سنڌي ڊڪشنريون ۽ گرامر
ڏيک
سنه 1816ع ۾، سنسڪرت جو ناتو يوروپي ٻولين سان ثابت ٿيو، ته ٻولين جي باري ۾ وڌيڪ کوجنائون ڪيائون. سنڌي ٻولي کي به ڪين ڇڏيائون. پهريائين مسٽر واٽن، ميرن جي صاحبيءَ ۾ اچي سنڌي ڊڪشنري ۽ گرامر جوڙيا، ۽ پوءِ ٻين صاحبن به انهيءَ ڏس ۾ چڱا پورهيا ڪيا. ڊاڪٽر ٽرمپ جو جوڙيل گرامر اڄ تائين مشهور آهي. اهوئي صاحب هو جنهن سنه 1866ع ۾ ”شاهه جو رسالو“ هٿ ڪري ڇپايو هو. [1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، پهريون ڇاپو 1956ع، ليکڪ؛ ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي آرڪائيو ڪيا ويا 2017-10-17 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. پاران سنڌي ادبي بورڊ