سمھن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سَمَھن در اصل سماع جي هڪ بگڙيل اچار آهي، تنھن هوندي بہ الڳ اهميت رکي ٿي. اهو سلسلو ملتاني بزرگن لاءِ آهي. سنڌ جي اترئين پاسي جا پانڌيئڙا ملتان پھچي مرشدن جي زيارت لاءِ ويندا آهن ۽ محفلون مچائيندا آهن، اتي جيڪو سماع ٿيندو آهي، ان کي سمھن چئبو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.