سيد ميان ٻڍل شاھ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد ميان ٻڍل شاھ (انگريزي: Syed Mian Budhal Shah) مٽياري سيدن جي سنائي شاخ جي اميناڻي پاڙي مان هو. سندس جنم نوابشاھ ۾، 1894ع ڌاري ٿيو. ابتدائي تعليم مقامي اسڪول ۾ ورتائين، کيس سيد غلام حيدر شاھ نالي ڀاءُ هو. هي ننڍا ئي هئا ته 1904ع ڌاري سندن والد وفات ڪري ويو[1]. انهيءَ زماني ۾ نوابشاھ طرف جون زمينون اڃا پوريءَ طرح آباد نہ ٿيون هيون پر پوء سدا واھ ۽ ناري واھ جي نڪرڻ ڪري، هي خطو سر سبز ۽ آباد ٿي ويو ۽ انهيءَ ڪري سندن ملڪيت ۽ پيدائش به وڌي ويئي، نوابشاھ شھر ضلعي جو هيڊ ڪوارٽر ٿيو. اهو شهر سندس والد سيد ميان نواب شاھ جي نالي تي ٻڌل آهي[1]. وڏي ٿيڻ کان پوءِ هن آسپاس جي زميندارن سان دوستاڻا تعلقات وڌايا. سندس بنگلو سدائين مهمانن سان ڀريو پيو هوندو هو، ٿوري وقت اندر سندس سنگت جو هڪ وڏو گروھ بنجي ويو، جنهن ۾ وڏيرو خان محمد کڏهري ،وڏيرو الهه اوڀايو ڪيريو، وڏيرو علي خان ڪيريو، ميان محمد معصوم کنيارن وارو، هسو خان گپچاڻي، وڏيرو محمد فاضل لاکو، شھمير خان راهو، دين محمد جويو ۽ ٻيا ڪيترا ماڻھو شامل هئا[1]. ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر، تعلقي لوڪل بورڊ نوابشاھ جو پريزيڊنٽ ۽ پهرين جولاءِ 1940ع کان 10 فيبروري 1942ع تائين، نوابشاھ ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو[1]. سن ۾ 1924ع مارچ ڌاري سڏايل مٽياري سيدن جي ڪانفرنس ۾، پنهنجي پاڙي جي مڙني سيدن سميت شرڪت ڪئي هئائين. سندس طبيعت ذيابيطس ڪري ٺيڪ نه رهڻ لڳي ۽ اٺيتاليھ سالن جي عمر ۾، 22 جنوري 1942ع مطابق 22 محرم 1361ھ تي وفات ڪيائين، کيس هڪ فرزند ميان نواب شاھ نالي ٿيو، ليڪن اهو مستانو هو[1]. ھن جو ڀاءُ ميان غلام حيدر شاھ نوابشاھ ميونسپالٽيءَ ۽ تعلقي لوڪل بورڊ نوابشاھ جو پريزيڊنٽ رهي چڪو هو، نوابشاھ ميونسپالٽيءَ جو، هڪ دفعي 13 آگسٽ 1947ع کان 10 آڪٽوبر 1949ع تائين، ٻئي دفعي 21 ڊسمبر 1952ع کان 20 ڊسمبر 1957ع تائين، پريزيڊنٽ رهيو. 1953ع کان ون يونٽ ٿيڻ تائين، سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿي رهيو[1]. ڀاءُ جي گذرڻ کان پوءِ، هن جي طبيعت به ٺيڪ نه رهي. اڪثر بيمار گذاريندو هو. نيٺ 11 فيبروري 1963ع، مطابق 15 رمضان 1382ھ تي، نوابشاھ ۾ وفات ڪيائين. کيس ٽي فرزند آهن؛ ميان غلام رسول شاھ، امير حسن شاھ ۽ نواز علي شاھ[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 [ڪتاب: جنب گذاريم جن سين;مصنف:جي.ايم.سيد
    ايڊيشن:2004ع.ڇپيندڙ؛سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ]