سنڌي نالا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ھن مضمون کي وڪي طرز تي لکڻ جي ضرورت آھي (نومبر 2018ع)

مسلمانن جي نالن پٺيان گهڻو ڪري ’خان‘ ايندو آهي. جيئن: اسلم خان، افضل خان، اعظم خان وغيره. ’خان‘، ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: سردار، رئيس، امير. دراصل ترڪستان ۽ خطا جي بادشاهن جو لقب هو، جو سنڌ جي مسلمانن به، ان اميراڻي روايت کي قائم رکندي، پنهنجي نالي پٺيان ’خان‘ لاڳو ڪيو. ’خان‘ کي ’م“ گڏڻ سان ’خانم‘ مونث ٿيو، جو وڏ گهراڻي عورتن جو لقب اهي. جيئن بلقيس خانم، خورشيد خانم وغيره. ڪن نالن پٺيان ’بيگ‘ هوندو آهي. جيئن: قليچ بيگ، افضل بيگ وغيره. ’بيگ‘ ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جهن جي معنيٰ آهي: نواب، سردار، امير ’بيگ‘ کي ’م‘ گڏڻ سان ’بيگم‘ مونث ٿيو، جو اميرزادي جي معنيٰ ۾ آهي. جيئن: جهان آرا بيگم، نورجهان بيگم وغيره. فقط ’بيگم‘ به عورت جو نالو آهي. اهي نالا، جن جي پٺيان خان، خانم، بيگ، بيگم آهي، وڏ گهراڻن جا مخصوص نالا هوندا هئا، پر هينئر غريب غربو به اهڙا نالا رکي، جهوني روايت کي قائم رکيو اچي.[1]سنڌ جي هندو نالن پويان، گهڻو ڪري ’مَلُ‘ هوندو آهي، جيئن: جڳت مل، رهندومل وغيره. ’مل‘ جي بنيادي معنيٰ آهي: بهادر، ويڙهو، پهلوان. ’مل‘ مان، سنڌيءَ ۾ ”ملھ“ لفظ ٿيو جو پهلوان يا ڪشتيباز جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو.

جيئن ’خان‘ کي پنهنجي تاريخ آهي، تيئن ’مل‘ کي به پنهنجي تاريخ آهي. ’هندي شبد ساگر‘ انوسار: سنسڪرت ”ملّ“.”هڪ پراچين ذات جو نالو، جا لڙائيءَ ۾ وڏي همت سان وڙهندي هئي، جنهن جي بهادريءَ ڪري مٿن ”مَلّ“ نالو پئجي ويو.[2] ڪيترائي شهرن جا نالا آهن، جي سندن ذات پٺيان آهن. جيئن: مُلتان (مَل + سٿان = جاءِ)، مالو (مَلّ + آليه = جاءِ)، مالڀوم (مَلّ + ڀوم = زمين، جاءِ- نيپال جي اوڀر ۾) وغيره.[1]سنڌ ۾ نالي رکڻ جا ڪيئي سبب ٿي سگهن ٿا: جيڪڏهن ٻار ’محرم‘ مهيني ۾ ڄمي ٿو ته محرم خان، محرم علي؛ ’صفر‘ تان صفر خان، محمد صفر؛ ’عرس‘ تان عرس خان، محمد عرس، عرس محمد؛ ’شعبان‘ شعبان خان، محمد شعبان؛ ’رمضان‘ تان رمضان خان، محمد رمضان. هندن ۾ به اهو دستور رهيو. ’چيٽ‘ مهيني تان چيٽومل؛ ’جيٺ‘ تان ڄيٺومل، ڄيٺانند، ڄيٺي ٻائي؛ ’سانوڻ‘ تان سانوڻ مل، سانوڻ داس؛ ’اَسُو‘ تان آسو مل؛ ’پوهه‘ تان پوهو مل؛ ’ڦڳڻ‘ تان ڦڳڻ مل، ڦڳڻ داس.[3]ڪي نالا ڏينهن تان ورتل آهن: آچر ڏينهن ڄائو ته آچر خان، محمد آچر. هندو نالو رکن: ”آڏو“ مل. ’آچر‘ يا ’آڏو‘ جو بنيادي سنسڪرت جو هڪڙوئي لفظ آهي:
1- آچر< اتوار< اڏتوار< سن. آدِتيه = سج Sun + وار = ڏينهنday. انگريزي ۾ Sunday. ’آذومل‘ تان ئي آڏواڻي آڪهه تي نالو پيو آهي.
2- ’سومر‘ تان سومر خان، محمد سومر، سومار خان. سومر< سومار< سوموار< سن. سومَ = چنڊ Moon + وار = ڏينهن day. اهو ٿيو Moonday، تنهن مان ٿيو Monday.
3- ’منگل‘ تان منگل خان، منگل مل، منگل راءِ. منگل< سنسڪرت منگلوار. منگل = منگل گرھ، Mars، مريخ + وار = ڏينهن. Tuesday. معنيٰ سدورو، سڀاڳو.
4- ’ٻڌر‘ تان ٻڌر مل. ٻڌر< سنڪسرت ٻُڌ = گرهه. Mercury عطارد + وار = ڏينهن. ٻڌ = سياڻو، داناءُ. اهڙي طرح ’خميس‘ تان خميسو خان، محمد خميسو.
’جمع‘ تان جمعا خان، جمن، محمد جمن. آسماني مانڊاڻ يا فضا تان ورتل: ميگهه = ڪڪر، بادل. ’ميگھ‘ تان ميگهراج، مينگهراج، ميگهو مل، مينگهو مل، مينگهي ٻائي وغيره. ’بادل‘ تان بادل خان، بادل مل. مندن تان ورتل: بهار خان، بهارو خان، بهارو مل وغيره. بهاري لال، ’بهار‘ تان ورتل آهي. بِهار (سنسڪرت) = رَؤنشو. بِهاري = رَؤنشائو، رَؤنشائي، رَؤنشي وارو، خوش جيئڙو، خوش طبع. بسنت تان بسنت راءِ، بسنت مل.[4]هروڀرو ائين به نه آهي ته ٻار، جنهن ڏينهن يا مهيني ڄمي ته ان ته ڏينهن يا مهيني جو نالو رکڻ لازمي آهي، پر هندن ۽ مسلمانن جي اها پراڻي رسم هلندي اچي. اڳ سنڌ ۾ اڍائي گهر هئا: گهر مسلمان، گهر هندو ۽ اڌ گهر ٻاليشاهي. تنهن ڪري هندو مسلمان چون ”اڍائن گهرن جو خير!“ انهيءَ برادرانه سلوڪ ڪري، مسلمان ۽ هندن جا ڪي نالا، بنيادي طرح هڪجهڙا آهن. جيئن: چڀڙ خان، چڀڙ مل؛ متيرو خان، متيرو مل؛ ڪوڙو مل، ڪوڙو خان؛ سڄڻ مل، سڄڻ خان؛ مانجھي مل، مانجھي خان؛ عيدن مل، عيدن خان؛ کٽڻ مل، کٽڻ خان وغيره.[5]ڪي وري اهڙا نالا آهن، جي هندن توڙي مسلمانن جا هڪجهڙا آهن، پر بنيادي لفظ ۽ معنيٰ جي خيال کان، هڪجهڙا سمجھڻ نه کپن. مثلاً: ”سچو“، مسلمان توڙي هندو جو نالو آهي. مسلمان جي حالت ۾ ’سچو‘ جو واسطو ’سچيڏنو‘ سان آهي، پر هندو جي حالت ۾ سچُو< سچانند< سن. سَچّدانند آهي. سچدا نند = سَت = سدا + چِت = عقل، هوش، فهم + آنند = خوشي. اصل معنيٰ زندگي، خيال ۽ خوشي؛ خدا جو نالو.[6]ڪي نالا: ميون، گلن، وڻن، ٻوٽن، زيورات ۽ جواهرات وغيره تان ورتل آهن:
ميوي تان: ڏاڙهون خان، ڏاڙهو مل، صوف خان، صوفن، محمد صوفن؛ انبارام، امبارام، انب تان ورتل نه آهي، پر ’امبا‘ (Godess) ديوي تان ورتل آهي. وڻن ۽ ٻوٽن تان: ٻيلو خان، ٻيلو مل؛ جھنگل خان، جھنگل مل؛ اڪ خان وغيره. پکين تان: چتون مل، طوطو مل، طوطل داس، طوطل خان. مور تان: مورخان، مورخاتون، موران. گلن تان: گلاب خان، گلابي، گلاب سنگ، گلاب جانِ، گُلان، گُلي. زيورات ۽ جواهرات تان: ڳهڻو خان، ڳهڻو مل؛ ماڻڪ خان، ماڻڪ مل، ماڻڪ راءِ؛ هيرومل، هيرانند هيرا ٻائي؛ گوهر خان، گهنور خان، جهنور لال؛ لعل محمد، لعل داس؛ چاندي ٻائي، چاندي خان، سونو خان، سونل، سونَڻِ، سونِي.[7] شاديءَ تان ورتل: شادي خان؛ ڄاڃي مل، ڄاڃي راءِ، ماڃي مل. ڪيترا نالا عربيءَ ۽ فارسيءَ مان ورتل آهن، پر اسان وٽ ٿوري ڦيرگهير سان سڏيا وڃن ٿا: ’آمنہ’ کي ايمڻا، آمني، آمڻي، آمي.
’فاطمه‘ کي ڦاپان، ڦاپي، ڦاپو، ڦاپل، ڦپي.
’صاحب خاتون‘ کي صابي، صابل، صابان.
’نواب‘: نبل، نبي، نباب.
’بختار‘: بختي، بَکي، بکان، بکل.
’قائمہ- قائم خاتون‘: ڪامل، ڪامي، ڪامان، قائمان.
’زليخا‘: جُلان، جُلي.
’صفوره‘: سڦوران، سڦوري.
’غفرانه‘: گڦوران، گڦوري.
’نعمتِ‘: نيامت، نيامي، نامي.
مردن لاءِ به ائين آهي:<> ’صاحب خان- صاحب ڏنو‘: صابو، صبُو.
’غلام قادر- قادر بخش: قادن، قادو.
[8]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. هندي شبد ساگر- جلد 5. ص 2676. ناگري پرچارڻي سڀا ڪاشي.
  3. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  4. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  5. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  6. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  7. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  8. سنڌي نالا؛ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو؛مھراڻ رسالو؛ جلد 36؛ 1987؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو