سوشن
ڏيک
سوشن (عربي: اسمابخون، فارسي: اسمانگون، هندي/اردو، وغيره: سوس، ايريس، اسمالاون ۽ اريل راوتال) باغن ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ ننڍو ٻوٽو آهي. هن جو گل آسماني رنگ تي سبزاڻ مائل ٿئي ٿو. هن جا ٻہ - ٽي قسم آهن.
طبي خاصيتون
[سنواريو]خاصيت: هن جا پن ۽ گل جگر ۽ ڦڦڙن کي طاقت ڏين ٿا. رحم، جگر ۽ ٻرهل جي سوڄ کي فائدو ڪن. سنڌن جو سور لاهي ٿو، حيض کي جاري ڪري ٿو. هن جي پاڙ صفرا، بلغم ۽ سودا جي لاءِ جلاب جو ڪم ڏئي ٿي. فالـج، لقوي، مٿي جو سور، دماغ جي رطوبت ۾ مفيد آهي. هن جي لپري سوڄ ۽ سور وارين جاين تي ٻڌجي تہ فرحت ايندي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.