سورنجان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سورنجان (عربي: سورنجان، فارسي: سورنجان، ھندي/اردس وغيره: سورنجه، اقمارون، بربري، پساتڪ ۽ حملا) ٿوم جي ڳڙين وانگر هڪ پاڙ آهي، جا اڇي رنگ تي ٿئي ٿي، ذائقي ۾ ٿوري مٺاڻ سان ڪڙي ٿيندي آهي.

طب[سنواريو]

خاصيت: گهاٽي ۽ پٽڙي بلغم لاءِ جلاب آهي. سڀني عروقن مان بلغم کي تحليل ڪري دستن جي رستي ٻاهر ڪڍي ٿي، سنڌن جي سور لاءِ مفيد آهي. هن کي گل روغن ۾ ساڙي تيل تيار ڪجي، اهو تيل فالـج، عضون جي استرخاءِ ۽ سور وارين جاين تي مالش ڪرائڻ سان فائدو ٿيندو. دماغ جي رطوبت لاءِ ترياق آهي. مٿي جي سور، جگر، بواسير ۽ ڪن موتي اهو تيل مرهم وانگر ڪم آڻجي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.