سنڌ ۽ پنجاب ۾ پئشاچن جون بيٺڪون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

مهاڀارت (Mahabharata) واري لڙائي جنهن وقت لڳي، تنهن وقت دواپور جُڳ پورو ٿيڻ تي هو، ۽ ڪلجڳ شروع ٿي ٿيو. انهيءَ وقت ڌاري ڪي پشاچ لوڪ آيا، جن جو ذڪر اِتهاسن ۽ پراڻن ۾ آهي. اهي ڪير هئا، تنهن ڳالهه جو ذڪر هندن جي ڪنهن ڌرمي پستڪ ۾ ڪونهي. سرگريئرسن پنهنجي ٺاهيل لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا ۾ داردڪ ٻولين جي ذڪر ڪندي ڄاڻايو آهي، ته ٻولين جي کوجنائن مان ايتري ڄاڻ پئي آهي، ته قديم زماني ۾ جيڪي آريا لوڪ سدائين لاءِ ايران ۾ رهيا، تن جي آريه ٻولي جڏهن اڃا پورو ايراني نمونو اختيار نه ڪيو هو، تڏهن ايران وارن آرين مان ڪي هندستان ڏي آيا ۽ ڪافرستان کان وٺي ڪشمير تائين پنهنجا ماڳ جوڙي ويٺا. منجهائن ڪن پنجاب ۽ سنڌ ۾ اچي بيٺڪون وڌيون. انهن مان ڪي ايشيا ۽ يورپ ڏي به ويا ۽ اهي ’جپسي‘ (Gipsy) سڏجڻ ۾ آيا. اهي به آريا هئا؛ پر ايران طرف گهڻو رهيا هئا، تنهنڪري سندين رهڻي توڙي ڪهڻي (ٻولي) ٻيءَ طرح جي هئي. اهي ڪَچو گوشت ۽ مڇي ماس کائيندا هئا. مڌيه ديش وارا آريا لوڪ به اڳي مڇي ماس کائيندا هئا، پر پوءِ اهڙا پڪا ويشنو ٿيا، جو مڇي ماس کي ڇهندا به ڪين هئا. [1] مڌيا ديش جي آرين هنن ايران مان آيل ماڻهن کي مڇي ماس کائيندو ڏٺو ته اهڙي بڇان آين جو کين ’پئشاچ‘ (Paishaach) نالو ڏنائون. اهو نفرت يا ڌڪار جو لفظ آهي ۽ ڀوت جهڙي معنا اٿس. سندين ٻوليءَ کي به سڏيائون ’ڀوت ڀاشا‘ يعني ڀوتن جي ٻولي. ڪشمير جي پريان چترال ۽ گلگت طرف اڄ تائين ’درد‘ لوڪ رهن ٿا، جي انهن ايران کان پوءِ آيل آرين مان آهن.اهو سڄو پاسو سندن نالي پٺيان ’داردستان، سڏجي ٿو، تنهنڪري سندين ٻولين کي سرگريئرسن ’داردڪ‘ ٻوليون‘سڏيو آهي،. ڪشمير طرف کان آيل پئشاچ لوڪن جي شايد سنڌ جي لاڙ واري ڀاڱي ۾ بيٺڪ هئي، جو اڄ به جهٻير ذات وارا مهاڻا اتي آهن. جي هن وقت ڪشمير ۽ پنجاب ۾ به گهڻي انگ ۾ آهن. داردڪ ٻولين ۾ ’گهوڙو‘ بدران چون ’گورو‘. ڪراچي ضلعي واري لاڙ، خاص ڪري ٺٽي طرف جا اُچار به اهڙا ئي بگڙيل آهن. [2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڏسو مهاڀارت جو شانتي پرو، موکش ڌرم، 255
  2. سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي پاران سنڌي ادبي بورڊ