سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جو راڄ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

گپت گهراڻي وارن جي راڄ شروع ٿيڻ کان پوءِ، ڏيڍ سؤ کن ورهيه ساندهه، هندستان جي ماڻهن امن امان ۾ گذاريو، پر پوءِ'هون‘ لوڪ هندستان تي ڪاهي آيا، جي ’هُون‘ به سڏبا هئا. انهن مان ڪي گورجر، ڪي اهير(اڀير) ۽ ٻين ذاتين وارا هئا، پر سڀني کي گڏي ’هوڻ‘ (Huns) سڏيو اٿن- سندن مهندار ’مهر گل‘ نالي هو، جيڪو ڏاڍو ظالم هو: ٻيا ڪن سُڃ مان وسندي، پر هيءُ وسنديءَ مان سُڃ ڪرڻ وارو هو- گنڌار (قنڌار) طرف تڪش سلا يونيورسٽي هئي، تتي هن مهرگل جي ماڻهن ڦرلٽ ڪري ماڻهن جي گهرن کي باهيون ڏنيون. هندن ۾ اهڙو هراس پيدا ٿيو، جو اهو سمورو پاسو خالي ڪري ويا ۽ هن وقت انهيءَ پاسي رڳو پٺاڻ رهن ٿا. پنجاب جي الهندي طرف ڪيڪيا جو پرڳڻو، جو وديا جو وڏو مرڪز هو، سو به هنن هون لوڪن باهيون ڏيئي ساڙيو ۽ اتان جي هندن کي به لڏڻو پيو. اڄ اهو ديري اسماعيل خان ۽ ديري غازي خان وارو پاسو ٻروچڪو ملڪ آهي. اهي ئي هون لوڪ هئا، جن گپت گهراڻي جو خاتمو ڪيو ۽ سنڌ ۾ اچي راءَ گهراڻي جو راڄ قائم ڪيو. اهي ئي لوڪ پهريائين شودر ليکبا هئا، پر برهمڻي ڌرم کي مڃڻ لڳا، ته برهمڻن گهڻي خوشيءَ سان سندين شڌي ڪري، کين کتري بنايو. ڀانئجي ٿو ته اگني (باهه) ٻاري، هون هوم ڪري، سندين شڌي ڪيائون، جنهنڪري سندن اولاد ’اگني ڪل‘ يعني باهه جي خاندان مان پيدا ٿيل راجپوت (راجا جا پٽ) سڏجڻ ۾ آيو.[1] هندستان جي تازين جڙيل تاريخن ۾ راجپوتن جو زمانو سن 650ع کان وٺي ليکيو وڃي ٿو، انهن ڌارين لوڪن به اچي هندستان جون پراڪرت ٻوليون اختيار ڪيون.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڏسو ڪرنل ٽاڊ جو ’راجستان جو احوال‘
  2. ڏسو سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ