سنڌ جا سڪا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ مغلن جي حڪومت هئي، ان ڪري سنڌ ۾ سندن نالي جا سونا سڪا، مهرون، چانديءَ جا سڪا رپيه ۽ ٽامي جا سڪا، جن کي ’دام‘ ۽ ’فلوس‘ چيو ويندو هو، هلندڙ هئا. ان کان پوءِنادرشاهه ۽ افغان حاڪم احمد شهاه دراني جي نالي سان سڪا ڪلهوڙن جي انتظام هيٺ رائج هئا، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪو آهي. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وفات (1167ھ/1353ع) کانپوءِ سندس وڏو پٽ محمد مراد ياب خان (1167ھ-1753ع/1170ھ-1757ع) ۽ ان کان پوءِ ميان نور محمد جو پنجون نمبر پٽ ميان غلام شاهه 1170ھ-1753ع کان 1186ھ-1772ع ۽ ان کان پوءِ سندس پٽ ميان محمد سرفراز خان (1186ھ-1772ع/1189ھ-1776ع) سنڌ جا حاڪم ٿيا. ايئن سمجهجي ته ميان سرفراز جي معزولي کان پوءِ حڪومت نالي ماتر ڪلهوڙن جي پر مڪمل اختيار ليکي ۽ ٽالپر اميرن جي هٿ ۾ رهيو. انهن جن ڪلهوڙن حاڪمن کي تخت تي ويهاريو، انهن ۾ ميان محمود خان (1189ھ/1776ع) ميان غلام شاهه جو ٻيو نمبر پٽ ان کان پوءِ ميان نور محمد جو ڇهون نمبر پٽ ميان غلام نبي 1189ھ/1776ع کان 1190ھ 1776ع ۽ ان کان پوءِ سندس ڀاءُ ميان عبدالنبي 1190ھ/1777ع کان 1199ھ/1784 ۽ ڪجهه وقت صادق علي خان شامل آهن. اهي سمورا افغان حاڪمن جا ڏن ڀرو هئا، سندن دؤر ۾، سنڌ جي ٽڪسالن ٺٽي، بکر ۽ حيدرآباد مان مٿيان سمورا ڪلهوڙا حاڪم اڳ وانگر افغان حاڪمن جي نالي جا سون، چاندي ۽ ٽامي جا سڪا ٺپي سنڌ ۾ جاري رکندا هئا. ميان نور محمد ڪلهوڙي تائين ٺپيل سڪن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪو آهي. محمد مرادياب جي حڪومت جو سونو سڪو بهاولپور جي توشي خاني ۾ موجود آهي، جيڪو افغان حاڪم احمد شاهه جي بادشاهي جي سن جلوس 8 يعني 1168ھ ۾ بکر مان جاري ٿيل آهي. هن سڪي جي هڪ پاسي هي فارسي شعر لکيل آهي: ”حڪم شد از قادر بيچون باحمد بادشاهه سڪه زن برسيم وزرازاوج ماهي تابماهه“ هن قسم جي شعر لکڻ جو رواج مغل دور جي حڪمرانن جي وقت کان جاري هو، جنهن کي نادرشاهه، احمد شاهه ۽ ٻين افغان حاڪمن پڻ برقرار رکيو. هن سڪي جي ٻئي پاسي روايتي لکڻي ۽ ضربخاني جو نالو هن ريت لکيل آهي. ”جلوس ميمنت مانوس- 8 ضرب بهکهر“ هن سڪي جي سائيز هڪ انچ کان معمولي گهٽ آهي، جڏهن ته وزن 5-53 گرين آهي، جيڪو ايراني اشرفي جي برابر آهي. احمد شاهه جي نالي بکر مان جاري ڪيل هڪ ٻيو سونو سڪو پڻ بهاولپور جي توشي خاني ۾ موجود آهي، جنهن جي وچ ۾ گول دائري اندر هيءَ عبارت لکيل آهي: ”احمد شاهه در دران“ جڏهن ته ان جي چوڌاري ساڳيو مٿي ذڪر ڪيل فارسي شعر لکيل آهي. سڪي جا پاسا ڪٽيل آهن. ٻئي پاسي جي لکت اڳ ۾ ذڪر ڪيل سوني سڪي جي ٻئي پاسي جهڙي آهي. صرف سنه جلوس جي بدران ”1177“ هجري سن لکيل آهي. هي سڪو ميان غلام شاهه جي دور جو آهي. هن سوني مهر جو وزن 168 گرين آهي. ساڳئي قسم جا چانديءَ جا سڪا بکر جي ضربخاني جا ٺپيل ملن ٿا، جيڪي احمد شاهه جي سن جلوس 8 کان وٺي ملن ٿا. هنن جي لکيت به بلڪل ساڳي مٿئين ذڪر ڪيل سڪي وانگر آهي. صرف فارسي بيت ۾ ”زن“ جي بدران ”زد“ لکيل آهي. هنن سڪن جو وزن 176 گرينکان 178 گرين تائين آهي. سائيز هڪ انچ کان معولي ننڍي اٿن. (سڪو نمبر-1) هي سڪا 1168ھ کان وٺي، 1180ھ تائين لاڳيتو ملن ٿا. 1181ھ ۽ 1182ھ جا سڪا اڃا تائين نه لڌا آهن، جڏهن ته وري سنه 1183ھ ۽ 1184ھ جا سڪا ملن ٿا ۽ احمد شاهه جي آخري ٻن سالن 1185ھ ۽ 1186ھ جا سڪا هٿ اچي نه سگهيا آهن. مٿي ذڪر ڪيل بکر جي چانديءَ جي رپين مان هڪ جنهن تي سن جلوس-9 لکيل آهي، عام طرح لکيل نالي ”بهکهر“ جي بدران ”بهکر“ لکيل آهي. بکر مان جاري ٿيل ”احمد شاهي فلوس“ يعني ٽامي جو سڪو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي حڪومت کان پوءِ جو نه مليو آهي. ٺٽي جي ضربخاني مان ميان نور محمد جي زماني جو سڪو نه مليو آهي. جڏهن ته ان کان پوءِ جا چانديءَ جا ٿلها ننڍي سائيز جا رپيا مليا آهن. هنن سڪن تي سنئين پاسي ٽن قطارن ۾ ساڳيو فارسي بيت لکيل آهي، جيڪو احمد شاهه دراني جي اڳ ۾ ذڪر ڪيل سڪن تي آهي. اُبتي پاسي جي لکت به ساڳي آهي. صرف ضربخاني جو نالو بکر بدران ”تته“ لکيل آهي ۽ سن 1171ھ اٿس. هن سڪي جي سائيز منو انچ ۽ ون 176 گرين آهي. (سڪو نمبر-2) ساڳئي قسم جا سڪا سنه جلوس 14 (1173ھ) ۽ سنه 1174ھ جا پڻ مليا آهن، جيڪي سڀئي انڊين ميوزيم ڪلڪتي ۽ برٽش ميوزيم لنڊن ۾ موجود آهن. احمد شاهه 1160ھ/1747ع کان 1186/1772ع جي نالي ڪلهوڙا حاڪمن سنڌ جي ضربخانن مان جيڪي سڪا جاري ڪيا هئا، انهن مان صرف مٿي ذڪر ڪيل سڪا هن وقت تائين ملي سگهيا آهن. احمد شاهه پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي پٽ تيمور شاهه کي سنه 1170ھ/1757ع ۾ سنڌ، ديره جات ۽ پنجاب جي علائقن مٿان نظام (گورنر) مقرر ڪيو هو. سندس ان حيثيت سان سنڌ مان جاري ٿيل ڪجهه سڪا پڻ مليا آهن، جيڪي سندس احمد شاهه جي دور حڪومت ۾ سنڌ مٿان سنه 1170ھ/1757ع کان سنه 1176ھ/1772ع تائين ”نظام“ هجڻ جو پختو ثبوت آهن. تيمور شاهه نظام جي حيثيت ۾ رڳو بکر جي ضربخاني مان ئي سڪا جاري ڪيا آهن. هن پنهنجي سنڌ مٿان گورنري جي پهرئين سال جيڪو سڪو جاري ڪيو هو، اهو چانديءَ جو آهي، جنهن تي بکر جي بدران ”ضرب سنڌ“ لکيل آهي. سڪي جي هڪ پاسي. ”بعالم يافت سڪه تيمور شاهه نظام بحڪم خدا و رسول انام“ فارسي شعر لکيل آهي، جنهن جي معنيٰ ٿيندي ته: ”دنيا کي حاصل ٿيو سڪو حڪومت ڪندڙ تيمور شاه جو، خدا ۽ انسانيت جي پيغمبر جي حڪم سان.“ بيت جي لفظ ”نظام“ جي هيٺان سنه 1170ھ لکيل آهي. هيءَ سموري لکيت هڪ ٽيڻي گول دائري ۾ آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي به ساڳئي طرح ٽيڻي دائري ۾ هيءَ روايتي عبارت لکيل آهي. ”جلوس ميمنت مانوس سنه احد ضرب سند“ هن سڪي جي سائيز انچ کان ڪجهه گهٽ ۽ وزن 176 گرين اٿس. (سڪو نمبر-3) تيمور شاهه نظام جا ٻيا سڪا به ساڳئي قسم جي لکيت وارا آهن ۽ وزن ۽ سائيز به ساڳي اٿن، پر انهن تي ”ضرب سنڌ“ جي بدران ”ضرب بکر“ لکيل آهي. (سڪو نمبر-4) هن قسم جا سڪا سنه 1173ھ، 1177ھ، 1178، 1181ھ، 1182ھ، 1183ھ، 1184ھ، 1185ھ ۽ 1186ھ جا رڪارڊ ڪيا ويا آهن. تيمور شاهه جي نالي جا مٿي ذڪر ڪيل سڪا احمد شاهه جي دور ۾ سندس نالي سان جاري ٿيل ٻين سڪن سان گڏ هلندا هئا. احمد شاهه جي گذارڻ کان پوءِ سنه 1186ھ/1772ع ۾ تيمور شاهه افغان جو بادشاهه ٿيو ۽ سنڌ به سندس پتيءَ ۾ آئي. تيمور شاهه (1186ھ/1772ع کان 1207ھ/1793ع) افغانستان جي حڪومت حاصل ڪري سنڌ ۾ ميان سرفراز ڪلهوڙي کي ئي سنڌ جي حڪومت تي برقرار رکيو هو، جنهن ڏن ڏيڻ ۽ افغان حاڪمن جا سڪا سنڌ جي ضربخانن مان ٺپڻ وارو وعدو پورو ڪيو. بکر جي ضربخاني مان ٺپيل تيمور شاهه جو سونو سڪو جيڪو هن وقت تائين لڌو آهي، سو سنه 1196ھ جو آهي، جنهن جي سنئين پاسي فارسي بيت، چئن سٽن ۾ هن طرح لکيل آهي: ”چرخ مي آرد طلا ونقره از خورشيد و ماه تاڪند برچهره نقش سڪه تيمور شاه.“ معنيٰ ته: ”دنيا جي گردش آندا سون ۽ چاندي، سج ۽ چنڊ وٽان، جنهن تي پلٽيو ويو چٽُ تيمور شاهه جي سڪي جو.“ سڪي جي ابتي پاسي بادشاهه لاءِ دعا ۽ ضرب خاني جو نالو، سن سميت هن ريت اُڪريل آهي: ”جلوس ميمنت مانوس سنه 1196 ضرب بهکهر“ هن سڪي جو وزن اٽڪل 170 گرين ٿيندو، هي سڪو بهاولپور جي توشي خاني ۾ موجود آهي. (سڪو نمبر-5) تيمور شاهه جي سونن سڪن جهڙا چانديءَ جا سڪا پڻ نظر اچن ٿا، جيڪي هن وقت تائين صرف 1189ھ ۽ 1190ھ جا مليا آهن. جن جي سبتي پاسي ساڳيو شعر چئن سٽن ۾ لکيل آهي. پر ابتي پاسي روايتي لکڻي بدران ٽن مختلف قسمن جي دائرن ۾ صرف ”ضرب بهکهر“ ۽ سن لکيل آهي. (سڪو نمبر-6)تيمور شاهه جا بکر مان جاري ڪيل چانديءَ جا سڪا به تمام خوبصورت آهن. هنن جي سبتي پاسي وچ ۾ ”سڪه تيمور شاهه“ ۽ ان جي چوڌاري ساڳيو فارسي بيت لکيل آهي. سڪي جي ابتي پاسي وچ ۾ محرابي ليڪن ۾ عام روايتي لکڻي، ضربخاني جو نالو ۽ سن لکيل هوندو آهي. هي سڪو سائيز ۾ هڪ انچ کان ڪجهه گهٽ ۽ هنن جو وزن 172 گرين کان 177 گرين تائين آهي. هي سڪا تيمور شاهه جي حڪومت جي پهرئين سال 1186ھ کان وٺي ڪلهوڙن جي حڪومت جي آخري سال يعني 1199ھ تائين جا سواءِ هڪ سال سنه 1194ھ جي عام جام ملن ٿا. (سڪو نمبر-7) مٿي ذڪر ڪيل سڪن جهڙا ڪجهه سڪا اهڙا به مليا آهن، جن تي سموري لکيت، وزن ۽ سائيز ته ساڳي آهي، پر انهن تي ”بکر“ جي بدران ”ضرب سند“ لکيل آهي. (سڪو نمبر-8) ساڳئي قسم جي ڪجهه سڪن تي جيڪي وزن ۽ سائيز ۾ ڪجهه هلڪا آهن، ”ضرب حيدرآباد سند“ پڻ لکيل نظر اچي ٿو. هنن جي سائيز منو انچ ۽ وزن 117 گرين آهي. هن قسم جا سڪا سائيز ۾ ننڍا آهن، جڏهن ته سڪن ٺاهڻ وارو لکيت جو ٺپو وڏو هوندو هو. ان ڪري پاسي وارا اکر ڪٽجي ويل آهن. هنن سڪن تي ڪو به سن لکيل نه آهي. (سڪو نمبر-9) تيمور شاهه جا بکر مان جاري ٿيل ڪجهه ٽامي جا سڪا پڻ مليا آهن، جن کي ”فلوس“ چيو ويندو هو. هنن سڪن جي سبتي پاسي. ”تيمور شاهي فلوس“ ۽ ابتي پاسي، ”ضرب بهکهر“ يا ”ضرب بکهر“ لکيل آهي. هن قسم جي سڪن تي سنه جلوس 8 ۽ 9 يعني هي 1194ھ ۽ 1195ھ جا آهن. جڏهن ته ڪجهه سڪن تي هجري سن 1194 ۽ 1198 پڻ نظر اچي ٿو . هن قسم جي سڪن جو وزن 192، 200، 247، 249 گرين رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ سائيز ۾ هڪ انچ کان ٿورو گهٽ آهي. (سڪو نمبر- 10) مٿي ذڪر سمورا سڪا جيڪي مغلن ۽ پٺاڻن جي نالي سان سنڌ جي ٽڪسالن مان ڪلهوڙن جي دور ۾ جاري ڪيا ويندا هئا ۽ سڄيءَ سنڌ جي واپار ۾ ڪم ايندا هئا. مغلن جي دور حڪومت ۾ سنڌ جي ضرب خانن کان سواءِ پوري هندستان جي ٻين به ڪيترن شهرن ۾ ضربخانا موجود هئا، جتان پڻ سڪا ٺپجي سندن پوري بادشاهيءَ وارن علائقن ۽ سنڌ ۾ هلندڙ هئا. انهن ۾ داراالخلافت دهلي، جنهن کي شاهجهان آباد چئبو هو ۽ اوٽاوا، اٽڪ، اجمير، اُجين، احمد آباد، ارڪات، اسلام آباد، اعظم نگر، آگرو، الهه آباد، اوڌ، اورنگ آباد، برهانپور، بريلي، بنارس، پٽنه، پشاور، جوڌپور، جيپور، جهوناڳڙهه، ديره جات، ديره، سرهند، سورت، فرخ آباد، قنوج، ڪابل، ڪشمير، گواليار، لاهور، لکنو، مرشدآباد، ملتان، نارنول وغيره مشهور هئا. مغلن کان پوءِ نادرشاهه ۽ افغان حڪمرانن احمد شاهه ۽ تيمور شاهه جي نالي جا سڪا ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌ جي ضربخانن مان جاري ٿيل هلندا هئا. ان کان سواءِ هندستان، افغانستان ۽ ايران جي ٻين به ڪيترن ضبرخانن مان جاري ٿيل سڪا سندن سمورن علائقن ۾ سنڌ ۾ رائج هئا. انهن ۾ ملتان، بهاولپور، پشاور، ديره، ديره جات، سرهند، لاهور، ڪابل، هرات، قنڌار ۽ ڪشمير خاص طرح شامل آهن. مٿي ذڪر ڪيل هندستاني، ايراني ۽ افغاني سڪن کان سواءِ ڀرپاسي جي ٻين خودمختار حڪومتن جا سڪا پڻ واپاري ڏيتي ليتي ۾ استعمال ٿيندا هئا، انهن ۾ ڪڇ، جيسلمير، جوڌپور، جيپور، بيڪانير، نوان نگر، پوربندر، جهوناڳڙهه ۽ گجرات جي سڪن جو پڻ واهپو هوندو هو. مٿي ذڪر ڪيل سڀني قسمن جا سڪا سموري سنڌ جي مختلف حصن ۽ قديم آثارن مان لڌا آهن، جيڪي انهن جي هن سرزمين تي رائج هجڻ جو ثبوت آهن. نتيجو: سنڌ جا ڪلهوڙا حڪمران پاڻ کي عباسي سڏائيندا هئا، ڪيچ مڪران کان سنڌ ۾ آيا ۽ پيري مريديءَ مان وڌندي وڃي سنڄي سنڌ جي حڪومت هٿ ڪيائون ۽ هندستان جي مغل حاڪمن جا تابعدار هئا. مغلن جي ڪمزور ٿيڻ بعد نادرشاهه افشار، احمد شاهه ابدالي ۽ ٻين افغان حاڪمن جو ڏن ڀريندڙ هئا. بلوچستان مان لڏي آيل ٽالپر سندن فوج جو مرڪزي حصو ۽ اڳواڻ هئا. سندن باهمي اتحاد ۽ اعتماد ئي ڪلهوڙن جي حاڪميت جو سبب هو، جيڪو اڳتي هلي ٽٽي پيو ۽ سندن طاقت ڪمزور ٿي پئي ۽ اهي ڏار وڌندا وڃي ڪلهوڙن جي زوال جو سبب بنيا. سنڌ ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ وري متحد ٿي هڪ ملڪ جي شڪل اختيار ڪئي. ملڪي وڻج ۽ واپار کي ترقي ملي. ڪلهوڙا حاڪمن جي واهن کوٽائڻ ۾ دلچسپي وٺڻ ڪري، سنڌ هڪ زرخيز ۽ خوشحال ملڪ ٿي پيو. حاڪمن ۽ جاگيردارن جي آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيو ۽ غريب ڪڙمي ڪاسبي پڻ خوشحال ٿيا. سنڌ ۾ بلوچ قبيلن جي اچڻ ۾ اضافو ٿيو ۽ انهن کي جاگيرون ڏيئي نوازيو ويو. ڪلهوڙن جي حڪومت جي شروعات کان نادر شاهه، احمد شاهه، تيمور شاهه ۽ سندن فوجي سردارن جهان خان ۽ مدد خان سنڌ تي ڪاهون ڪري جيڪا ڦرلٽ ۽ ڪوس ڪيو، ان کي سنڌ واسي ڪڏهن به نه وساريندا. اهو سنڌ جي تاريخ جو هڪ سياهه ۽ بدترين باب آهي. ڪلهوڙن جي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ مغل حڪمرانن جا جاري ڪيل سون، چاندي ۽ ٽامي جا سڪا هلندڙ هئا. ٺٽي ۽ بکر ۾ ضربخانا قائم هئا، جتان اهي سڪا ٺپي سموري ملڪ ۾ هلايا ويندا هئا. انهن کان سواءِ هندستان، ايران، گجرات ۽ ڪڇ جا سڪا پڻ هتي رائج هئا. نادرشاه جي هندستان تي حملي ۽ مغلن جي هارائڻ کان پوءِ سنڌ تي پهريائين نادرشاهه ۽ پوءِ افغان حاڪمن احمد شاهه ۽ تيمور شاهه جي حڪومت قائم ٿي ۽ انهن جي نالي جا سون، چاندي ۽ ٽامي جا سڪا ٺٽي بکر ۽ حيدرآباد جي ٽڪسالن مان ٺپي سموري سنڌ ۾ هلايا ويندا هئا. انهن سان گڏ هن دور ۾ پڻ هندستان، ايران، افغانستان، ڪڇ ۽ گجرات جا سڪا هلندڙ هئا. مٿي ذڪر ڪيل سمورن سڪن تي فارسي رسم الخط رائج هئي. ڪجهه سڪن تي عربي عبارتون پڻ لکيل هونديون هيون. هن وقت تائين ڪلهوڙا دور جا اٽڪل ويهه کن نمونا حاصل ٿي چڪا آهن، پر اهي سمورا هندستان جي مغل حاڪمن ايران جي نادرشاهه ۽ افغانستان جي احمد شاهه ۽ تيمور شاهه جي نالي سان جاري ٿيل آهن. ڪلهوڙا حاڪمن جو پنهنجي نالي سان جاري ٿيل ڪو به سڪو نه مليو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هنن پنهنجي نالي سان ڪوبه سڪو جاري نه ڪيو هو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌ جا قديم سڪا سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور جا سڪا (قسط 2) عبداللہ ورياهه؛ رسالو:مهراڻ؛ 1991جلد 1 ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ