سانگ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانگ __(Mime):

سانگ جي معنيٰ اھي ” نقل ڪرڻ“. ارسطوءَ مطابق ڊرامو اصل جي تقليد اھي. رواجي طرح سانگ بابت ماڻھو ڄاڻي ٿو. ھي اھڙو تھ مقبول ۽ مانوس طريقو اھي، جو جڏھن انسان سمجھه لائق ٿئي ٿو، تڏھن کان سانگ شروع ڪري ٿو. دراصل انسان جي سڄي سکيا ’سانگ‘ سان شروع ٿئي ٿي. ’سانگ‘ھوليءَ جي تقريب جو هڪ اھم حصو ھوندو اھي. پر خوشيءَ جي موقعن جھڙوڪ شادين وغيره جي تقريبن ۾ ’سانگ‘ کي اوليت ڏني ويندي آهي. هن رواج ايتري قدر تھ مقبوليت ورتي، جو انھيءَ رواج کي مسلمانن بھ اختيار ڪيو. ’سانگ‘ جي ’ڊرامي‘ واري حيثيت لاءِ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ”مناظرا“ جي مقدمي ۾ لکي ٿو تھ ’سانگ‘ سنڌ جو ڊرامو اھي، جنھن جي شروعات اکاٽي وقت کان ٿي. مڱڻھار، ڀٽ، شيدي ۽ ٻيا خاص حرکتي ۽ ھنرمند گروھھ شادين ۽ محفلن جي موقعن تي سانگ وجھندا ھئا، جنھن ۾ مختلک ڪردارن جا روپ اختيار ڪري، واقعي يا سماجي منظر جي جيئري جاڳندي تصوير پيش ڪندا ھئا. ھنرمند عورتون وري عورتن جي مجلس ۾ سانگ وجھنديون ھيون. اڃا تائين اھي سانگ رچايا وڃن ٿا.“ [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي