سيد امتياز علي تاج

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سيد امتياز علي تاج لاهور جي هڪ علمي گهراڻي ۾ اک کولي. سندس ولادت 1900ع ۾ ٿي. سندس والد شمس العلماء سيد ممتاز علي بلند پايي جو عالم دين هو ۽ اردو ادب جي واڌاري لاءِ پيش پيش هو. تعليم لاهور مان ئي حاصل ڪيائون. پاڻ مشهور ڊرامه نويس ٿي گزريو آهي. سندس مشهور ڪتاب انار ڪلي ، چچا چکن ، قرطبه جو قاضي ۽ ٻيا ڪيترائي آهن. سندس وفات لاهور ۾ ٿي. سن وفات 1970 آهي.