سبيتا ديوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سبيتا ديوي
پيدائش Iris Maude Gasper
1914 (1914)
وفات 1998 (aged 83–84)
سلور ووڊ نرسنگ هوم, بيسٽن، نوٽنگهم، انگلينڊ
مدفن ولفورڊ قبرستان ويسٽ برج فورڊ، نوٽنگھم
پيشو ناٽڪڻ (اداڪارڻ)
سَرگَرمُ سالَ سال 1930–کان 1947تائين
جيون ساٿي ڊيوڊ ٽريفور ليوس
ٻار ٻچا 1 نڳو ٻار

سبيتا ديوي (انگريزي ٻولي: Sabita Devi) (سال 1914 کان 1965 تائين)[1] ڀارتي سينيما جي مُنڍ واري دور جي هڪ اداڪارڻ رهي آهي. کيس بالي ووڊ جي شروع وارو زمانو جي ڪجھہ مشهور اداڪارڻين ۾ ڳڻيو ويندو آهي. کيس بيبو، درگا کوٽي، ديويڪا راڻي ۽ سيتا ديوي جهڙين اداڪارڻين جي صف ۾ شامل ڪيو ويندو آهي.[2] هوءَ اصل يهودي هئي پر بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ هن پنهنجو نالو مَٽايو هيو.[3] انهيءَ طرح ٻين اداڪارڻين پڻ ائين ڪيو هيو جهڙوڪ روبي ميئر سلوچنا بڻجي وئي هئي، ريني سمٿ سيتا ديوي بڻجي وئي، بيرل ڪلاسين ماڌوري نالو رکيو هيو ۽ ايرين ڊينيل منورما (اداڪارڻ) نالو رکيو هيو.[4][5] پهرئين هيءَ ڪولڪاتا ۾ ڌيريندر ناٿ گنگولي سان گڏ ڪم ڪندي هئي پوءِ ممبئي ڏانهن منتقل ٿي وئي ۽ ساگر مووي ٽون سان گڏ ڪم ڪرڻ سورع ڪيائين. سندس فلمن۾ ساٿي اداڪار گهڻي ريت موتي لال هوندو هيو. موتي لال سان گڏ سندس ٻہ فلمون: 1935 ۾ ڊاڪٽر مڌوريکا ۽ 1937 ۾ ڪلوڌو مشهور ٿيون هيون.[6] انهن ڏهاڙن ۾ سندس پهرئين فلم 1934 ۾ ڪالا جادو هئي جيڪا موتي لال جي پهرئين فلم پڻ هئي.[7]

گهرڀاتي[سنواريو]

سبيتا ديوي جو جنم هڪ يهودي خاندان ۾ ٿيو هيو. سندس پيءُ پيرسي اوسبورن گيسپر هيو، جنهن جو موت 1938 ۾ بامٻائي (بمبئي، ممبئي) ۾ ٿيو هيو.[8] سندس امڙ هن جي تربيت ڪئي جيڪا پوءِ سندس دوست ۽ ساٿيءَ وانگر بڻجي وئي هئي. سبيتا ديوي جو اصل نالو آئرس موڊي گيسپر هيو.

ڪيريئر[سنواريو]

سبيتا ديوي جي پهرئين ڪامانير آگون (انگريزي نالو: فليمس آف دي فليش) هئي، جنهنکي ڌيريندر ناٿ گنگولي ڪولتڪا 1930 ۾ پروڊيوس ڪيو هيو. هدايتڪاري جا فرض دنيش رنجن داس پاران نڀايا ويا هيا.

1931 ۾ سبيتا اپراڌي (دي ڪلپرٽ) فلم بڻائي جنهن کي ديبڪي بوس لکيو هيو ۽ ڊائريڪٽ ڪيو هيو. ان ۾ سبيتا سميت پي سي بروا ۽ ڀانو بنرجي اداڪاري ڪئي هيئ.

1940 ۾ هن پرٿوي راج ڪپورسان گڏ سجني فلم ٺاهي هئي جيڪا سندس پهريئن سماجي فلم هئي جنهنکي سوداما پڪچرز پروڊيوس ڪيو هيو. انهيءَ سال هن جي چنگاري فلم آئي جنهن ۾ پرٿوي راج ڪپور کانسواءِ سرووتم بادامي پڻ ڪم ڪيو هيو. اها هڪ روماني فلم هئي جنهنکي فلم جرنلسٽ آف انڊيا اعزاز جي لاءِ پڻ نامزد ڪيو ويو هيو.[9]

حوالا[سنواريو]

  1. "Sabita Devi". muvyz.com. Muvyz, Ltd. حاصل ڪيل 1 سيپٽمبر 2015.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  2. Ashok Raj (1 نومبر 2009). Hero Vol.1. Hay House, Inc. pp. 37–. ISBN 978-93-81398-02-9. https://books.google.com/books?id=tgo9BAAAQBAJ&pg=PT37. Retrieved 30 آگسٽ 2015. 
  3. Patel, Baburao (ڊسمبر 1937). "India Has No Stars". Filmindia 3 (8): 5. https://archive.org/stream/filmindia19373803unse#page/n15/mode/2up. Retrieved 2 سيپٽمبر 2015. 
  4. Hymns Ancient & Modern Ltd (اپريل 1982). "Religion Has Shaped Indian Films". ThirdWay. 4. 5. Hymns Ancient & Modern Ltd. pp. 6–. https://books.google.com/books?id=G6ZUFNi6Js8C&pg=PA6. Retrieved 30 آگسٽ 2015. 
  5. The Modern Girl around the World Research Group; Alys Eve Weinbaum; Lynn M. Thomas; Priti Ramamurthy; Uta G. Poiger; Madeleine Yue Dong; Tani E. Barlow (3 ڊسمبر 2008). The Modern Girl Around the World: Consumption, Modernity, and Globalization. Duke University Press. pp. 162–. ISBN 0-8223-8919-3. https://books.google.com/books?id=BxQxkiBqXrsC&pg=PA162. Retrieved 30 آگسٽ 2015. 
  6. Subodh Kapoor (2002). The Indian Encyclopaedia: Meya-National Congress. Cosmo Publications. pp. 4933–. ISBN 978-81-7755-273-7. https://books.google.com/books?id=ncL8Ve9FqNwC&pg=PA4933. Retrieved 30 آگسٽ 2015. 
  7. Gulazāra; Saibal Chatterjee (2003). "Motilal". Encyclopaedia of Hindi Cinema. Popular Prakashan. pp. 615–. ISBN 978-81-7991-066-5. https://books.google.com/books?id=8y8vN9A14nkC&pg=PT615. Retrieved 30 آگسٽ 2015. 
  8. Patel, Baburao (ڊسمبر 1938). "Notes And News". Filmindia 4 (8): 36. https://archive.org/stream/filmindia193804unse#page/n369/mode/2up/search/Sabita. Retrieved 2 سيپٽمبر 2015. 
  9. Patel, Baburao (جون 1940). "Don't Miss These". Filmindia 6 (6): 12. https://archive.org/stream/filmindia194006unse#page/n335/mode/2up. Retrieved 30 آگسٽ 2015. 

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]