سنگهٽن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شرڌانند جي شڌي تحريڪ سان گڏ، پنڊت مدن موهن مالويا، ’سنگهٽن‘ تحريڪ شروع ڪئي. مولانا عبدالمجيد ’سالڪ‘ پنهنجي ڪتاب ”اپني سرگذشت“ ۾ لکي ٿو: ”ترڪ موالات جي وچ ڌاري، ملبار ڪناري تي موپلن جي انگريز سان ڇڪتاڻ شروع ٿي. ان وچ ۾ ملتان ۽ ڪوهاٽ ۾ هندو مسلم فساد ٿيا. پنڊت مدن موهن مالويا چوڻ هو ته خلافت تحريڪ جي ڪري امڪان آهي ته مسلمان، پوري ملڪ جي سياست تي ڇانئجي وڃن. ڇا لاءِ ته اهي جذبي ۽ حوصلي سان ڪم ڪري رهيا آهن.

سندس چوڻ هو ته گانڌيءَ جي عدم تشدد جي تحريڪ هندن کي ڪمزور ڪري رهي آهي. ان ڪري هندن کي ان تحريڪ کان پري رهڻ گهرجي. مدن موهن مالويا، پنهنجن چيلن (مريدن) کي گڏ ڪري، ”آل انڊيا هندو مهاسڀا“ کي ٻيهر سرگرم ڪيو، جيڪا اڳ ڪمزور ٿي چڪي هئي. هن ’سنگهٽن‘ تحريڪ لاءِ، پوري ملڪ ۾ دورا شروع ڪيا. دهلي ۽ آگري به اچي، شرڌانند سان گڏجي، ٽيهه هزار ملڪاڻا راجپوت ’شڌ‘ ڪيائين. سندس مدد ۾ ’آريا سماج‘ اٿي کڙي ٿي. ان سلسلي ۾ ورزش گهر کوليا ويا، جن ۾ هٿيارن هلائڻ جي تعليم سان گڏ، ورزش سيکارڻ لڳا. سڀني وڏن شهرن ۾ اهڙا ’آکاڙا‘ قائم ڪيا ويا، جن ۾ نوجوانن کي، تلوار، چاقو، لٺ، ڇري، تيزاب ۽ بوتلن، سرن ۽ پٿرن هڻڻ جي مشق ڏني ويئي.

’شڌي‘ جو مقصد اهو هو ته ڀارت ورش ۾ گهڻو ڪري مسلمان اهي جيڪي هندن جو اولاد آهن، انهن کي ٻيهر ”هندو جاتيءَ“ ۾ آڻڻ گهرجي. ان جي رد عمل ۾ مسلمان جي تحريڪن جو ذڪر ڪندي، مولانا سالڪ لکي ٿو: ان تي مسلمانن طرفان تبليغي ڪم شروع ڪري، شڌي ۽ سنگهٽن تحريڪن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نتيجي ۾ ٻنهي ڪميونٽيز ۾ فرقيواراڻا جذبا وڌي ويا. . دهليءَ جي مهاسڀائي اخبار ’تيج‘ ۾ هڪ نظم ڇاپيو ويو، جنهن جو هڪ مصروعو هن ريت آهي:

کام شڌي کا کبهي، بند نه هوني پائي
هندئو تم مين هي، مگر جذبهء ايمان باقي
بهاگ سي وقت يه قومون کو ملاکرتي هين

شرڌانند جو قتل[سنواريو]

1926ع ۾ هڪ مسلمان ڪاتب عبدالرشيد جي هٿان شرڌانند قتل ٿي ويو، ۽ ان تي فسادن جو سلسلو وري شروع ٿي ويو. 4 مئي 1927ع جي رات، لاهور جي حويلي ڪابلي مل جي مسجد تي سکن حملو ٿيو. ٻئي ڏينهن، جيئن ئي جنازا کڻي، مسلمان لوهاري گيٽ وٽ آيا، وري فساد ٿيا ۽ سڄي شهر ۾ خنجر زنيءَ جا واقعا ٿيا ۽ ٻن ٽن ڏينهن تائين ڪشت ۽ خون جي بازار گرم رهي.

فيبروري 1929ع تي بمبئيءَ ۾ افواهه پکڙجي ويا ته پٺاڻ چوڪيدار ٻارن کي کڻي ٿا وڃن. ان تي شهر جي پٺاڻن تي حملا ٿيا. ان تي ڪن هنڌن تي پٺاڻ مقابلي ۾ آيا ۽ 2 هندو ماريائون.

غازي علم الدين[سنواريو]

9 اپريل 1929ع تي، غازي علم الدين نالي هڪ شخص آريا راجپال کي ماريو، ان تي علم الدين کي ڦاسي ڏني ويئي. سندس جنازي ۾ لک کان مٿي مسلمان شريڪ ٿيا.

1930ع ۽ 1932ع ۾، ڪشمير ۽ سرحد (هاڻوڪي خيبر پختون خواهه) ۾ هندو مسلم فساد ٿيا. انهن ئي ڏينهن ۾ رياست الور هندو مسلم فساد ٿيا.

4 جنوري 1931ع تي مولانا محمد علي لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. اتي ڪانپور جي مسلمانن هڙتال ڪئي، پر هندو واپارين ساٿ نه ڏنو.

23 مارچ تي، جڏهن ڀڳت سنگ کي ڦاسي ملي، تڏهن هندن جلوس ڪڍيو ۽ مسلمانن کي هڙتال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. نتيجو اهو ٿيو جو زبردست فساد ٿيو.

1944ع ۾ رياست ڪپورٿلا جي هڪ ڳوٺ سلطان پور جي مسلمانن هڪ جلوس ڪڍيو ، پوليس کي گولي هلائڻ جو حڪم مليو. ان ۾ 22 ماڻهو مارجي ويا ۽ گهڻا ئي زخمي ٿيا ۽ پنجاب ۾ ڳوڙ مچي ويو.

1935ع ۾ جيپور رياست ۾ هندو مسلمان فساد ٿيا.

آڪٽوبر 1938ع ۾ ملتان ۾، مارچ 1949ع ۾ امرتسر ۾، مارچ 1941ع ۾ ۽ مئي 1941ع حصار ۾، هندو مسلم فساد ٿيا، جن ۾ هزارين انسان ماريا ويا.

ان ئي زماني ۾، سکر ۾ هندو مسلم فساد ٿيا، جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي مسجد منزلگاهه جو واقعو ٿيو. ان ئي زماني ۾، سنڌ جي مکيه شهرن، حيدرآباد، سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڊاڪٽر سونجي تقريرون ڪيون. بنگال به فساد کان بچي نه سگهيو.

آگسٽ 1940ع ۾ ڍاڪا ۾، سيپٽمبر 1940ع ۾ بردوان ۾، مارچ 1941ع ۾ کلنا ۾ هندو مسلمان فساد ٿيا. [1] [2]

حوالا[سنواريو]