سنکيو
ڏيک
سنکيو (عربي: سم الفار، فارسي: مرڪ موش، هندي/اردو، وغيره: سنکيا، شڪ، رهج الفار، تراب القي، هنڪو، بکيہ ۽ زرينہ سفيد) جبل جي پيدائش آهي، هيڊي، ڪاري، ڳاڙهي ۽ اڇي رنگ جا ڳنڍا ٿيندا آهن، زهر قاتل آهي.
طب
[سنواريو]خاصيت: مکڻ ۾ کرل ڪري مرهم تيار ڪجي. اهو مرهم ڦٽن، ناسور، بادفرنگ جي ڦٽن، خارش، ڪوڙهه ۽ چٽيءَ جي داغن تي لڳائڻ سان فائدو ٿيندو. آلت جي سستي وڃائڻ لاءِ ليپ ڪرائبو آهي، هن کي ڦلائڻ ۽ ڪامل ڪشتي ڪرڻ کان سواءِ کائبو تہ سڄي عمر سور پرائبو. ڦلائڻ جي واٽ هيءَ آهي:
هڪ تولي سنکئي کي ڪيوڙي جي پاڻيءَ هڪ سير جا يا هڪ سير کير جا چوها ڏئي، هيرڻ جي ڇليل ڪڪڙين وزن پنج تولن کي گهوٽي لغدو ٺاهي ان ۾ رکي پوءِ گلحڪمت ڪري، سڪائي پنجن ڇهن سـيرن ڇيڻن ۾ باھ ڏجي ته ڦلي پوندو. اهو ڪشتو قوت باھ ۽ ڦٽن ۽ ڦرڙين ۽ ٻين ڪيترن مرضن لاءِ مفيد آهي. بواسير جي موڪن کي ساقطا ڪري ٿو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.