سر (ٻوٽو)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سَرُ ٻُوٽو

سَرُ (انگريزي: Reed plant) ھڪ ٻوٽو آهي جيڪو دنيا وانگر سنڌ ۾ بہ ڍنڍن، ڍورن، واهن، شاخن، واٽر ڪورسن وغيره جي ڪناري سان ٿئي ٿو. سر جي ٻوٽي کي نڙ وارن عام ٻوٽن (Common reed plants) جي ڪٽنب ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هيءَ اٽڪل ست کان ڏھ فوٽن تائين ڊگهو ٿيندو آھي. هن ٻوٽي جي پنن مان ٽُوئا، مَنَهن، ڇاپرن، لانڍين، جهوپڙين، ڇَنن وغيره جون ڇتِيون ٺاهيون يا ڍڪيون وينديون آهن. سر جي پنن مان ٻهاريون بہ ٺهڻ ٿيون. سر جي سنگ وران تيلن مان ڇڄ، وڃڻا وغيره بہ جڙندا آهن. سر جي ٻوٽي جي مٿين کل لاهي ڪُٽي ان منجهان مُڃ جو واڻ بہ ٺاهيو ويندو آهي جيڪو کٽون ۽ منجيون واڻڻ ۾ ڪم ايندو آهي. هن ٻوٽي کي شاھ عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعري ۾ خوب ڳايو آهي.[1][2]

حوالا[سنواريو]

  1. "سَر 1 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-10-19. 
  2. Roshni. "Weekly Roshni ہفتھ روزہ روشنی : Waan Aj ba Rozgar Jo Zario مڃ جو واڻ". Weekly Roshni ہفتھ روزہ روشنی. حاصل ڪيل 2019-10-19.