سيف الملوڪ (سرائڪي شاعري)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيف الملوڪ: ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جو ڇپايل ڪتاب ’سيف الملوڪ‘ عرف ’سفلنامون‘، سرائڪي زبان جي مشهور شاعر مولوي لطف علي جو جوڙيل آهي. مولوي لطف علي جي والد جو نالو غياث الدين هو، ۽ هو سماٽ قوم جو نيجڙو ذات جو هو. سندس ولادت ضلعي رحيم يار خان جي ڳوٺ بهاولپور ۾ اٽڪل 1145هجريءَ ڌاري ٿي. مولوي لطف علي خان جا سرائيڪي بيت، سڄي ملڪ ۾ مشهور آهن، ۽ انهن کي انهي ڪري به وڏي اهميت آهي، جو هن خطي جا ٻيا ڪيترائي شاعر سندس ڪلام کان متاثر ٿيا ۽ انهيءَ جي تتبع ۽ رنگ تي سرائڪي ٻوليءَ ۾ ڪلام چيائون، جن مان حمل خان لغاريءَ جو نالو قابل ذڪر آهي. ’سيف الملوڪ ۽ بديع الجمال‘ جو هي قصو ساري دنيا ۾ مشهور آهي، تنهن کي مولوي لطف عليءَ نهايت ئي وڻندڙ بامحاوره ۽ پختي سرائڪي ٻوليءَ جي نظم ۾ چيو آهي، نظم ايترو ته عاليشان ۽ اثرائتو آهي، جو ڪيترن ئي ٻين شاعرن کي سندس نظم ڏسي رشڪ ٿيو ته هو به ساڳيءَ ٻوليءَ ۾ هن قصي کي نظم ۾ چون-ڪيترن شاعرن اهڙيون ڪوششون به ڪيون مگر لطف علي واري درجي کي حاصل ڪري نه سگهيا. هي منظوم سرائڪي قصو 264 عنوانن تي مشتمل آهي، جنهن کي هن بلند پايه شاعر عروج تي پهچائي ڇڏيو آهي. سندس بهترين سرائڪي نظم جو هڪ مثال پيش ڪجي ٿو: مرد ملوڪ اڳي ملڪان دي در دل دا درد سڻائي، باپ ميڏا هي شاهه مصر دا عاصم نام سڏائي، هي زابر ايران اُتي پر ترڪستان ڪنبائي، او ڪامل سليماني ڪپڙا کول ميڪون ڏ ِ کلائي، هي تصوير پري دي تـِس تي-تيغ ميڪون ڀڙڪائي، ڌي شهپال بديعل بانو، بدل ٻهون بدلائي، مهرو ملڪ اِرم وچ هردم، حسني طبل وڄائي! شاعر، قصي جي شروعات ۾ سرور ڪائنات، چئن يارن، امامن، ۽ معصومن، جي تعريف نظم ۾ ڪئي آهي انهيءَ کان پوءِ بهاولپور جي نواب، بهاول خان ثالث جي تعريف ڪئي اٿس، انهيءَ کان پوءِ قصو شروع ڪيو اٿس. سيف الملوڪ جي اول ۾، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو هڪ محققانه مقدمون ڏنل آهي، جنهن ڪتاب جي شان ۽ عظمت ۾ حد کان وڌيڪ اضافو ڪيو آهي. 45 صفحن جي هن عالمانه مقدمي ۾ مولوي لطف عليءَ جي سوانح حيات سندس تصنيفن، ٻولي، لطف علي رحه شاعري ۽ اصل قصي جي سٽاءَ، مختلف ڇاپن ۽ تاريخي پس منظر تي نهايت ئي اعليٰ نموني ۾ تبصرو ٿيل آهي. جيڪو پُر معلومات ۽ دلچسپ آهي. 176 صفحن جي هن خوبصورت ڪتاب جي ڇپائي ۾ ’سنڌي ادبي بورڊ ڪرائي آھي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. مير محمد نظاماڻي جو تبصرو؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ؛ 1962ع