سارنگ رس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سارنگ رس (Sarang/Pasr Song) شاھ لطيف جي رسالي جو سُر سارنگ، ميگهہ ۽ ملهار ٻوليءَ جي لحاظ کان هڪ ئي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندا آهن. هن سُر ۾ شاھ سائين، مينھن جي مند ۾ قدرت جي رنگ ۽ رونق جو بيان ڪيو آهي. مينھن ساري عالم ۾ آسودگي ٿو آڻي ۽ انهيءَ ڪري الاهي مھر جو نشان آهي: سارنگ کي سارين، ماڙهو، مرگهہ، مينھيون! ”سارنگ“ سنسڪرت ۾ معنيٰ آهي ”مور جي ٻولي.“ ان کان علاوه ”سارنگ“ هڪ راڳڻيءَ جو بہ نالو آهي. سمپورڻ راڳ جي قسمن مان هڪ آهي. هڪ راڳڻيءَ جا سُر حقيقي معلوم ٿيندا آهن. هيءُ راڳ ٻن پھرن جو ڳايو ويندو آهي. شاسترن ۾ هيءُ هڪ ڀلارو راڳ ڄاڻايو ويو آهي. هندي جي مشھور ڊڪشنري ”شبد ساگر“ ۾ سارنگ جي معنيٰ ميگهہ، بادل ۽ کنوڻ پڻ ڄاڻايل آهي. موسيقيءَ جي ماهرن جو چوڻ آهي تہ هن راڳ جي ڳائڻ سان مينھن وسندو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.