سنڌي قوم جو تصور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

انساني تاريخ ۾ قوم جو جديد تصور 1789ع جي فرانس جي انقلاب کانپوءِ اُڀريو، ڇاڪاڻ ته بادشاهتن ۽ شهنشاهتن جي زماني ۾ قوم جو نئون سياسي تصور موجود نه هو. لفظ نيشنلزم پڻ پهريون ڀيرو 1789ع ۾ هڪ فرانسيسي پادريءَ آگسٽن بيرئل (Augustin Barruel) استعمال ڪيو هو. هزارين ورهين تائين ماڻهو ذاتين، ويڙهن، نسلي ۽ لساني گروهن ۽ قبيلن کي ئي قوم سمجهندا رهيا، ڇاڪاڻ ته قبائلي ۽ جاگيرداراڻن يا زرعي سماجن ۾ قوم جو تصور رت جي رشتن، نسل ۽ ٻوليءَ تائين محدود هوندو آهي ۽ شهنشاهتون جيئن ته وڌاءُ پسنديءَ تي ٺهيل هونديون هيون، اُن ڪري قومي رياست يا قوم جو نئون سياسي تصور اُتي موجود ئي نه هو. فرانس جي انقلاب کانپوءِ ارڙهين صديءَ ۾ يورپ ۾ قومي رياست جو تصور اُڀريو ۽ اهو تصور اُڻويهين صديءَ ۾ اڃان وڌيڪ اڀري آيو، ان حد تائين جو اُڻويهين ۽ ويهين صديون قومي رياستن جي گهڙت ۽ قومي تحريڪن جون صديون رهيون.

سنڌ کي به انگريزن اُڻويهين صديءَ جي وچ ڌاري يعني 1843ع ۾ فتح ڪيو ۽ 1847ع ۾ سنڌ کي جڏهن بمبئيءَ ۾ شامل ڪيو ويو، تڏهن پهريون ڀيرو سنڌ ۾ نئين قومي سوچ ڪَرَ کنيا ۽ 1847ع کان پهرين اپريل 1936ع تائين 88 سالن ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي جيڪا اُڻ تُڻ پيدا ٿي ۽ جاکوڙ ٿي، اُن سنڌ ۾ سياسي معنائن ۾ قومي شعور جا ٻِجَ ڇَٽيا. 1955ع کان 1970ع تائين ون يونٽ واري ڪاري دور ۾ سنڌ ۾ جيڪا ادبي، ثقافتي ۽ سياسي مزاحمت جي تحريڪ هلي، اُن سنڌ ۾ صحيح معنيٰ ۾ قومي شعور جا بنياد رکيا، جيتوڻيڪ سنڌ ۾ قومي شعور ۾ هونئن ته انيڪ ماڻهن جو هٿ رهيو آهي پر سنڌ ۾ ان تصور ۽ فڪر جو نيپاج ابتدائي طور محمد ابراهيم جويي، حشو ڪيولراماڻيءَ ۽ جي ايم سيد ڪيو ۽ پوءِ ان ۾ نوان رنگ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ، رسول بخش پليجي ۽ شيخ اياز ڀريا ۽ ايئن سنڌ جو جديد قومي تصور ۽ خاڪو وڏيءَ سَگهه سان اُڀري آيو ۽ اڄ تائين ان جي حقيقت ۽ سَگهه کي ڪير به لوڏي نه سگهيو آهي.

سنڌ ۾ قوم جي نئين تصور کي سڀني کان وڌيڪ جي ايم سيد چِٽو ڪيو ۽ وطن، گڏيل تاريخ، ٻوليءَ، گڏيل ڪلچرل گڏيل مفادن جهڙن عنصرن کي ان جو بنياد ڄاڻايو. جيئن قوم جون شڪليون جامد نه پر متحرڪ ۽ تبديل ٿيندڙ آهن، ايئن قومن بابت نوان تصور پڻ متحرڪ ۽ سدائين تبديليءَ ڏانهن مائل رهن ٿا. انهن سوالن تي ويهين صديءَ جي سماجي سائنسدانن جهڙوڪ اُمُٽ اوذڪرملي (Umut Ozkirimli)، ارنيسٽ گيلنر (Ernest Gelner)، مونت سِرات گوئيبرنائو (Montserrat Guibernau) ۽ جان رالز (John Rawls) سميت انيڪ مدبرن تفصيل سان لکيو آهي. اِهي عالم قومي سوال جا وڏي ۾ وڏا ماهر مڃيا وڃن ٿا.

انهن کان سواءِ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ لينن ۽ اسٽالن توڙي هوچي منهه ۽ مائوءَ جا لکيل مقالا پڻ لاجواب آهن. سنڌي قوم به تاريخ ۾ ٻين قومن جيان انيڪ مرحلن مان گذري ۽ مختلف سماجي عنصرن مان ٺهي جُڙي تيار ٿي آهي ۽ اُها نه گهڙت جي تڪميل کي پهتي آهي ۽ نه ڪڏهن پهچندي، ڇاڪاڻ ته قوم سازيءَ جو عمل پڻ هڪ لڳاتار عمل آهي ۽ انهيءَ ڪري اُهو متحرڪ ۽ تبديل ٿيندڙ آهي. اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌي قوم ڪنهن هڪ نسلي يا هڪ مادري ٻولي ڳالهائيندڙ گروهه تي مشتمل ناهي. نسلي، لساني ۽ علائقائي نظر سان ڏسبو ته پوءِ سنڌ جي قومي وحدت جي تصوير نظر نه ايندي، جڏهن ته ان رنگارنگي (Diversity) کي سياسي ۽ نئين قومي تصور جي اک سان ڏسبو ته اسان کي سنڌ هڪ تاريخي قومي وحدت طور نظر ايندي. نسلي طور سنڌ بنيادي طور اسان کي چئن وڏن نسلي گروهن ۽ ٻين انيڪ نسلي گروهن تي مشتمل نظر ايندي، جنهن ۾ دراوڙ، سماٽ، سيد، بلوچ مکيه گروهه ۽ بروهي، مغل، اوائلي پٺاڻ (ترين، آغا وغيره)، سيٽلر پنجابين جا گروهه شامل آهن. انهن مان هرهڪ گروهه تاريخ جي مختلف ڏاڪن تي سنڌي قوم ۾ ضم ٿيندو ويو آهي، جڏهن ته دراوڙ سڀني کان اصلوڪا ۽ قديم ماڻهو آهن، جن ۾ ڪولهي، ڀيل، باگڙي، اوڏ، ميگهواڙ ۽ ٻيون ذاتيون اچي وڃن ٿيون. جيڪڏهن سنڌي قوم جي سماج کي مادري ٻولين جي اک سان ڏسبو ته سنڌ ۾ سنڌيءَ سان گڏ سرائيڪي، جدگالي، بروهڪي، بلوچي، مارواڙي، ڍاٽڪي، پارڪري ۽ ٻيون انيڪ مادري ٻوليون اچي وڃن ٿيون، پر انهن سمورن گروهن جي مادري ٻولي ڀل ته ڪهڙي به هجي پر سندن قومي ٻولي سنڌي آهي، جنهن کي هو هر حساس موقعي تي اوليت پڻ ڏين ٿا ۽ اِها اسان جي قومي شعور جي علامت آهي، جنهن کي ڪجهه دوستن تاريخ جو جبر يا ڏاڍ پئي سڏيو. تاريخ جو جبر اهو تڏهن ليکجي ها جڏهن ڪو انهن تي سنڌي ٻولي زوريءَ مڙهي ها پر اسان جي معاملي ۾ ماڻهن پنهنجي مادري ٻولين تي قومي ٻوليءَ کي ايئن اوليت ڏني جيئن اهي اهم ۽ حساس موقعن تي پنهنجين ذاتين ۽ نسلي ۽ قبائلي سڃاڻپ تي سنڌ جي قومي سڃاڻپ کي اوليت ڏيندا آهن ۽ ڏيڻ گهرجي. مذهب تاريخ ۾ ماڻهن جي ورڇ جو اهم محرڪ رهيو آهي پر سنڌ ۾ صدين کان مذهبي فرق جي ڪري ڪڏهن به سنڌ جي وحدت کي خطرو آڏو نه آيو آهي، جيڪڏهن مختلف موقعن تي وقتي تضاد اُڀري به آيا آهن ته اُهي سماج نه اُڀاريا آهن، پر بدنيت فردن ۽ گروهن پنهنجي مفادن خاطر اُڀاريا آهن، جن کي سماج ڪڏهن به پنهنجو نه ڪيو.

ساڳيءَ طرح سنڌ ۾ مختلف علائقن جي حساب سان ماڻهن جي ثقافت ۽ مزاج ۾ پڻ وڏو فرق آهي. ٿر، ڪاڇي، ڪوهستان، وچولي، لاڙ، ساهتي پرڳڻي، اُتر يا صدين کان شهرن ۾ رهندڙ ماڻهن ۽ گروهن جا مزاج، رويا، سوچڻ جا انداز ۽ ذيلي ثقافتي رنگ يقيني طور مختلف به آهن ۽ ڪيترن حوالن سان متضاد پڻ آهن ۽ اِهو سڄيءَ دنيا ۾ ٿيندو آهي، جو چوندا آهن ته هر ويهن ميلن کانپوءِ ٻوليون ۽ ثقافتون پنهنجا لهجا ۽ رنگ مَٽائينديون آهن پر ان جو اهو مطلب هرگز ناهي ۽ نه ٿي سگهي ٿو ته انهن هيٺ فرقن سان سنڌ جي قومي وحدت کي ڇيهو رسايو وڃي.

(1) قوم جو جديد تصور پنهنجيءَ جوهڙ ۽ جوڙجڪ ۾ تنگ نظر، محدود يا بيٺل نه آهي، ان ڪري اسان کي پڻ ان کي محدود نه ڪرڻ گهرجي. هر اهو اردو ڳالهائيندڙ يا ٻي ڪابه ٻولي ڳالهائيندڙ سنڌي آهي، جيڪو سنڌ جو مستقل رهواسي آهي ۽ سنڌ کي پنهنجو وطن ۽ گڏيل سماج سمجهي ٿو. اسان کي ان تي ڪا به ارهائي نه هئڻ گهرجي ته هو پنهنجي ٻولي ڇو ٿا ڳالهائين يا پنهنجو لباس ڇو ٿا پائين ۽ پنهنجو ذيلي ڌار ڪلچر ڇو ٿا رکن. جڏهن سنڌ اڳ ئي موجود هيترن سارين ذيلي ثقافتن، لساني ۽ علائقائي رنگن کي پنهنجي هنج ۾ ويهاري سگهي ٿي ته پوءِ اهو اُصول نون آيل ماڻهن تي به لاڳو ٿيڻ گهرجي. جي اُهي تاريخ جي جبر يا ڏاڍ جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا آهن ته ياد رکڻ گهرجي ته هزارين سالن کان سنڌ جي اصلوڪن رهواسين يعني دراوڙن به ڪي دعوتون ڏئي سماٽن، سيدن ۽ بلوچن کي سنڌ ۾ نه گهرايو هو. قوم سازيءَ جو عمل هڪ لڳاتار عمل آهي، جنهن جا در ڪڏهن به بند ٿيڻ نه گهرجن. جي اُهي تاريخي عمل دوران سنڌي ڪلچر ۽ سماج جو حصو ٿي وڃن ته به ٺيڪ ۽ نه ته به ذيلي سڃاڻپ ۽ ٻولي يا ڪلچر رکڻ انهن جو حق هئڻ گهرجي. اسان جو شرط رڳو گڏيل وطن سان پيار، سنڌ جي وطني وحدت جي ضمانت ۽ هڪ گڏيل سماج جي اڏاوت ۾ حصيدار ٿيڻ هئڻ گهرجي.

(2) سنڌ ۾ نسلي، لساني ۽ ثقافتي قوميت جي تصور بدران اسان کي “وطني قوميت” جي تصور کي هٿي وٺرائڻ گهرجي.

(3) سنڌ ۾ مستقل طور آباد ماڻهن سان مٽي مائٽيءَ، گڏيل ڪاروبار، سماجي طور اُٿڻ ويهڻ ۾ نه رڳو ڪوبه عار محسوس نه ڪرڻ گهرجي پر ان کي همٿائڻ گهرجي. سنڌ جي سياسي پارٽين کي ٻين ٻولين ۽ نسلي گروهن سان لاڳاپيل باڪردار ۽ سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهندڙ ماڻهن کي پنهنجين صفن ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.

(4) سنڌ جي ثقافت هونئن به هڪ رنگي نه آهي، ٿر، لاڙ، وچولي، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ اُتر جي ذيلي ثقافتن ۾ پڻ ٿورا گهڻا فرق آهن ته پوءِ سنڌ جي ثقافت کي رڳو خاص عنصرن تائين محدود نه ڪرڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي ثقافت جو دائرو ايترو موڪرو ڪرڻ گهرجي جو سنڌ ۾ مستقل طور آباد گروهه پڻ ان گڏيل ثقافت جي آئيني ۾ پنهنجي پنهنجي تصوير ڏسي سگهن. اهڙيءَ طرح ئي نوان آيل گروهه سنڌ کي پنهنجي وطن ۽ سنڌ جي سماج کي پنهنجو گڏيل سماج قبول ڪرڻ ڏانهن وِک وڌائيندا.[1] [2][3]

حوالا[سنواريو]