. اولهه جي شاهوڪار ملڪن جا ماڻهو ان کي بدترين نشو سڏي ان کان بيزار ٿي ان جي روڪٿام لاءِ باقائده منظم طرح ڪوششون ڪري رهيا آهن. پر پاڪستان جهڙي ترقي پذير ملڪ ۾ ان جو استعمال ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. ان جي روڪٿام جي ڪا به منظم ۽ مربوط ڪوشش ڪونه پئي ڪئي وڃي. جنهن جي نتيجي ۾ نئون نسل تباه ٿي رهيو آهي. اتان جو عوام هن زهريلي ٻوٽي جي اُگرن نتيجن کان آگاه ٿيڻ بعد ان جي استعمال ۾ گھٽتائي ڪري رهيو آهي. پر اسان جو عوام روزبروز ان پاسي وک وڌائي رهيو آهي. سگريٽ ڇڏڻ جو عالمي ڏينهن: دنيا جون حڪومتون 31 مئي جو ڏينهن سگريٽ نوشي ڇڏڻ جي عزم جو ڏينهن ڪري ملهائن ٿيون. اسان وٽ سگريٽن جي تشهير تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ماڻهن کي ان لاءِ اڀاريو وڃي ٿو.


تماڪ خطرناڪ[سنواريو]

ماهرن مطابق هن وقت دنيا کي هڪ سنگين خطرو سگريٽ نوشي جي صورت ۾ پيش آهي. تماڪ نوشي جي جيترن خطرن ۾ هن وقت دنيا وڪوڙجي وئي آهي اوترو اڳ نه هئي. تماڪ نوشي ٻين نشن جيئن چرس، ڀنگ، آفيم، گانچو، شراب هيروئن کان وڌيڪ خطرناڪ آهي. ڇو ته انهن شين کي نشو سمجهي انهن کي عيب سمجهيو وڃي ٿو. پر تماڪ خوري يعني سگريٽ ۽ پتي پان، ناس ۽ نسوار کي گھڻا ماڻهو عيب ئي نه ٿا سمجهن. نه وري انهن مان پيدا ٿيندڙ خطرن تي غور ڪرڻ لاءِ تيار ٿين ٿا. نه وري حڪومت ان جي خلاف ڪو عملي قدم کڻي ٿي. ان ڪري تماڪ ماڻهن جي پيسي، صحت ۽ مال کي نپوڙي رهيو آهي. سگريٽ ساز ڪمپنيون: سگريٽي ڪمپنين وڏي چالاڪي ۽ هوشياري سان راندين جا بار پنهنجي مٿان کنيا آهن. راندين جو اهتمام ڪري ماڻهن کي پنهنجي سگريٽن جي تشهير ڪرائن ٿا. ماڻهو بي شعوري ۾ راندين ڪرڪيٽ ۽ هاڪي وغيرهه جي تفريحي لمحن ۾ سگريٽي اشتهار پڙهي سگريٽن کي به خوشي ۽ طرب جو هڪ ذريعو سمجهي ان جا عادي بنجي وڃن ٿا. هڪ سروي مطابق پاڪستان ۾ صرف پي ٽي وي سگريٽن جي اشتهارن مان پنجن کان ڏهن ڪروڙن تائين ساليانو ڪمائي ٿي. وزارت صحت جيترو سگريٽ نوشي جي روڪٿام لاءِ بجيٽ رکي ٿي ان کان ڏهوڻ پيسا سگريٽ ساز ڪمپنيون پنهنجي مصنوعات جي تشهير تي خرچ ڪن ٿيون.

شاعرن جي شرارت: سگريٽ جي صنعت کي هٿي وٺائڻ ۾ شاعرن ۽ فنڪارن جو به وڏو هٿ آهي. اهي هر ڪش دلڪش جهڙا نعرا هڻي، يا سگريٽ جي صفت ۽ ثنا ۾ شعر ٺاهي ماڻهن کي بي عقل بنائن ٿا. جيئن هڪ شاعر فرمائي ٿو ته: وڃي تون اي سگريٽ! چپ چم، عجيب ٿئي شال منهنجو به اهڙو نصيب هُتي تو کي عزت ۽ حرمت ملي هتي هڪڙو عاشق مري پيو ڀلي سگريٽ نوش نصيحت ڪرڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي وڃي ٿو. چوي ٿو منهنجي زندگي آهي، جيئن گذاريان مون کي دنيا ۾ پنهنجي مرضي سان جيئڻ جو حق آهي. ان کي چئبو ته بابا اگر پنهنجي مَنَ ماني زندگي گذارڻ جو توکي حق آهي ته تنهنجي پاسي اوسي ۾ رهڻ وارن جا به ته ڪي حق هوندا. انهن کي به صحتمند رهڻ ڏي. انهن جي فضا کي دونهين سان خراب ڪرڻ جو توکي ڪهڙو حق آهي! ٻين جي صحت کي خراب ڪرڻ جو توکي ڪهڙو حق آهي. پاڪيزه فضائن کي آلوده ڪرڻ جو تو کي حق نه آهي. ٻين کي بيمار بنائڻ جو توکي حق نه آهي. جيڪي پيسا سگريٽن ۾ ساڙين ٿو، تنهنجي ابي امان، ٻچن، اهل اولاد جو تو تي حق آهي. انهن جي خرچ جا پيسا سگريٽن ۾ نه ساڙ. اسراف نه ڪيو : الله ڪريم فرمايو آهي ته: كلوا واشربوا ولا تسرفوا انه لا يحب المسرفين ۽ کائو ۽ پيئو ۽ پر اجايو خرچ نه ڪيو. بيشڪ الله اجائي خرچ ڪرڻ وارن سان محبت نه ٿو رکي. حلال ۽ پاڪيزه کاڌو هجي پر ان ۾ به اسراف سان ٻانهو الله جي محبت مان نڪري وڃي ٿو. پر ان جو ته غور ڪيو جيڪو دونهين وارا ڪارا ساهه کڻي ٿو جيڪو نه کاڌو آهي نه پيتو آهي. پيئڻ وارو خود مڃي ٿو ته منهنجي وات ۾ گندي شيءِ آهي. گرم دونهون اندر اماڻڻ. سان سينو ٿي سڙيو. پوءِ سگريٽ ساز ڪمپنين پنهنجي گراهڪي وڌائڻ لاءِ ان جي وات واري حصي ۾ فلٽر لڳايو ته جيئن دونهين جي ساڙي ۾ ڪمي واقع ٿئي. ڪن تماڪ جي گرم دونهين کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ حقو يا چلم ٺاهي. جيئن ساهه زور سان ڇڪڻ سان تماڪ جو دونهون پاڻي مان گذري ته ٿڌو ٿي اندر داخل ٿئي. ائين ڪرڻ سان دونهين جي حرارت ۾ ته ڪمي ٿي پر تماڪ جا زهريلا اثرات ته پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن موجود رهيا. پر ان ۾ هڪ وڌيڪ خرابي هيءَ پيدا ٿي جو چلم جي چٺ ۾ پيل پاڻي جيڪو جراثيمن سان ڀرپور ٿي وڃي ٿو. ان مان جڏهن هوا گذري ٿي ته اهي جراثيم ساهه جي ذريعي اندر داخل ٿين ٿا. حرمين شريفين ۾ سگريٽ نوشي تي پائبندي: دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ سگريٽن جي پابندين بابت قانون جوڙيا ويا آهن. سعودي حڪومت انهن ۾ پيش پيش آهي. سعودي حڪومت جا سگريٽ نوشي جي سدِباب بابت ۽ سڄي دنيا مان اچڻ وارن مسلمانن کي ان جي نقصانن کان آگاهه ڪرڻ بابت پوري سعودي جي عام چونڪن چوراهن ۽ عوامي ميڙاڪن وارين جاين تي سگريٽن جي نقصانن بابت بورڊ لڳايا ويا آهن. مڪه مڪرمه ۽ مدينه منوره جي روڊن رستن تي بورڊ لڳايا ويا آهن، جن تي مختلف قسمن جا الفاظ لکي سگريٽ نوشي کان رڪجي وڃڻ جي ماڻهن کي اپيل ڪئي وئي آهي. حرمين شريفين جي حدن ۾ چارئي طرفن کان بورڊ لڳايا ويا آهن: انهن تي لکيل آهي: ممنوع التدخين. مثلاً : مسجد نبوي جي قريب هڪ بورڊ تي لکيل ڏٺم : ”اسرتڪ احق بما تنفقه علي التدخين“ جيڪو سگريٽن تي خرچ ڪرين ٿو تنهنجي گھر وارا وڌيڪ حقدار آهن جو اهي پيسا انهن تي خرچ ڪرين. ڪافي جاين تي وڏن سائن بورڊن تي دل ڇاپيل آهي ان کي سگريٽ نانگ وانگر ويڙهيو پيو آهي. هيٺان لکيل آهي: ”ممنوع التدخين“ روضي پاڪ جي بلڪل سامهون هڪ وڏي هوٽل تي تمام نمايان اکرن ۾ لکيل ڏٺم: ”اوهان رسول الله جي شهر ۾ آهيو ڪجهه خيال ڪيو. هن شهر کي دونهين کان خالي رکو“. هڪ بورڊ تي لکيل هو: ويحرم عليهم الخبائث . والدخان خبيث

                      معا لتکون مدينة الرسول خاليا من التدخين.

منهنجو نبي اوهان تي خبيث شين کي حرام ڪري ٿو. دونهون به خبيث آهي. ان سان گڏ هي ڳالهه به ته رسول الله ﷺجو شهر دونهين کان خالي هجي. سعودي قانون ۾ عوامي ميڙاڪن ۾ ماڻهن جي وچ ۾ سگريٽ پيئڻ منع ڪئي وئي آهي.


ڪافي آفيسن ۾ دفترن ۾ سگريٽ پيئڻ کان منع ڪئي آهي. قطر جي دوحا ايئر پورٽ ۽ دبئي ايئر پورٽ تي شيشي جا ننڍا ڪمرا ڏٺاسين جن تي لکيل هيو ”غرفة التدخين“ ان ۾ دونهين جي اخراج لاءِ خاص نيڪالي پائيپ لڳل هئا. مون ان ۾ اندر جھاتي پاتي ته اهڙي بدبوءِ آئي جو هيانوُ اوراٽجڻ لڳو. ڪي اتي سگريٽ پي رهيا هئا، ائين پي لڳو ڄڻ ڪي قيد جي ڪوٺڙي ۾ واڙيل آهن ۽ گرمي ۽ دونهين جي سزا ڪاٽي رهيا آهن. جهازن ۾ سيٽ تي ويهڻ سان سامهون اشارو نظر اچي ٿو جنهن تي سگريٽ نه پيئڻ جو اشارو سامهون نظر اچي ٿو. ڪي جهاز اهڙا ڏٺاسين جن ۾ مڪمل طرح سگريٽن پيئڻ جي پائبندي آهي. جن جهازن ۾ ٿوري دير لاءِ موالين کي اجازت ڏين ٿا ته اها به انهن سيٽن وارن کي جيڪي جهازن جي پيٽرول جي ٽانڪين ۽ پَــرَن کان پري واريون سيٽون آهن. ڇو ته جهازن جو پيٽرول تمام تيز هوندو آهي، متان سگريٽ جي شعلي ۾ جهاز کي باهه نه لڳي وڃي. مصر سعوديه قطر ۾ سگريٽ مٿان سخت پائبندي آهي پوءِ به اتي تمام گھڻو سگريٽ پيتو وڃي ٿو.

تماڪ جا پن

پير ڪرم الله الاهي المعروف دلبر سائين دربار فضل آباد شريف ماتلي