سورة انعام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
قرآن جي سورة نمبر: 6
مڪي
سورہ الانعام
چوپايو مال
درجابندي مڪي/ مدني
سيپارا سيپارو 7 ۽ 8
رڪوعن جو تعداد 20
آيتن جو تعداد 165
لفظن جو تعداد 3055
اکرن جو تعداد 12418

سوره الانعام (انگريزي: Al Anaam) قرآن شريف جي ڇھين سورة آھي جيڪا مڪي ۾ نازل ٿي، جنهن ۾ 165 آيتون آهن[1].ھن سورة جي 16 ۽ 17 رڪوع ۾ ڪجهه چوپائي مال وارن جانورن جي حرام ۽ حلال ھجڻ عربستاني ماڻھن جي وھمن جي ترديد جو موضوع ھجڻ ڪري ان جو نالو الانعام يعني چوپايو مال رکيو ويو[2]. عربي م لفظ انعام اٺ، ڳئون، رڍ ۽ ٻڪري جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ۽ لفظ بھيمه ھر قسم جي چوپائي لاء استعمال ٿيندو آهي[2].

نزول وارو زمانو[سنواريو]

ابن عباس رضه جي روايت آهي تہ ھي سڄي سورة ھڪ ئي وقت مڪي ۾ نازل ٿي هئي[2]. حضرت معاذ بن جبل جي چاچي جي ڌيءَ اسماء بنت يزيد جو چوڻ ھيو تہ:

" جڏھن اھا سورة نبي ﷺ جن تي نازل ٿي رھي ھئي تہ ان وقت پاڻ سڳورا اٺ (مادي) تي سوار ھيا جنھن جي ناڪيلي سندس ھٿ ۾ ھئي ۽ وزن جي ڪري اٺ جو حال اھڙو ٿي ويو ھيو جو لڳي پيو ته ان جون ھڏيون ٽٽي پونديون"

— [2]

اھا بہ روايت آھي ته جنھن رات اھا سورة نازل ٿي ھئي ان ئي رات نبي ﷺ جن ان کي قلمبند ڪرايو ھيو[2]. مضمونن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان سورة جي نازل ٿيڻ وارو زمانو مڪي دؤر جو آخر وارو زمانو ھيو. اسماء بنت يزيد انصار ھئي ۽ ھجرت بعد مسلمان ٿي ھئي. ممڪن آھي تہ عقيدت ۾ مڪي آئي ھجي. مڪي دؤر جي آخري سال کان اڳ يثرب وارن سان ايترو تعلق ممڪن نہ ھيو جو ھڪ عورت مڪي اچي حاضر ٿئي[2].

بيان جا موضوع[سنواريو]

ان ۾ ايمان جا اهم جزا، يعني توحيد جي عقيدي، قيامت جي ڏينهن ۽ سزا ۽ جزا جو بيان آهي. زمين ۽ آسمان ۾ قدرت الاهيءَ جا جيڪي ڪرشما نظر اچن ٿا، انهن ڏانهن انسان کي متوجهه ڪيو ويو آهي ۽ قديم قومن جي سرگزشت بيان ڪري نيڪيءَ ۽ بديءَ جا نتيجا واضح ڪيا ويا آهن[1]. ان کان سواءِ هن سورة ۾ حلال ۽ حرام شين جو تفصيل بيان ٿيل آهي ۽ چؤپاين متعلق مشرڪن جا جيڪي وهم وسوسا هئا، انهن جي مذمت ڪئي ويئي آهي. انهيءَ ڪري هن سورة کي سورة ’انعام‘ چيو ويو آهي[1]. ڪنهن ڪارنامي، غيرمعمولي جرات، نيڪيءَ ۽ سخا وغيره جي سلسلي ۾ مليل يادگار تحفي کي به ”-انعام-“ (الف جي ’اِ‘ اُچار سان) سڏيندا آهن[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 - انعام : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 - ڪتاب: تفھيم القرآن ، جلد اول ، ابوالاعلي مودودي، اداره ترجمان القرآن ، لاھور ڇاپو 35 مارچ 2003، صه : 520,521، 437