سلانوالي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


پنجاب جو ضلعي نقشو جنھن ۾ وچ پنجاب ۾ سرگوڌا ضلعو فيروزي رنگ سان ڏيکاريل

سِلانٚوالي
سلانوالی
شھر
sillanwali
سلانوالي شھر جي ھڪ بازار
سِلانٚوالي is located in Pakistan
سِلانٚوالي
سِلانٚوالي
جاگرافي بيهڪ: 31°49′30″N 72°32′20″E / 31.82500°N 72.53889°E / 31.82500; 72.53889مڪانيت: 31°49′30″N 72°32′20″E / 31.82500°N 72.53889°E / 31.82500; 72.53889
ملڪ  پاڪستان
بلندي 173 ميل (568 ft)

سلانوالي(انگريزي: Sillanwali) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي سرگوڌا جو ھڪ شھر ۽ ان ساڳي نالي سان تحصيل جو صدر مقام آھي [1]ھي شھر سرگوڌا جي ڏکڻ طرف فاروقا شھر کان 13 ڪلوميٽرن تي واقع آهي.ھتان جي آبادي مسلمان ۽ ٻولي پنجابي آھي. شھر جي چوڌاري زرخيز زمينون آھن جتي ڪمند ، ڪڻڪ ، ڪپھ، تيلي ٻجن جا فصل ٿين ٿا. نارنگين جا باغ پڻ واقع آھن. ھي شھر سائٽرس ميون جھڙوڪ نارنگي، ڪينو ۽ ليمن جي واپار لاءِ بہ مشھور آھي.

تاريخ[سنواريو]

ھن شھر برٽش انڊيا جي دؤر ۾ اوڻويھين صدي جي آخر ۾ ترقي ڪئي ۽ شھر زرعي منڊي بڻيو جتي زرعي جنسن جو ٻڌو واپار ٿيندو ھو . شھر جي پاسي ۾ ريلوي اسٽيشن جي قيام بہ ھن شھر جي معيشت ۾ واڌارو آندو. ھتي کتري نسل وارا ھندو ۽ سک پڻ رھندا ھئا پر پاڪستان جي قيام بعد انھن جي آبادي ھتان لڏي انڊيا جي رياست ھريانہ جي شھر ڪرنال منتقل ٿي ويا ۽ انھن جون ملڪيتون ھريانہ جي ڪرنال واري پاسي کان لڏي آيل کتري مسلمان شيخن کي مليون جيڪي ھجرت ڪري آيا ھئا.ھتان جي ٻھراڙيءَ جا جٽ سک انڊيا لڏي ويا انھن جي جاءِ تي راجپوت، آرائين، کوکر، پنجابي شيخ، گجر ، ڊوگر ۽ مسلمان جٽ ھن شھر جي اردگرد ڳوٺن ۾ لڏي اچي آباد ٿيا.

صوفي بزرگ[سنواريو]

ھن شھر ۾ پير محمد برخدار گيلاني قادري جي درگاھ واقع آهي جتي ان جو عرس پڻ ملھايو ويندو آهي.

حوالا[سنواريو]