سنڌ ڏانهن ڌارين جي ڌم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

بئڪٽريا جي يونانين مٿان سنه 70ع ڌاري سٿين (ساڪ) لوڪ ڪاهي آيا. کانئن اڳي ٻيا جيڪي ڌاريا ماڻهو آيا، سي ملڪ ڦُري هليا ويا؛ پر هي سٿين لوڪ هتي اچي کوپو کوڙي ويهي رهيا. پوءِ به سٿين لوڪن جون ٽولين پٺيان ٽوليون هيڏانهن ڌوڪينديون پئي آيون. راجپوتن مان راجا ساليواهن انهن سٿين يا ساڪ لوڪن کي ملتان کان ٽيهه ڪوهه پري ڪاهرور جي ويجهو اهڙي زوردار هار (شڪست) ڏني، جو سندس ماڻهن کيس لقب ڏنو ’ساڪاري‘ – يعني ساڪ لوڪن جي آري (دشمن). هن وڏي سوڀ جي يادگيري قائم ڪرڻ لاءِ انهيءَ مهاڀاري لڙائيءَ واري سال (78ع) کان ساليواهن جو ساڪ يعني سنبت شروع ڪيائون، جو اڄ تائين هلندو اچي. راجا ساليواهن جي پوٽي جو نالو ’ڀٽي‘ هو، جنهن جو اولاد جيسلمير جا ڀٽي راجپوت آهن.

سنڌ ۾ ڪا اهڙي پهر ڪانه هئي، جا ساڪن کي سامهون ٿئي، تنهنڪري هنن ڌارين جي ڌم اڪثر سنڌ ڏي هئي. انهيءَ وقت ڌاري سٿين لوڪن جون ٻيون ٻه ذاتيون پنجاب ۽ سنڌ ڏي آيون: انهن مان هڪڙا ’جت‘ ۽ ٻيا ’ميد‘ (مير) هئا. سنڌ ۾ جت اڄ تائين آهن. راجپوتانا ڏي اهي پاڻ کي ’جاٽ (راجپوت)‘ سڏائين ٿا، سنڌ جي مهاڻن مان اڄ تائين ڪي ’مير‘ سڏبا آهن. اهي سٿين لوڪ اصل تاتاري لوڪن مان هئا ۽ سنڌ ۾ اهڙو زور ٿي ويا، جو ان وقت سنڌ تي نالو ئي پيو ”اِنڊو-سٿيا“.[1] انهن نڪو ڪو نئون ڌرم آندو، نڪا ڪا اوچي ٻولي آندائون. سندن وقت ۾ ٻڌ ڌرم زور هو، ته پاڻ به اهو اختيار ڪيائون ۽ ٻولي به اسان واري اختيار ڪيائون، پر پاڻ اُچار بگيڙيائون. سندين صاحبيءَ ۾ سنڌ جو واپار روم سان هلندو هو. سنڌي ماڻهو روم مان چڱو ٽَڪو ماري ايندا هئا، جنهن ڳالهه جي يادگيري اڄ به هڪ پهاڪو ڏياري ٿو- ”توڙي وڃي روم، ته به ڍوڍو ۽ ٿوم، لکيو لوح قلم ۾“. مطلب ته روم ۾ وڃي ماڻهو شاهوڪار ٿئي ٿو، پر جيڪڏهن ڪنهن جو نصيب کُٽل هوندو، ته اتي به ڍوڍو ۽ ٿوم (غريباڻو روزگار) حاصل ٿيندس.[2]

حوالا[سنواريو]