سنڌو رومن سنڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سنڌو رومن سنڌيءَ (انگريزي ٻولي: Indus Roman Sindhi) مان مراد هڪ اهڙي لپي يا اسڪرپٽ آهي، جنهن تحت انگريزي الفابيٽ يا اَي بي سي ذريعي سولائي سان سنڌي لکي ۽ پڙهي سگهجي.

سنڌو رومن سنڌي ۾ زير، زبر ۽ پيش جي ڏاڍي اهميت آهي. سنڌو رومن سنڌيءَ ۾ لفظ جي اُچار، آواز، بيهڪ، گهڙت، ۽ گهرج آهر زَبرَ لاءِ گهڻو ڪري ”A“ ڪتب آندي وڃي ٿي، پر ڪن خاص حالتن يا صورتن ۾ ايڪسيپشن جي طور تي زبرَ لاءِ ”U“ به ڪتب آڻڻ جي اجازت آهي. ساڳي نموني سنڌو رومن سنڌيءَ ۾ زير لاءِ ”I“ ڪتب آندي وڃي ٿي، پر ڪن خاص حالتن يا صورتن ۾ ايڪسيپش جي طور تي زير لاءِ اِيِ ”E“ به ڪتب آڻڻ جي اجازت آهي ۽ پيش لاءِ U ڪتب آندي وڃي ٿي. سنڌو رومن سنڌي ۾ لفظَ لکڻ مهل جيترو زير، زبر ۽ پيش جو خيال رکيو ويندو، اوترو ئي سنڌو رومن سنڌي صحيح ۽ سٺي لکجندي. [1]

رومن سنڌي ڊڪشنري[سنواريو]

گلوسبي ڊڪشنريز جي عالمي اداري، رومن سنڌي (Roman Sindhi) کي به سنڌي ٻوليءَ جي هڪ لپيءَ قرار ڏيندي پنهنجي ڊڪشنريز ۾ شامل ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي رومن سنڌي ڊڪشنري به گلوسبي ڊڪشنرين ۾ شامل آهي. [2]

حوالا[سنواريو]