ست سٽا
ڏيک
ست سٽا (Septet) هڪ سادو نظم آهي. هن نظم ۾ ست سٽن مان پھرئين جي بيھڪ قافيي جي لحاظ کان ٽن دوهن تي مشتمل آهي. جڏهن تہ ستين ۽ آخري سٽ، ٻئي نمبر دوهي سان هم قافيا هوندي آهي، جڏهن تہ ان جو وزن فعولن، فعولن، فعولن، فعولن (چار ڀيرا) تي مشتمل هوندو آهي. هاڻي وزن جي پابندي نہ ٿي رکي وڃي. سنڌي ۾ استاد بخاري، وسيم سومري ۽ ڪجهہ ٻين ڪامياب ست سٽا لکيا آهن. وسيم سومري جي شاعريءَ جو مثال ڏجي ٿو[1]:
- مون ڀڳل ڪاراھ مان چوڙي لڌي،
- منھنجي سوچن جي دريءَ مان اوچتو،
- ريشمي هئي ٻانھن ڪا اڀري پئي،
- ڪيئن چوان، مون سارڪا ڪوڙي لڌي،
- سار: جنھن جي مخملي احساس مان،
- درد جي هئي دانھن ڪا اڀري پئي،
- ريشمي هئي ٻانھن ڪا اڀري پئي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.