مواد ڏانھن هلو

سومقاييت

سومقاييت

Sumqayıt
شھر
سومقاييت is located in آذربائيجان
سومقاييت
سومقاييت
Coordinates: 40°35′23″N 49°40′07″E / 40.58972°N 49.66861°E / 40.58972; 49.66861
ملڪ آذربائيجان
قيام22 نومبر 1949
حڪومت
• ميئرذاڪر فرڪوف
ايراضي
• ڪل97.17 چورس ڪلوميٽر (37.52 چورس ميل)
آبادي
 (2020)
• ڪل265 150
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+4 (AZT)
ڊائلنگ ڪوڍ+994 18
ويب سائيٽwww.sumqayit-ih.gov.az

سومقاييت(انگريزي: Sumgayit ) (/ˌsmɡɑːˈt/;[1] آذربائيجاني: [Sumqayıt] Error: {{Lang}}: text has italic markup (help) آبادي جي لحاظ کان ھي شھر باڪو ۽ گنجه کان پوءِ آذربائيجان جي ٽيون نمبر وڏو شهر آهي جيڪو ڪيسپئن سمنڊ جي ڀرسان باڪو کان 31 ڪلوميٽر (19 miles) جي فاصلي تي واقع آهي. شھر جي آبادي 265,000 آھي. بطور ريئن يا ضلعي جي ھن شھر جي پکيڙ شھر ۽ ٻئي ضلعي علائقي سميت 83 چورس ڪلوميٽر (32 چورس ميل) آھي. شھر جي ضلعي يا ريئن واري حيثيت جو قيام 22 نومبر 1949ع ۾ ٿيو[2]. سومقاييت شھر کان علاوه ھن ضلعي ۾ جورات ۽ حاجي زين العابدين جي نالي سان ٻہ ٻھراڙيءَ واريون وسنديون واقع آھن. پوئين وسندي ھڪ سخي تيل جي واپاري حاجي زين العابدين تيغيئيف جي نالي سان قائم ٿي ھئي. ھن شھر ۾ سومقاييت اسٽيٽ يونيورسٽي پڻ واقع آهي.

شھر جو نالو

[سنواريو]

ھن شھر جو نالو سومقاييت ندي جي نالي تان پيو. ان نالي جي پسمنظر لاء ھڪ ڏندڪٿائي روايت مشھور ٿي تہ جنھن مطابق موجوده سومقاييت ندي جي پاڻي کي ھڪ ديو روڪي ڇڏيو ھو ۽ سوم ھڪ سورمو ھيو جنھن ان ديو کي ماري پاڻي کوليو ھو پر پاڻي سان گڏ لڙھي ويو ھو[3] ۽ پوء ڪڏهن بہ نظر نہ آيو جنھن بعد ان جي محبوبا ندي تي وڃي رڙيون ڪري آذربائيجاني ٻولي ۾ سوم قايت:(سوم موٽي اچ) سڏڻ شروع ڪيو[4] اھڙي طرح ندي تي سومقاييت نالو پئجي ويو.

تاريخ

[سنواريو]

مؤرخن مطابق وچولي دؤر ۾ ھن شھر واري مقام تي ميدي نسل وارا ماڻھو رھندا ھيا. تاريخ ۾ سومقاييت واري شھر جي رھائشي وسندي جو ذڪر 1580ع ۾ ھڪ انگريز سياح ايڇ برو ڪيو ھو. ان بعد 1858ع ۾ اليگزينڊر دوماس پنھجي ڪتاب ٽرپ آف قفقاز ۾ ڪيو ۾ ڪيو. سويت ريپبلڪ جي قيام تائين ھتي ڪا خاص قابل ذڪر ترقي ڪانہ ٿي ھئي.[5] فيبروري 1988ع ۾ سومقاييت شھر ۾ آرمينيائي ماڻھن جو قتل عام ٿيو ھو. سومقاييت جي ان فساد سان آرمينيائي ۽ آذربائيجاني تڪرار اڀري نگورنو ڪاراباخ واري جنگ ۾ تبديل ٿي ويو[6].

جاگرافي

[سنواريو]
سومقاييت شھر جي بيھڪ

سومقاييت شھر آذربائيجان جي گادي جي هنڌ باڪو جي اتر اولھ ۾ 31 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ڪيسپئن سمنڊ لڳ واقع آهي.

آبهوا

[سنواريو]
موسمي رڪارڊ : سومقاييت
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
6.7
(44.1)
6.3
(43.3)
9.8
(49.6)
17.0
(62.6)
22.5
(72.5)
27.6
(81.7)
30.7
(87.3)
32.0
(89.6)
26.0
(78.8)
19.5
(67.1)
15.9
(60.6)
9.3
(48.7)
18.61
(65.49)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
1.3
(34.3)
1.1
(34)
3.4
(38.1)
8.6
(47.5)
13.8
(56.8)
18.8
(65.8)
21.7
(71.1)
21.8
(71.2)
18.2
(64.8)
12.5
(54.5)
10.1
(50.2)
3.6
(38.5)
11.24
(52.23)
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) 24
(0.94)
20
(0.79)
23
(0.91)
40
(1.57)
36
(1.42)
31
(1.22)
14
(0.55)
14
(0.55)
21
(0.83)
33
(1.3)
32
(1.26)
25
(0.98)
313
(12.32)
Source: Climate-Data.org[7]

ماحول

[سنواريو]
سومقاييت جو سٽي ھال

سوويت يونين جي دور ۾ وڏي پيماني تي صنعتن جي قيام سان ھي شھر ماحولياتي آلودگي جو شڪار آهي. آذربائيجان جي خودمختياري بعد ھتي جي صنعت ۾ زوال آيو آهي. سومقاييت جو بيھڪ ابشرون ٻيٽ نما ۾ آهي ۽ سائنسدانن جو خيال آهي تہ آذربائيجان ۾ اھو ٻيٽ نما وارو علائقو ماحولياتي آلودگي سان سڀ کان وڌيڪَ تباھي جو شڪار ٿيو آھي[8] [9] صنعتي ڪيميائي مادن واري ماحولياتي آلودگي سومقاييت ۾ ڪينسر جي شرح ۾ زبردست اضافو ٿيو آهي ۽ ملڪ جي قومي شرح جي ڀيٽ ۾ ھن شھر جي شرح 51 سيڪڙو وڌيڪ آھي. ان آلودگي جي ڪري انساني جينياتي تبديلين ۽ پيدائشي نقصن جا ميڊيڪل ڪيس عام ٿي پيا آھن[10]. 2003 کان 2010 تائين جي مدي لاء شھري انتظاميه ان ماحولياتي آلودگي کي گھٽائڻ لاءِ ھڪ منصوبو پڻ جوڙيو جنھن تحت ھڪ جامع نگراني شروع ڪئي وئي. 1990 واري ڏهاڪي ۾ صنعتي آلودہ پاڻي جي نيڪال ۾ 600,000 m3 (21,000,000 cu ft) کان 76,300 m3 (2,690,000 cu ft) تائين لاٿ آئي. 2005ع ۾ ڪچرو 300,000 لک ٽن ساليانو کان گھٽجي 3,868 ٽن ساليانو تائين پھتو.

حوالا

[سنواريو]
  1. ""Sumgait" Dictionary.com". محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2018-04-16 تي محفوظ ڪيل. 2018-04-15 تي حاصل ڪيل.
  2. "Sumqayıt şəhər icra hakimiyyəti. Şəhərin pasportu" [Sumgayit Executive Power. Resume]. اصل نسخو مان 2010-12-20 تي محفوظ ڪيل. 2010-12-29 تي حاصل ڪيل.
  3. "Əfsanələr". www.sumhistorymuseum.az (Azerbaijani ۾). اصل نسخو مان 13 November 2014 تي محفوظ ڪيل. 18 November 2014 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو)
  4. "Tarixi Əfsanə". www.sumqayit-ih.gov.az (Azerbaijani ۾). محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 12 نومبر 2014 تي محفوظ ڪيل. 18 نومبر 2014 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: unrecognized language (ڳنڍڻو)
  5. "Sumqayıt şəhər icra hakimiyyəti. Yaranma tarixi" [Sumgayit Executive Power. History]. اصل نسخو مان 2010-12-20 تي محفوظ ڪيل. 2010-12-29 تي حاصل ڪيل.
  6. Modern hatreds: the symbolic politics of ethnic war - Page 63 by Stuart J. Kaufman
  7. "Climate: Sumqayit". 2020-04-14 تي حاصل ڪيل.
  8. Sumgayit: Soviet's Pride, Azerbaijan's Hell آرڪائيو ڪيا ويا 2006-05-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. by Arif Islamzade at Azer.com, Autumn 1994
  9. Sumgayit, Azerbaijan – The World's Most Polluted Places آرڪائيو ڪيا ويا 2007-10-31 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. TIME, September 12, 2007
  10. World's Worst Polluted Places آرڪائيو ڪيا ويا 2007-10-27 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. — by the Blacksmith Institute (accessed 2007-12-3)