سنگاپور ويندي ويندي (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنگاپور ويندي ويندي سنڌي ٻوليءَ ۾ سفرنامن جي صنف کي ترقيءَ جون منزلون طئه ڪرائي عروج تي رسائڻ وارن ۾ الطاف شيخ سڀ کان اڳڀرو آهي. سفرناما اڳ به لکيا ويندا هئا پر سفرنامن کي دلچسپ ۽ بامقصد بنائڻ ۾ الطاف شيخ جو وڏو هٿ آهي. سفر ڪرڻ وارا به ڪيترائي آهن. سفر جي روئداد کي قلمبند ڪرڻ جو ڏانءُ الطاف وٽ آهي. شروع کان ئي الطاف پنهنجن سفرنامن ۾ ڳالهين مان ڳالهه ڪندو، ڪيترائي مزيدار واقعا ۽ ٽوٽڪا ٻڌائيندو رهيو آهي، جن مان ڪيترن ئي واقعن جو تعلق سندس ذات سان پڻ آهي.

الطاف شيخ جو تازو سفرنامو ”سينگاپور ويندي ويندي“ پڻ سندس سفرنامن جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، حالانڪ هو صاحب سامونڊي ۽ سيلاني زندگيءَ کي وقتي طور ترڪ ڪري ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ ٽن سالن جي عرصي لاءِ زميني زندگي گهاري رهيو آهي.

مذڪوره ڪتاب سينگاپور جي فقط ٻن ڏينهن جي سفر جي احوال تي مشتمل آهي. حسب معمول سينگارپور ويندي ويندي حال احوال ڪندي ماضي ۽ حال جا ڪيترائي واقعا ۽ دلچسپ ڳالهيون ٻڌائڻ لڳي ٿو. الطاف شيخ پنهجي سفرنامن ۾ پنهنجي وطن سنڌ کي ڪڏهن به وساريو نه آهي. ڏيهه پرڏيهه جي قديم توڙي جديد شهرن، ڳوٺن، واهڻن، رستن، گهٽين جي هميشه ڀيٽ سنڌ جي شهرن سان ڪندو آهي، اهڙي طرح وطن جي سڪ سيني ۾ سمائي پيو گهمندو آهي. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ جديد زماني جي ٽيڪنالاجي،فلڪ بوس عمارتون، ۽ رنگين شيون ڏسي به هميشه سنڌ جي اڄوڪين حالتن ۽ اسان جي پوئتي پيل علائقن جي حالت ياد ايندي اٿس ۽ ان جو ذڪر دکدائڪ نموني ۾ ڪندو آهي. پڙهندڙ کي احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته اسان جي پوئتي پوڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن ۽ دنيا جون ڪي قومون ڇو اڳتي وڌي ويون آهن. سينگاپور به هڪ اهڙو ئي ٻيٽ، شهر ۽ ملڪ آهي، جنهن گذريل ڏهن ٻارهن سالن ۾ جيڪا ترقي ڪئي آهي، تنهن کيس اوسي پاسي جي مڙني ملڪن کان سکيو ستابو ۽ الڳ ٿلڳ بنائي رکيو آهي.

الطاف شيخ جي سفرنامن جي هڪ وڏي خوبي هيءَ آهي ته ڪتاب ۾ تمام جهجهي، سٺي ۽ تازه ترين معلومات هوندي آهي. ”سينگاپور ويندي ويندي“ ڪتاب ۾ نه صرف سينگاپور جي باري ۾ اهم معلومات مهيا ڪري ٿو پر ملائيشيا ملڪ جي باري ۾ پڻ ڪافي ڪجهه ٻڌائي ٿو. اتي جي ماڻهن جي باري ۾، سندن اٿڻي ويهڻي ۽ رهڻي ڪرڻي، سندن ٻولي، مذهب، ويندي شادي مرادي لاءِ پڻ مختلف ماڻهن سان ٿيل گفتگو قلمبند ڪئي اٿس.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. تبصرا؛ محمدحسين ڪاشف ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو