سنڌ ۾ مؤريا گهراڻي جي صاحبي
مهاراجا چندر گپت موريا (Chandragupta Maurya) جي وقت ۾ ٻڌ ڌرم زور هو. پاڻ به اهو ڌرم اختيار ڪيائين، ته رعيت مان ڪيترن سندس پيروي ڪئي. ان وقت پالي ٻولي (Paali bboli) چالو هئي سا به هوريا هوريا هيڪاري اهڙو عام ٿي، جهڙي هينئر هندستاني ٻولي سڄي هندستان ۾ عام آهي. هن لاءِ هيءَ ثابتي آهي، ته مهاراجا چندر گپت جو پوٽو مهاراجا اشوڪ (272-232 ق.م)، جو سنڌ سميت سڄي اتر هندستان جو والي هو، تنهن ٻڌ ڌرم کي زور وٺائڻ ۽ اهنساء جي مت ڦهلائڻ لاءِ ڪي شاهي فرمان، اتاهن جبلن ۽ ٽڪرين تي اُڪرائي ڇڏيا هئا، جن مان چاليهه فرمان اڄ تائين هندستان جي ڪيترن ڀاڱن ۾ صحيح سلامت بيٺا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ (1932ع ۾) اهڙا يارهن وڌيڪ فرمان مدراس طرف ٽڪرين تان لڌا اٿن هن مان ظاهر آهي ته ٻڌ ڌرم اتر توڙي ڏکڻ هندستان ڏي پکڙيو، ته پالي ٻولي به انهن سڀني هنڌ چالو ٿي، جنهنڪري فرمان سڄي هندستان جا ماڻهو سمجهي سگهيا ٿي. اڳ لڌل چاليهن ڪتبن (اڪريل نوشتن) جي ذڪر ڪندي جنرل اي. ڪننگهام ۽ ٻين عالمن ڄاڻايو آهي، ته مهاراجا اشوڪ جي ڏينهن ۾ پالي ٻوليءَ جا گهٽ ۾ گهٽ ته ٽي قسم هئا، جن جو واهپو اتر الهندي هندستان، ٿر، سنڌ، راجپوتانا، گجرات، ڪاٺياواڙ، مهاراشٽر ۽ وچ هندستان ۾ هو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ