سنڌي نالا
سنڌي نالا سنڌي سماج ۾ رائج ذاتي نالا، لقب، ڪنيتون ۽ نالي رکڻ جي روايتن تي مشتمل آهن، جيڪي سنڌ جي ڊگهي تاريخ، گهڻ رخي ثقافت ۽ مختلف مذهبي، لساني ۽ سماجي اثرن جي عڪاسي ڪن ٿا. سنڌي نالن جي جوڙجڪ تي سنسڪرت، پراڪرت، عربي، فارسي، ترڪي ۽ جديد دور ۾ انگريزي سميت ڪيترين ٻولين جو اثر رهيو آهي. اهڙيءَ طرح هندومت، ٻڌ ڌرم، جين ڌرم، اسلام ۽ سک مت جهڙين مذهبي روايتن پڻ سنڌي نالن جي چونڊ ۽ معنائن تي نمايان اثر وڌو آهي. سنڌ ۾ نالا رڳو مذهبي شخصيتن يا تاريخي ڪردارن تان ئي نه، پر مهينن، هفتي جي ڏينهن، موسمن، گلن، وڻن، پکين، جواهرن، فطري شين، اخلاقي وصفن ۽ مقامي لوڪ روايتن تان پڻ رکيا ويندا رهيا آهن. مختلف دورن ۾ سياسي، واپاري ۽ ثقافتي رابطن سبب سنڌي نالن ۾ ڪيترائي پرڏيهي لقب ۽ نالا پڻ شامل ٿيا، جيڪي وقت سان گڏ سنڌي سماج جو حصو بڻجي ويا.
نالن جي بناوت ۽ روايت
[سنواريو]سنڌ ۾ ذاتي نالن جي جوڙجڪ تي مختلف ٻولين، ثقافتن ۽ تاريخي روايتن جو گهرو اثر رهيو آهي. ڪيترن نالن سان لقب، ذاتي سڃاڻپ يا سماجي حيثيت ظاهر ڪندڙ لفظ پڻ شامل هوندا آهن، جڏهنتہ ڪي نالا ڄمڻ جي وقت، مهيني، ڏينهن، موسم يا فطري شين جي نسبت سان رکيا ويندا آهن.[1]
لقبن تي ٻڌل نالا
[سنواريو]خان ۽ خانم
[سنواريو]خان ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ سردار، امير يا رئيس آهي. تاريخي طور اهو ترڪستان ۽ وچ ايشيا جي حڪمرانن ۽ اميرن جو لقب هو. بعد ۾ سنڌ سميت برصغير جي مسلمانن ۾ به اهو لقب نالن سان گڏ استعمال ٿيڻ لڳو، جيئن اسلم خان، اعظم خان ۽ افضل خان.[1]
خانم، خان جي مونث صورت آهي، جيڪا اشرافي گهراڻن جي عورتن لاءِ لقب طور استعمال ٿيندي هئي، جيئن بلقيس خانم ۽ خورشيد خانم.[1]
بيگ ۽ بيگم
[سنواريو]بيگ پڻ ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ امير، نواب يا سردار آهي. سنڌ ۾ هي لقب مردن جي نالن سان استعمال ٿيندو رهيو آهي، جيئن قليچ بيگ ۽ افضل بيگ.[1]
بيگم، بيگ جي مونث صورت آهي، جيڪا معزز يا اشرافي خاندانن جي عورتن لاءِ لقب طور استعمال ٿيندي هئي، جيئن جهان آرا بيگم ۽ نورجهان بيگم.[1]
مل
[سنواريو]سنڌي هندن جي ڪيترن نالن جي پڇاڙيءَ ۾ مل ايندو آهي، جيئن جڳت مل ۽ رهندومل. مل جو بنياد سنسڪرت جي لفظ ملّ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ بهادر، ويڙهاڪ يا پهلوان آهي. سنڌي لفظ ملهه پڻ انهيءَ مان نڪتل آهي، جيڪو پهلوان يا ڪشتيباز جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آهي.[1][2]
ڄمڻ جي وقت سان لاڳاپيل نالا
[سنواريو]سنڌ ۾ ٻارن جا نالا سندن ڄمڻ جي مهيني يا ڏينهن جي نسبت سان رکڻ جي روايت پڻ موجود رهي آهي.[1]
مهينن تي ٻڌل نالا
[سنواريو]مسلمانن ۾:
- محرم خان، محمد محرم
- صفر خان، محمد صفر
- عرس خان، محمد عرس
- شعبان خان، محمد شعبان
- رمضان خان، محمد رمضان
هندن ۾:
- چيٽومل
- ڄيٺومل
- سانوڻ مل
- آسومل
- پوهومل
- ڦڳڻ مل
- ڦڳڻ داس
هفتي جي ڏينهن تي ٻڌل نالا
[سنواريو]هفتي جي ڏينهن تي ٻڌل نالا پڻ عام رهيا آهن، جهڙوڪ:
- آچر خان، آڏومل
- سومر خان، سومار خان
- منگل خان، منگل مل
- ٻڌر مل
- خميسو خان
- جمعا خان
- محمد جمن
فطرت مان ورتل نالا
[سنواريو]سنڌ ۾ ڪيترائي نالا قدرتي شين، موسمن ۽ ماحول مان پڻ ورتا ويا آهن.[1]
موسمون
[سنواريو]- بهار خان
- بهارو مل
- بهاري لال
- بسنت راءِ
- بسنت مل
آسماني ۽ موسمي عنصر
[سنواريو]- ميگهراج
- مينگهراج
- ميگهومل
- مينگهومل
- بادل خان
- بادل مل
وڻ ۽ ٻوٽا
[سنواريو]- ٻيلو خان
- ٻيلو مل
- جهنگل خان
- اڪ خان
ميوا
[سنواريو]- ڏاڙهون خان
- ڏاڙهومل
- صوف خان
- محمد صوفن
پکي
[سنواريو]- مورخان
- مور خاتون
- موران
- طوطو مل
- طوطل داس
- طوطل خان
گل
[سنواريو]- گلاب خان
- گلابي
- گلاب سنگ
- گلان
- گلي
جواهرات ۽ زيور
[سنواريو]- ماڻڪ خان
- ماڻڪ مل
- هيرومل
- هيرانند
- گوهر خان
- لعل محمد
- لعل داس
- چاندي خان
- سونو خان
- سونل
گڏيل نالا
[سنواريو]سنڌ جي گڏيل سماجي ۽ ثقافتي ماحول سبب ڪيترائي نالا مسلمانن ۽ هندن ٻنهي ۾ هڪجهڙا رائج رهيا آهن، جهڙوڪ:
- چڀڙ خان / چڀڙ مل
- متيرو خان / متيرو مل
- ڪوڙو خان / ڪوڙو مل
- سڄڻ خان / سڄڻ مل
- مانجھي خان / مانجھي مل
- عيدن خان / عيدن مل
- کٽڻ خان / کٽڻ مل
بهرحال، ڪجهه نالا صورت ۾ هڪجهڙا هجڻ باوجود سندن بنيادي اشتقاق ۽ معنيٰ مختلف هوندي آهي. مثال طور سچو مسلمانن وٽ سچي ڏنو سان لاڳاپيل آهي، جڏهنتہ هندن وٽ اهو سنسڪرت جي سچدانند مان نڪتل سمجهيو وڃي ٿو.[1]
عربي ۽ فارسي نالن جون مقامي صورتون
[سنواريو]سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترن عربي ۽ فارسي نالن جون مقامي صورتون پڻ رائج ٿيون، جن مان ڪجهه هي آهن:[1]
| اصل نالو | سنڌي مقامي صورتون |
|---|---|
| آمنہ | ايمڻا، آمني، آمڻي، آمي |
| فاطمہ | ڦاپان، ڦاپي، ڦاپو، ڦاپل |
| زليخا | جلان، جلي |
| صفوره | سڦوران، سڦوري |
| نعمت | نيامت، نيامي، نامي |
| صاحب خان | صابو، صبو |
| غلام قادر | قادن، قادو |
نالي رکڻ جو رواج
[سنواريو]سنڌي نالن جي بناوت ۽ نالي رکڻ جي روايت تي سنڌ جي مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي ورثي جو گهرو اثر رهيو آهي. سنڌ جا اڪثر رهواسي اسلام جا پوئلڳ آهن، جڏهنتہ هندومت، سک مت ۽ ٻين مذهبن سان واسطو رکندڙ سنڌي پڻ پنهنجي پنهنجي مذهبي ۽ ثقافتي روايتن موجب نالا اختيار ڪندا آهن. سنڌي نالن ۾ عربي، فارسي، ترڪي، سنسڪرت، پراڪرت ۽ ٻين هند-آريائي ٻولين مان ورتل نالا وڏي پيماني تي رائج آهن.[3][4]
روايتي طور سنڌي مڪمل نالي ۾ ذاتي نالو، والد يا ڪنهن بزرگ جي نسبت وارو نالو، ۽ خانداني نالو يا ذات شامل هوندي آهي. ڪيترن نالن سان خان، بيگ، سيد، مير، مولانا، حاجي يا ڊاڪٽر جهڙا لقب پڻ اڳيان يا پٺيان استعمال ڪيا ويندا آهن، جيڪي مذهبي، سماجي، علمي يا خانداني حيثيت ظاهر ڪن ٿا.[4]
مرداڻا نالا
[سنواريو]| نالو | معنيٰ |
|---|---|
| الله ڏنو | خدا جو ڏنل تحفو |
| الله بچايو | خدا جي حفاظت ۾ |
| الله رکيو | خدا جي امان ۾ |
| آڪاش | آسمان |
| گل | گل |
| هيرو | هيرو، قيمتي پٿر |
| مهران | سنڌو درياهه |
| مور | مور |
| نينهن | محبت |
| پنهو | لوڪ داستان جو ڪردار |
| سچل | سچو، ايماندار |
| سانوڻ | برسات جي موسم |
| سمن | ڦر |
| سجاڳ | بيدار، هوشيار |
| سڄڻ | دوست، مهربان |
| ساگر | سمنڊ |
| عرس | عرس جي نسبت سان |
| زوراور | بهادر، طاقتور |
عورتاڻا نالا
[سنواريو]| نالو | معنيٰ |
|---|---|
| الله دِني | خدا جو ڏنل تحفو |
| الله رکي | خدا جي امان ۾ |
| آس | اميد |
| آسرا | سهارو، اميد |
| ڀاڳ | نصيب |
| چندروڪي | چنڊ جي روشني |
| گلان | گل |
| هوري | پري |
| ڪنول | ڪنول جو گل |
| ڪينجهر | ڍنڍ جو نالو |
| مارئي | سنڌي لوڪ داستان جي ڪردار |
| مومل | سنڌي لوڪ داستان جي ڪردار |
| نوري | روشني |
| پونم | مڪمل چنڊ |
| راڻي | راڻي |
| سونهن | حسن |
| سسئي | سنڌي لوڪ داستان جي ڪردار |
| سنڌو | سنڌو درياهه |
| ستارو | تارو |
| ورکا | برسات |
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛ مھراڻ رسالو، جلد 36، 1987ع؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.
- ↑ هندي شبد ساگر، جلد 5، ص 2676، ناگري پرچارڻي سڀا، ڪاشي.
- ↑ Burton, Sir Richard Francis (1851). Sindh, and the Races that Inhabit the Valley of the Indus. W. H. Allen.
- 1 2 "Structure of Sindhi Language". Central Institute of Indian Languages. 21 April 2024.