مواد ڏانھن هلو

سيلامينڊر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيلامينڊر (salamander) خشڪي ۽ پاڻي جي ڪرڙي جو هڪ قسم آهي. ھن کي پنھنجي جسم جي اڳئين ۽ پوئين پيرن ۽ پنھنجي پڇ جي ڪٽجڻ يا ڌڪ لڳڻ کانپوءِ ٻيھر پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آھي. حيرت انگيز ڳالھ اها آهي تہ ھي پنھنجي دل، دماغ ۽ ٻين اندروني حصن کي بہ ٻيھر پيدا ڪري سگهي ٿي جنھن کي ري جنريشن (Regeneration) جي صلاحيت چئبو آھي.

سيلامينڊر

ھي گهڻي ڀاڱي آمريڪا ۽ اتر آفريڪا، ايشيا، يورپ ۽ ٻين علائقن ۾ ملن ٿيون. شاخن جي پٿرن، پتن هيٺان جهنگ ۾ رهنديون آهن. ھن جو سائنيسي نالو Urodela آهي، ۽ خاندان Salamandriae آھي. ھي هڪ زهر رکندڙ ڪرڙي آهي جيڪا پنھنجي چمڙي تي اهو لڪائي رکندي آهي جڏهن ڪو جانور انکي کائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي تہ اهو ٻاهر ڪڍندي آھي.

هي ڏيڏر ۽ ڪرڙي جيان ڏيک ڏيندڙ هجي ٿي ڪجهہ سيلامينڊرن جا چار پير ۽ ڪجهہ جا ٻہ پير هجن ٿا.

ماهرن کي هڪ تحقيق مان پتو پيو آهي تہ سيلامينڊر جا عضوا ٻيھر جنم هڪ اهڙي صلاحيت تحت وٺندا آهن جيڪا ان جي  میڪروفیجز معدافتي سيلن جي نظام تي تابع ڪندي آهي جنھن ۾ ميڪروفيج خليا ڌڪ واري جڳھ تي جواب ۾ اهم اڳڀرائي ڪندا رهندا آهن جيڪي ٻہ کان چار ڏينھن اندر هڪ زخم تي پھچي ويندا آهن ۽ انجي مرمت ڪرڻ ۾  لڳي ويندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. "سائنس جي دنيا بلاگر". حاصل ڪيل 2019-10-31.