سنڌ جو مڌيا ديش سان ناتو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

پنجاب ۽ سنڌ ۾ جنهن وقت پئشاچ لوڪن بيٺڪون وڌيون، تنهن وقت مڌيه ديش وارن آرين ۾ ذات پات جو ڀيد گهڻو هو. ان وقت مڌيا ديش جي ٻاهرئين پاسي، يعني پنجاب، سنڌ، گجرات، بهار، بينگال ۽ ٻين هنڌ، جنهن کي جتان وڻندو هو سو تتان پرڻبو هو. مڌيه ديش وارن آرين پوءِ قاعدو ڪيو، ته آرين جو سڱ ٻي ذات وارن ۾ نه ٿئي، ته منجهن نجو آرين جو رت هجي، ته آرين قوم سدائين ٻلوان رهي ۽ ورڻ شنڪر پيدا نه ٿين. ٻين هنڌ لنگ جي پوڄا جو به رواج هو، جيئن قديم قومن ۾ هو. ويدن کي مڃيندڙ آريا انهيءَ پوڄا جي برخلاف هئا. اهڙن ڪارڻ جي ڪري ٻين هنڌن جي ماڻهن کي نالو ئي ڏنائون وراٽيا (Vratya) يعني نيات کان نڪتل يا ڪريا ڪرم کان رهت (Outcasts or riteless people). هنن لاءِ هيءُ قاعدو ڪيائون ته کين پنهنجي نيات ۾ تڏهن گڏينداسون، جڏهن هو وراٽيا ستوم(Vratya-stoma) ڪندا. هي شڌي ڪرڻ لاءِ هڪ يگيا هو. پنجاب ۽ سنڌ، جتي پئشاچن بيٺڪون وڌيون هيون، تن لاءِ چيائون ته اهي ’مليڇ‘(جهنگلي يا پليد) ديش آهن ۽ مڌيه ديش مان جيڪو ايڏاهين ويندو تنهن کي پراچت ڪرڻو پوندو. ههڙن سخت قاعدن جاري ٿيڻ ڪري پنجاب ۽ سنڌ جا رهاڪو، آرين جي نيات منجهان ئي نڪري ويا، هيءُ ڪلجڳ جو پهريون ڇٽو چئبو.

عيسوي سن کان ڇهه صديون کن اڳي، ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم جاري ٿيا، جن ۾ ذات پات جو ڀيد هوئي ڪونه. جيڪي ماڻهن برهمڻن کان سڙيا ويٺا هئا، تن اهي ڌرم سڀني کان اڳي اختيار ڪيا. سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم زور ٿيو، ته به برهمڻ اڃا گهڻيئي هئا. [1]

حوالا[سنواريو]