سيزر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Yael Killing Sisera, by Lambert Lombard, 1530–35.

سيزر يا سيسرا (انگريزي ٻولي: Sisera يا Sîsərā ) (عبراني:סִיסְרָא) پراڻي دور جو هڪ ڪنعاني فوج جو بادشاھ هازر جابين جي هٿ هيٺ ڪمانڊر هو، جنهن بابت عبراني انجيل جي ججن جي پوٿيءَ (4، 5) ۾ ڳالھ ٿيل آھي. سيزر عبراني قبيلن زيبولن ۽ نڦٿالي جن جي اڳواڻي ديبورا ۽ براڪ ڪئي ٿي کان هار کائڻ کان پوءِ جان بچائڻ لاءِ ڀڄي نڪتو ۽ هڪ ميداني علائقي ۾ ھڪ عبراني ناري جائيل وٽ هڪ خيمي ۾ پناھ ورتائين جنهن کيس مدهوش ڪري کيس مٿي ۾ ڪِلُ ٺوڪي کيس ماريو.

انجيل جون روايتون[سنواريو]

انجيل جي قاضيون جي ڪتاب موجب هازر جي راجا جبين عبرانين سان ويھ سال لڙائي وڙھي. سندس فوج جو اڳواڻ سيزر هو جنهن سان 900 لوهي رٿ گاڏيون چُر نما هروشيٿ هگيون مورچي وٽ ساڻ ھيون.[1] جڏهن پيغمبر ديبورا جا هڪ ناري هئي براڪ کي ساڻ ڏھ ھزار بني اسرائيلي ساڻ ڪري سيزر سان جنگ ڪئي جبل طابور واري ۽ ايزدارالين ميدان تي لڙائيءَ ۾ سيزر هارايو ۽ جان بچائي ڀڄي نڪتو. قاضيون جو ڪتاب 5:20 لکي ٿو تَ” بهادر ستارا وڙھيا ۽ دشمن لشڪر جو ڪشيون ماٿريءَ مان صفايو ٿيو“. ان جنگ کان پوءِ چاليھ سال امن رهيو.

جنگ کان پوءِ سيزر ڀڄي نڪتو ۽ هڪ عبراني نسل جي ڪنعاني وٽ زهنيم جي ميداني علائقي ۾ ھيبر جي گهرواري جائل وٽ لڪيو، جنهن کيس بچائڻ جو واعدو ڪيو. هن کيس پنهنجي خيمي ۾ ٽڪايو ۽ ڀرپور ميزباني ڪندي کيس کير پياريائين. جائل کيس هڪ قالين ۾ لڪايو پر جڏهن کيس ننڊ آئي تَ جائل کيس هڪ هٿوڙي سان مٿي ۾ ڪل ٺوڪي کيس ماريو. ڪل جي چھنب گهڻي تکي هئي جنهن سان سندس مٿو ٻَ اڌ ٿي ويو ۽ زمين تي ڪريو. بعد ۾ بني سرائيلي نبي ساميوئل پنهنجي تقرير ۾ ماڻھن کي ٻڌايو تَ” سيزر تي سندن خدا جي بي ادبي ڪرڻ ۽ نَ مڃڻ ڪري عذاب آيو.“

آثار قديمي ڄاڻ[سنواريو]

By Jan de Bray, 1659

سيزر جي نالي جي ساڌن وديا پڌري نَ ٿي سگهي آ. سيزر جي نانءُ بابت گهڻائي شڪ آھن، جيئن فلسطين، هِٽي، حُورين يا سيس۔را (سيس= ٻانهو، را= مصر جي ٽمورتي خدائن اوسيرس، را ۽ ٽا منجهان هڪ). اسرائيلي ڀونءِ وگيانڪ آدم زرتل موجب تَ سيزر سامونڊي ماڻھن منجهان هوندو جيڪي شرڌين سڏبا آھن. پڪ سيزر سردينيا ٻيٽ منجهان آيل هوندو. زرتل ۽ اورين ڪوهن موجب ال اهوت، خطزير هارش ۽ نهل آرن واريون چُرون(غارون) هروشيٿ هگيون جون جايون آھن جي سيزر جا اهم فوجي اڏا هيا. جيتوڻيڪ اتهاسڪار اڃا پاڻ ۾ متفق ناهن. نائيڊچ جي صلاح ۾ هروشيٿ نانءُ پڪ هن ڳالھ ڏي ڌيان ڇڪائي ٿو تَ سندس گهر ڪنهن جهنگلي وسندي ۾ ھوندو.

سيزر عبراني روايتن ۾[سنواريو]

عبراني(يهودي) انسائيڪلوپيڊيا موجب تَ سندس پيءُ جو نانءُ شامگر شڪ ۾ اچي ٿو جو بِ عبرانين جو وڏو ڪٽر دشمن هيو. عبراني اتهاسن ۾ آيل آ تَ جڏهن سيزر جنگ تان گهر نَ وريو تَ سندس امڙ جون آھون عرش ڏاريندڙ ھيون. هوڏانهن شوفور جيڪو عبرانين جو مرڪزي شھر هو تنهن ۾ ”روش حشانا“ (عبراني نئون سال) جي موقعي تي لکين ڦٽاڪا سيزر جي مرڻ جي خوشيءَ ۾ ڦاٽا. تالمود جنهن جو درجو عبرانين وٽ تورات کان پوءِ آھي تنهن موجب تَ بعد ۾ سيزر جي پوئينرن يهوديت قبولي ۽ جروشلم جي ڌرم شالا ۾ انهن مان ربي اکيا نالي هڪ وڏو ڌرم گرو نڪتو. تالمود ۾ آيل آ تَ جائل سيزر کي ٿڪائڻ واسطي هن سان ست چڪر سنجوڳ(جنسي ميلاپ) ڪيو پر هن جو اهو ڏوھ کيس جنت ۾ وٺي ويندو ۽ يهودي سندس سدائين ٿورائتا رهندا. مدراش موجب سيزر هڪ وڏو طاقتور جوڌو هو سواءِ هڪ آخري جنگ جي هو سدائين سوڀارو رهيو جنهن ۾ بِ هو وڙھيو. سندس موت يهودين قبيلن لاءِ وڏو مددگار ثابت ٿيو جنهن کان پوء ڪنعان تي يهودين جي مڪمل بالادستي قائم ٿي. سندس هڪلون تمام تيز هونديون هيو جو ڀتيون ڊھي ڊھي پون ۽ ڪو سگهو جانور بِ ڇرڪ ڀري مري پوي. ديبورا ئي هڪ انسان هئي جنهن سندس آواز جو مقابلو ڪيو ۽ جاءِ تان نَ چُري. پنهنجي سموري فوج کي هن هڪ جنگي اڀياس دوران ڏاڙھيءَ سان مڇيون ڦاسائي کارايو هيون. 31 راجائون ساڻس اسرائيل سان پاڻيءَ ۾ ٿيل ڇڪتاڻ ۽ پيئڻ وقت گڏ هوندا هيا.

گيلري[سنواريو]

سيزر جي موت جو واقعو يورپ ۾ گهڻو مقبول آھي ۽ ڪيترن ئي چترڪار ۽ لکارين کيس پنهنجي تخليق جو موضوع بڻايو آھي. ڊچ ڊکڻ ۽ چترڪار هن جي موت جو منظر ڪاٺين سان ٺاهيو هو.

حوالا[سنواريو]

  1. "Judges 4:2 NIV". Biblica. حاصل ڪيل 2021-02-08.