سوامي اچل پرساد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سوامي اچل پرساد ولد حشمتراءِ ناٿاڻي ، 8 جون 1884ع ۾ لاڙڪاڻي جي ڳوٺ سجاول تنبيي ۾ ڄائو . اوڻويهن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ واقع ” درٻار صاحب “ ۾ آيو ، جتي گرو سوامي پورنداس کان گرومنتر ورتائين ۽ وديا جو اڀياس ڪرڻ سان گڏ گرو گرنٿ صاحب جي ٻاڻي ڪافي ياد ڪيائين ۽ اتي درٻار ۾سيوا ڪندو رهيو . سنت پورنداس جي وفات کانپوءِ کيس گاديءَ تي ويهاريو ويو . سوامي اچل پرساد سادي طبع وارو رحمدل شخص هو . دکي انسانن جي مدد ڪرڻ کي پنهنجو شيوو سمجھندو هو . رستي تي ستلن جي پرگهور ڪري کاڌو کارائڻ ، پکين لاءِ داڻو رکي اچڻ ، ڪنهن بيمار کي ڊاڪٽرن تائين رسائي ان جو علاج ڪرائڻ جھڙا نيڪ ڪم ڪرڻ پنهنجو فرض سمجھندو هو . هن 11 مارچ 1946ع تي لاڏاڻو ڪيو.[1]

حوالا[سنواريو]