سافٽڪور فحش نگاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سافٽڪور فحش نگاري یا سافٽڪور اھڙيون ساڪت تصویرون یا فلمون جن ۾ فحاشي یا شھواني عنصر ھجن پر ھارڊ ڪور فحش نگاريءَ کان جنسي طور تي گھٽ واضح ۽  شدید ھجن۔ اھڙي فحش نگاري جنسي تحريڪ جي لاءِ تخلیق ڪئي ويندي آھي ۽ ان ۾ عموماً اگھاڙيون ۽ اڌ اگھاڙا اداڪار ۽ جنسي منظر ھوندا آھن۔ جنسي عضون جي منظر ڪشي ساڪت تصویرن ۾ وڌيڪ عام آھي ۽ ھي فلم ۽ ٽي وي ۾ به وڌي رھي آھي۔ جنسي عملن جئين جماع ۽ مشت زنيءَ کي رڳو جسماني حرڪتن سان ظاھر ڪيو ويندو آھي پر واضح طور تي ناھي ڏيکايو ويندو۔ سافٽڪور ۾ جنسي عمل جھڙوڪ فرجي ۽ دبري دخول، مھانڏي جماع ۽ انزال واضح طور تي ناھن ڏيکايا ويندا۔ مرداڻي عضو تناسل کي سخت حالت ۾ ڏيکائڻ به منع آھي۔

تجارتي مقصدن جي لاءِ تیار ڪيل فحش نگاريءَ کي شھوت نگاريءَ کان سے مختلف سمجھيو ويندو آھي۔ شھوت نگاريءَ کي فنونِ لطیفہ جي حصہ طور تخلیق ڪيو ويندو آھي۔

سافٽڪور تصویرن ۾ جسم جا اھي حصا جيڪي ان قسم جي فحش نگاريءَ جي لاءِ وڌيڪ واضح سمجھيا وڃن انھن کي ويڙھيل وارن ، ڪپڙن، ھٿم ۽ جسم جي ٻين عضون جي محتاط پوزیشنن، ۽ پیش منظر جي ٻين عنصرن (ٻوٽن یا پردي وغیره) هي محتاط پوزیشنن سان ، یا وري محتاط طریقي سان لڪيل ڪيمرائن جي زاوین سان لڪايو ويندو آھي۔