سيف الله خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سيف الله خان
ٺٽي جو مغل گورنر
1137ھ کان 1142ھ
پيشرو عبدالسميع خان
جانشين دلير خان
ريجنٽ محمد شاھ
نسل صادق علي خان
لاڏاڻو 1143ھ
ٺٽو
تدفين مڪلي
مذھب اسلام

سيف الله خان (انگريزي: Saifullah Khan)فرخ سير بادشاهه جي اهم اميرن مان هو. 1142ههھ، پنهنجي وفات تائين ٺٽي جو صوبيدار رهيو.[1].نواب سيف الله اڳ ۾ نواب ابراهيم خان پٽ علي مردان خان جو باڊي گارڊ هو. هو جڏهن 1137ههھ ۾ سنڌ جو صوبيدار ٿي آيو ته تحفة الڪرام مطابق سنڌ کي وڏي ترقي وٺرايائين ۽ هر طرف رونق ٿي ويئي. پاڻ شيعي مذهب سان تعلق رکندڙ ۽ شريعت جو پابند هو، تنهن ڪري اچڻ سان ئي هر نشي تي پابندي هڻي ڇڏيائين. هڪ ڏينهن ڪو ڀنگ جو موالي سندس خدمت ۾ حاضر ٿي چوڻ لڳو ته توهان اسان جي محبوبا (ڀنگ) کي اسان کان کسي ورتو آهي ته نواب سيف الله جواب ڏنس ”توهان جي محبوبا فقيرياڻي ڇڙواڳ ٿي ويئي هئي، ان ڪري کيس پردي ۾ رکيو ويو آهي.“ نواب سيف الله سهڻن اخلاقن ۽ عادتن سان سينگاريل هو. 1143ههھ ۾ ڇن (Scrotum) جي بيماريءَ ۾ گذاري ويو ۽ مڪلي ۾ دفن ڪيو يو. وفات کان پوءِ سندس پٽ صادق علي خان ڪجهه عرصو شهر ۾ رهيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ سنڌيڪار: اعجاز الحق قدوسي خالد وسير ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي