سورة جاثيه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

قرآن مجيد جي 45 نمبر سورة جاثيه، 25هين سيپاري ’اليھ يرد‘ ۾ موجود آهي. هن سورة ۾ ڪل چار رڪوع ۽ 37 آيتون آهن. هن سورة ۾ الله پاڪ توحيد ۽ آخرت بابت مڪي جي ڪافرن جي اعتراضن ۽ شبهن جا جواب ڏنا آهن ۽ هيءَ مڪي ۾ نازل ٿي. سورة جي آغاز ۾ زمين ۽ آسمان جي بيشمار نشانين طرف اشارو ڪري ٻڌايو ويو آهي ته توهان ڪائنات ۾ جتي به نظر وجهندا، هر شيءِ خدا جي توحيد جي گواهي ڏيندي هوندي. هن ڪائنات کي ٺاهڻ وارو اهو اڪيلو ئي بادشاهه آهي. ٻي رڪوع ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انسان جي ڪم اچڻ واريون سڀئي شيون انهيءَ خدا جون نعمتون آهن، اگر انسان عقل کان ڪم وٺي ته يقيناً اهو چوندو ته اهو ئي خدا انسان جو محسن آهي، ان کان پوءِ مڪي جي ڪافرن تي انهن جي ضد ۽ هوڏ سبب ملامت ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ بني اسرائيل جو مثال ڏنل آهي ته انهن ڪلام الاهيءَ جو قدر نه ڪيو، جنهنڪري هي دولت انهن کان کسجي وئي. پوءِ آخرت جي عقيدي تي بحث ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته اهو صرف گمان آهي ته انسان ٻيهر زنده نه ٿيندو. آخرت جو انڪار انهن ماڻهن لاءِ تباهيءَ جو باعث آهي ۽ اهي گمراهه پيا ٿيندا وڃن. جڏهن قيامت ايندي، تڏهن هو خود پنهنجي اکين سان ڏسي وٺندا ته انهن جا عمل سندن سامهون اچي چڪا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]